دوستو سلام سيتا روڊ سان تعلق رکندڙ دوست جميل عباسي جون مهربانيون جنهن ڪمپيوٽر، هارڊويئر ۽ ونڊوز جي انسٽاليشن بابت سنڌيء ۾ هڪ ڪتاب ڪمپوز ڪري موڪليو آهي۔ هي ڪتاب ڪمپيوٽر سکندڙن لاء ڪار آمد ثابت ٿيندو۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
اسان جو دوست جميل احمد عباسي هڪ انتهائي قابل ۽ محنتي شخص آهي۔۔۔ پنهنجي اک غربت جي ماحول ۾ کولڻ باوجود حوصلو نه هاريائين۔۔۔ پنهنجي محنت سان پنهنجي والدين کي عمر جي آخري حصي ۾ اهي خوشيون پهچايون جنهن جو تصور هر والدين پنهنجي اولاد مان ڪندا آهن۔۔۔ صحافي هجڻ ڪري ملڪي سياست تي سندن گهري نظر آهي۔۔۔ ان کان علاوه مذهبي ڪتابن پڙهڻ سان بي انتها لڳائو اٿن۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ سلامت تي ٿيندڙ مذهبي بحثن ۾ خاص دلچسپي رکندا آهن۔۔ ان سلسلي ۾ دوستن جي ناراضگي يا مخالفت ڪري اڪثر سنڌ سلامت تي ئي جواب لکڻ بجاءِ فون تي يا روبرو پنهنجو رايو پيش ڪندا آهن۔۔۔ سنڌ سلامت تي سندن لکڻيون آرٽيڪل طور موجود آهن۔۔۔ هي ڪتاب سندس لکڻ طرف وک وڌائڻ جو پهريون ڏاڪو آهي۔۔ اميد ته سندس اڻپورا ڪتاب پڻ جلد پورا ٿي سنڌ سلامت جي زينت بڻجندا۔۔
ادا جميل صاحب۔۔۔ آ لعل شهبار ڪامپيوٽر اڪيڊمي دادو جي پرنسپال تحت 8 سال ڪم ڪري چڪو آهيان ۽ توهانجي شهر ۾ رهندڙ منهنجو هڪ پيارو دوست سجاد قريشي به منهنجي ان سٿ ۾ ساڻ هئو۔ توهانجي هي انمول ڪاوش ڏسي ڌاڍي خوشي ٿي ته اسانجي محنت سجائي پئي وڃي۔ رهي ڳالھ توهانجي ڪتاب جي مواد جي ته ادا اهو بهترين آهي پر اڃا به ڌاڍو قيمتي ٿي پوي ها جي توهان ان ۾ نج سنڌي اکرن جو استعمال ڪيو ها ۽ جتي جتي ضرورت هجي ها ان نج اکر اڳيان انگريزي جي اکر جو به استعمال ڪيو ها۔ جيئن پروگرام لفظ جي بدران ”رٿا“ لفظ ڪتب آڻيو ها ته واھ واھ ٿي وڃي ها۔ توهان جو لکيل هي اهم ڪتاب بنيادي درجي وارن ٻارن کي پڙهڻو آهي سو جيڪر ان عمر ۾ ئي اسان پنهنجن گلن جهڙن ٻارن کي پنهنجي مادري ٻولي سيکاريندا سين ته پو اڳتي هلي ڌاري ٻولي سکڻ ۾ کين ڪا به ڏکيائي ڪانه ٿيندي۔ وري به توهان کي جس هجي جو هن نفسانفسي جي دور ۾ به توهان پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي قوم جي خدمت ڪئي۔جنهن لا توهان جا ٿورائتا رهنداسين۔ اميد ڪيان ٿو ته توهان پنهنجي ان قلم جي پورهئي کي ڪڏهن به زنگ لڳڻ نه ڌيندئو ۽ وري وري پيا اهڙا بهترين ليک لکندئو۔۔۔
جميل احمد عباسي وٽ جڏهن مان ۽ عبدالرشيد ملڻ وياسين ته هن ڪتاب بابت ٻڌايو هيو ۽ رشيد کي چيائون ته ميل ڪري ڇڏيندس ته جئين سڀ سنڌي هن ڪتاب مان فائدو وٺي سگهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کيس تمام سٺي سوچ آهي الله کيس ان جو اجر ڏيندو۔۔۔۔۔ تمام بهترين
سجاد قريشي منهنجو به ڳوٺائي آهي۔۔۔ همراه بهترين ڄاڻ ساڻ رکندي درست دڳ کان پري آهي ان ڪري اڪثر مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ورتل رهندو آهي۔۔۔ ساڻس سان موڪلن جي دوران خوب رهاڻيون ٿيندو رهنديون آهن۔۔۔
ادا مان ڪيلفورنيا ۾ آهيان. هتي پروگرامنگ جو اسڪوپ اآهي. ڪو اهڙو ڪم ڪجي جنهن سان پروگرامرس ۽ ماهر ماڻهو اڱتي اچن.