سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو سنڌ سلامت فورم جي پهرين سالگره 15 اپريل تي ملهائي پئي وڃي۔۔۔۔
    هوئن ته ڪو ڏڻ ملهائڻ بابت هر ماڻهون جا پنهنجا پنهنجا نظريا هوندا پر سنڌ سلامت جي سالگره کي ان ڪري ملهائڻ جو سوچجي ٿو ته جيئن فورم کي شهرت ڏئي اصل مقصد طرف قدم وڌائجي۔۔۔ جيڪڏهن توهان مان ڪو اردو فورمن ڏانهن ڦيرو ڀريندڙ هجي ته اتي يقينن هن مختلف پروجيڪٽن تي کين ڪم ڪندي ڏٺو هوندو ۔۔۔۔ انهن پروجيڪٽن ذريعي هو اردو زبان کي هٿي وٺرائڻ ۾ رڌل رهندا آهن۔۔۔ اردو فورم تي توهان والنٽيئر طور ڪم ڪرڻ لاءِ به ڪافي ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل ماڻهون نظر ايندا هوندا جيڪي مختلف پروجيڪٽن تي گڏجي ڪم ڪندا هوندا۔۔۔ جهڙوڪ ڪنهن سافٽويئر جو اردو ترجمو ڪرڻ، بهتر کان بهتر اردو فونٽس تيار ڪرڻ، قرآن مجيد جو ترجمو، اردو ڪمپيوٽنگ ۽ مختلف اردو ڪتابن کي ڊجيٽلائيزيشن ڪرڻ وغيره۔۔۔۔ جتي ڄاڻو ماڻهون انهن پروجيڪٽن تي محنت جاري رکندا اچن ٿا اتي ٽيڪنيڪل ڄاڻ نه رکندڙ وري انهن کي سپورٽ ڏيڻ لاءِ مالي سهائتا ڏيندا رهن ٿا۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو اهڙن فورم تي ڊونيٽ ڏيڻ لاءِ بٽڻ کي مکيه صفحي تي رکيو ويندو آهي۔۔۔۔
    اسان سنڌي لاءِ ڪم ڪرڻ جو ذميدار صرف گورنمينٽ جي ادارن کي سمجهندا آهيون۔۔۔ اهڙن ادارن جا سربراه ڪنهن سيمينار تي لک لٽائي هٿ هٿ تي رکي ويهندا آهن۔۔۔ ۽ وري حڪومت جي تبديلي کان پوءِ ادارن جا سربراه ئي مٽيو وڃن۔۔۔ جنهن کان پوءِ ٻيهر سيمينار ۽ هٿ تي هٿ رکڻ۔۔۔
    ٺيڪ آهي ته اسان ڪو ادارو ناهيون پر اسان وٽ ٽيڪنيڪل ماڻهون آهن ۽ وڌيڪ ماڻهن جي ضرورت آهي جنهن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ جنهن کان پوءِ عملي قدم کڻي سگهجي ٿو۔۔۔۔
    ان سلسلي ۾ پهريون قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو اٿم جنهن ۾ توهان جي ڀرپور ساٿ ۽ مشوري جي ضرورت آهي۔۔۔۔ پروجيڪٽ ڪجهه هن طرح آهي ته سال 2010 جو هڪ اهڙو ڪيلينڊر ٺهرائجي جنهن ۾ سنڌ ۾ ملهائيندڙ قومي ڏينهن کي اجاگر ڪيو وڃي ۔۔۔ اهو هڪ منفرد منصوبو آهي۔۔۔ اهڙو ڪم شايد پهريون نه ٿيو آهي۔۔۔ پروجيڪٽ مطابق هڪ سادو ڪيلينڊر جنهن تي سنڌ سلامت لوگو ۽ مونوگرام کي سجائڻ کان سواءِ سنڌ جي مختلف شخصيتن کي ڊرائينگ پينٽ جي صورت ۾ ۽ مختلف قومي ۽ ثقافتي ڏينهن کي سندن خاص نشانين سان هڪ پاٺي نما پيپر تي سجائجي ۔۔۔ جينهن جي هيٺان ڪيلنڊر جي مهينن جا پنا جيڪي مهيني ۾ موجود قومي ڏينهن جي نشاندهي پڻ ڪندا لڳل هوندا۔۔۔ هڪ محتاط اندازي مطابق اهڙي پروجيڪٽ تي 5000 روپيه خرچ ٿيندو جڏهن ته سادي ڪيلينڊر هجڻ ڪري سندس قيمت صرف 20 روپيه رکي ويندي۔۔ هاڻي فورم تي موجود رڪنن ۽ والنٽيئرز دوستن کي ذميداري ڏني ويندي ته اهي هن ڪيلنڊر کي سيل ڪن ۔۔۔۔ اهڙي نموني انهن دوستن ۽ همدردن کي موقعو پڻ ملندو جيڪي سنڌ سلامت جي مالي سهائتا ڪرڻ چاهين ٿا۔۔۔
    هن پروجيڪٽ جا فائدا۔۔۔
    سنڌ سلامت جي مشن ”سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار“ لاءِ پهريون قدم۔۔۔
    سنڌ سلامت جي لاءِ هڪ منظم اشتهار جنهن سان ڪافي ٽيڪنيڪل ۽ ادبي دوست وڌي سگهن ٿا۔۔۔
    سنڌ سلامت طرفان سنڌ ۽ سنڌي شخصيتن کي ڀيٽا ۽ سلام۔۔۔
    قومي ڏينهن ۾ سنڌ سلامت کي شامل ٿيڻ جو نعرو۔۔۔
    سنڌ سلامت جو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ پنهنجي سالگره تي پهريون پروجيڪٽ ۔۔۔۔
    ان کانسواءِ انيڪ فائدن سان گڏو گڏ سنڌ سلامت جي سالگره تي ايندڙ خرچ کي هٿي ڏيندڙ رقم حاصل ڪري سگهجي ٿي۔۔۔۔
    توهان ڇا ٿا چئو پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪريو ته پروجيڪٽ جو اصل خاڪو تيار ڪري سگهجي۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    ڀائڙا رشيد! اوهانجي سڀني ڳالهين سان متفق ٿيندي اصل ڳالهه تي اچبو ته اهو سنڌي ڏهاڙن وارو سالانه ڪئلينڊر وارو منصوبو انتهائي سٺو ۽ پر اثر آهي ۔۔۔(ڪجه سال اڳ ياد ناهي ڪهڙي تنظيم پاران اهو ڏهاڙن وارو ڪارڊ ڇپرايو ويو هو، پر مون سائين شمشير جي گهر ڏٺو ضرور هو) ۔۔۔

    وڌيڪ اوهانجي خيال سان موافقت ڪندي اهو چئبو ته ان سان ممڪن حد تائين سنڌ سلامت جي هن فورم کي گهڻ پاسائون فائدو رسندو ۔۔۔ سنڌي ٻولي ۽ تاريخ جي خدمت ٿيندي، سنڌ سلامت جي مشهوري ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو ۽ سڄاڻ دوستن ۽ ميمبرن جي لسٽ ۾ ڪنهن حد تائين اضافو ٿيندو

    باقي مون کي دوست جنهن به ساهتا ڪرڻ جو حڪم ڪندا ته ۔۔۔ حاضر دل ۽ جان سان ڪبي ۔۔۔

    دعائن ۾ گڏ ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    سائين هي عاجز به سنگت سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ لاء حاضر آهي پر وقت جي ڪمي سبب ڪجهه رعايت جو طلبگار آهيان اوهان کي ته منهنجي حال جي پوري خبر آهي۔ بهرحال سهڪار لاء هر ممڪن ڪوشش ڪبي وڌيڪ الله تعالي مدد ڪندو۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪڏهن وڏي سائيز جي فائيل کي ٽڪڙن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔

    نوٽ: هن پروجيڪٽ بابت ادا اسد کي پنهنجي تحرير پي ايم ڪئي هئي سندس جواب حاضر آهي۔۔۔ رشيد سمون

    سائين رشيد سمون صاحب ۽ ٻيا معزز انتظاميه جا ميمبر۔۔۔
    اسان توهان سان هر ڳالهه ۾ گڏ آهيون ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ لاءِ تيار آهيون۔۔۔ سائين رشيد صاحب جي ڳالهه صحيح آهي ته سنڌي ٻولي کي هٿي وٺرائڻ صرف سرڪاري ادارن جو ڪم نه آهي۔۔ سنڌي هجڻ جي ناتي سان اسان جو ڪجهه نه ڪجهه فرض ضرور بڻجي ٿو۔۔ اسان جي هن پياري فورم کي قائم ڪري جيڪو قدم اوهان دوستن کنيو آهي، انهيءَ جي پٺڀرائي هر اهو دوست ڪري ٿو، جيڪو هينئر تائين هن فورم تي مهمان يا رڪن جي صورت ۾ آيو آهي۔۔
    هاڻي اسان کي بلڪل انهيءَ سلسلي ۾ عملي قدم به کڻڻ گهرجن ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جو پرچار انٽرنيٽ تي ته ٿي سگهي پر اسان جو هي فورم هڪ مضبوط اداري جي صورت وٺي سگهي، ۽ اهڙو ادارو قائم ڪرڻ لاءِ پراجيڪٽس ڪرڻ بنهه ضروري آهي۔ ڇو ته پراجيڪٽس جي ذريعي اسان کي پنهنجي دم خم جي به خبر پوندي ته اسان ۾ ڪيتري قابليت آهي ۽ انهيءَ قابليت ۽ حاصل ٿيندڙ نتيجن جي بنياد تي اسان اڳتي لاءِ پنهنجو لائحه عمل تيار ڪري سگهنداسين۔
    ٻيو ته اهڙي پراجيڪٽس جي ذريعي ڪجهه آمدني حاصل ڪري، اسان پنهنجي هن مرڪز کي مضبوط ڪري سگهون ٿا۔۔۔
    سنڌ سلامت جي تشهير جو به بهترين ذريعو ملي ويندو، اسان ادبي حلقن ۾ انهيءَ ڪلينڊرن کي عام ڪري ، سائين جي ڳالهه وانگر ڪيترن ئي نون قابل دوستن کي هن فورم تي اچڻ جو سبب بڻائي سگهون ٿا۔
    سائين اسان هر حال ۾ توهان سان گڏ آهيون۔۔۔ ادو ابو واصف ته پرنٽ انڊسٽري جو واقف ڪار ماڻهو آهي، ۽ مان به پنهنجي وس آهر هن پراجيڪٽ تي اوهان جي حڪم جو انتظار ڪري رهيو آهيان۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    سنگت کي ٻڌائيندو هلان ته پنهنجا به ساڳيو رايو آهي


    ادا رشيد توهان جي سٺي ڪوشش آهي


    هر لحاظ کان

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    هن پروجيڪٽ بابت ادا ابوزين کي پڻ آگاهه ڪيو ويو۔۔۔۔ جن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪجهه هن طرح ڪيو۔۔۔۔

    مهرباني ڀاءُ رشيد، توهان هن ناچيز کي ايترو مان ڏنو، توهان جا لک ٿورا. رب سائين توهان کي خوش رکي.

    توهان سنڌ سلامت جو پهريون پروجيڪٽ متعارف ڪرائي و.،ي جو ثبوت ڏنو آهي. انهيءَ حوالي سان ڪجهه صلاح مشورا عرض ڪجن ٿا:

    جيئن ته سنڌ سلامت جو هي پهريون پروجيڪٽ آهي، انهيءَ ڪري ابتدائي طور تي في الحال صرف 500 ڪيلينڊر ڇپرايا وڃن ۽ اڳواٽ قيمت مقرر ڪرڻ بجاءِ خرچ جو تخمينو لڳايو وڃي، انهيءَ کان پوءِ ئي ڪيلينڊر جي قيمت مقرر ڪئي وڃي.
    گهٽ ۾ گهٽ ڏهه (10) والنٽيئرز مقرر ڪيا وڃن. جن مان هرهڪ کي 50 ڪيلينڊر حوالي ڪيا وڃن. هر والنٽيئر وري پنهنجا گهٽ ۾ گهٽ 5 ميمبر تلاش ڪندو. جن مان هر هڪ کان ڪيلينڊر جي رکيل قيمت مطابق 10 ڪلينيڊرن جي قيمت وصول ڪندو.

    اردو فورمن جي حوالي سان ڳالهه ڪندو هلان ته اتي ڪنهن به پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ هڪڙي ٽيم ٺاهي ويندي آهي ۽ هڪڙو ٽيم ليڊر پڻ مقرر ڪيو ويندو آهي، جيڪو انهيءَ پروجيڪٽ جي نگراني ڪندو آهي. اهوئي سبب آهي جو انهن جا گهڻا پروجيڪٽ پايه تڪميل تي پهچي چڪا آهن.
    هينئر به انڊو-پاڪ رسم قرآن پاڪ تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ هن حقير کي پڻ ٿورو گهڻو ڪم حوالي ڪيو ويو آهي.

    بهرحال آئون پاڻ تي 50 ڪيلينڊر ورهائڻ جي ذميداري کڻان ٿو. وڌيڪ توهان جيئن حڪم ڪندا، انهيءَ مطابق قدم کڻبو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    هن پروجيڪٽ مطعلق ادا ابو واصف کي به ان ڪري ٻڌايو ويو ته پاڻ سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ ڪم ڪندا آهن ۔۔۔ ۽ کين سنڌي ڏڻن جي ڄاڻ هوندي ۔۔۔۔ ان کانسواءِ ادا هڪ اخبار ۾ پڻ ڪم ڪندا آهن جنهن ڪري پرنٽنگ جي خرچ جو اندازو هوندن۔۔۔


    سائين منهنجا خوش هجو شال!
    اوهان جا وڏا وڙ جو اسان کي اهڙو ماناتئو ڪيو اٿوَ. واقعي به منهنجي مصروفيت ايتري گهڻي آهي جو سنڌ سلامت کي مناسب ٽائيم نٿو ڏئي سگهان. پر تنهن هوندي به هڪ سنڌيءَ جي ناتي اوهان کي پنهنجي فيلڊ جي حساب سان مناسب راءِ ڏيڻ جو فرض سمجهان ٿو. سال 2010 جي ڪئلينڊر جي باري ۾ اوهان جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، سچ پڇو ته انتهائي سُٺي ڳالهه آهي.

    ادا منهنجا! ڇپائيءَ جي باري اوهان جيڪو 5000 رپين جي خرچ جو ڪاٿو ڏنو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ منهنجي راءِ اها آهي ته ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ الڳ الڳ ڪاغذ ايندا آهن، مثال جي طور تي 17x27, 18x23, 20x30, 23x33 وغيره. ان حساب سان هر پيپر جي ۾ وري ڪوالٽيءَ جو فرق پڻ ٿئي ٿو، جنهن حساب سان خرچ پڻ الڳ ٿيندو آهي. ممڪن آهي ته اوهان جنهن کان ڪاٿو لڳرايو هجي ته ان ۾ پيپر جي ڪوالٽي گهٽ قسم جي هجي، يا وري ان جي سائيز ننڍي هجي. اوهان جيڪا مون کي ڪئلينڊر ڊزائن ڪرڻ جي ذميواري سونپي آهي، مون ان جي سائيز 18x23 واري پيپر جي رکي آهي، جنهن ۾ مٿان پَٽي پڻ لڳندي.

    ٻي هڪ ڳالهه ته پرنٽنگ جي مارڪيٽ ۾ آئي ڏينهن پيپر جي قيمتن ۾ واڌ ۽ لاٿ ايندي رهي ٿي. اوهان کي چڱيءَ طرح ياد هوندو ته تازو ڪراچيءَ جي پيپر مارڪيٽنگ کي باهه ڏني وئي هئي، جنهن کان پوءِ هينئر پيپر جي قيمتن ۾ پڻ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ٿي آهي. اهي ۽ ان قسم جون ٻيون ڳالهيون پڻ سامهون رکجن ته بهتر آهي. ان سلسلي ۾ وڌيڪ راءِ ادي ڄامشوراڻي کان پڻ وٺي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته هو پڻ پرنٽنگ جي اصولن کان چڱيءَ ريت واقف آهي. هونئن مون پنهنجي طور تي جيڪو ڇپائيءَ جوڪاٿو لڳرايو آهي، ان جو خرچ 10000 (ڏهه هزار رپيا) جي لڳ ڀڳ بيهي ٿو. پر اهو ڪاٿو حيدرآباد جي مارڪيٽ جو آهي. ڪراچيءَ جي مارڪيٽ ممڪن آهي ته ان کان سستي هجي، ڇاڪاڻ ته هتان جا پرنٽر معياري ڇپائيءَ لاءِ ڪراچي ايندا آهن، جنهن ۾ هو پنهنجا ڀاڙا ڀُتا، ماني ٽِڪي وغيره جو حساب پڻ شامل ڪندا آهن. انهيءَ ڪري پهرين ڪئلينڊر جي ڊزائين ٺهي مڪمل ٿئي، پوءِ ان کي مارڪيٽ ۾ پيش ڪجي ته هيءَ شيءِ آهي، جيڪا اسان کي ڇپائڻي آهي، ان کان پوءِ ئي صحيح ريٽ جي خبر پئجي سگهندي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    مٺا دوست رشيد،
    حق موجود،
    ادا سائين ٻنهي بلڪه سڀني دوستن جون ڳالهيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وزنائتيون آهن ۔۔۔ ادي ابو زين چواڻي ته باقاعدي منظم طريقي سان ڪم ٿيڻ سان ڪم آسان به ٿيندو ۽ جلد به ٿيندو، مطلب ته ڪجهه ويجهڙائي ۾ سٺن ڄاڻو دوستن جو هڪ پينل ٺاهي ڪم شروع ڪبو ته آساني ٿيندي ۔۔۔ دوستن جي راين کي مان ڏيندا ۽ ڪم کي اڳتي وڌائيندا ۔۔۔ آءُ اوهانجي ويجهو نآهيان نه ته ساٿ سٺو نڀائجي ها ۔۔۔
    ٻيو اوهان ڪراچيءَ ۾ جنهن جاءِ تي ويٺا آهيو، ان جاءِ جي ويجهڙائيءَ ۾ پاڪستاني چوڪ وٽ ڪافي پرنٽنگ جو ڪم ٿئي ٿو پاڻ وڃي چڪر هڻو اگهه معلوم ڪيو ۔۔۔

    سڀ کان اول ته پنهنجي ضرورت آهر ڪئلينڊر جو خاڪو تيار ڪيو گهربل معلومات (ڏهاڙن جي) سهيڙيو ۽ پوءِ مارڪيٽ ۾ وڃي اگهه معلوم ڪري بسم الله ڪريو ۔۔۔

    پئسن جي باري ۾ جيترا اوهان دوستن کان ٿي سگهن ۽ جيترا مونکي چوندا ته آءُ موڪلي ڏياريندس، فڪر نه ڪندا، بس ڪم ۾ هٿ وڌو اٿوَ ته ان کي پورو ڪيو ۔۔۔ مون لئه ٻيو به ڪوحڪم هجي ته، آءُ حاضر آهيان

    الله اوهانجو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    سائين عبدالرشيد سائين نثار جن جي ڳالهه درست آهي پهريائين خاڪو تيار ڪيو پوء دوستن کي ڪم لاء سليڪٽ ڪيو هتي مورو ۾ ادا مظهر وارا به پريس جو ڪم ڪن ٿا ليڪن اهي به حيدرآباد مان فور ڪلر جو ڪم ڪرائيندا آهن ليڪن انهن کي خبر آهي ته ڪهڙو ڪم ڪيتري ۾ ٿيندو ان ڪري پهريائين خاڪو هجي ته ڪنهن کي ڏيکاري مشورو پڇجي هاڻي تازو مان حيدرآباد ۾ مدرسي جون سندون ڇپرايون 45 سو روپيا خرچ ٿيو ليڪن جڏهن مظهر سان ڳالهه ڪيم ته ان چيو ته اهو ڪم 22 سو روپئي ۾ ٿي ويندو توهان مونکي ٻڌايو ها بهرحال پهريائين ڊزائين وغيره تيار ڪري پوء پيپر وغيره لاء دوستن سان مشورو ڪبو ڪافي دوست فورم تي به پريس لائين سان وابسته آهن سڀني جي مشوري سان انشآء الله ڪم بهتر ٿيندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    هن پروجيڪٽ بابت تحرير کي موڪليندي اڄ چوٿون ڏينهن آهي۔۔۔ پر سائين نثار ناز، ادا علي علي ۽ ادا وهاب قمبراڻي سان گڏ سنڌ سلامت جي ٻانهن ٻيلي محترم عامر ضياء چارڻ پنهنجي راءِ نه موڪلي آهي۔۔۔ ان ڪري پروجيڪٽ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ کان گهٻرايان پيو۔۔۔
    پر جيئن ته سموري سنگت هن پروجيڪٽ کي سٺو قدم ڪوٺيو آهي ان ڪري ان ڳالهه مٿين ساٿين کان به ڪمزور اميد رکجي ٿي۔۔۔ جنهن کان پوءِ عرض آهي ته۔۔۔

    سمورن دوستن جن پنهنجا رايا موڪليا جو انتهائي مشڪور آهيان ته منهنجي هن خيال جي حمايت ڪئي۔۔۔ توهان جي اهڙن جذبن کي ڏسي منهنجو خون به ٻهڪي رهيو آهي ۔۔۔ پاڻ تي ۽ سنڌ سلامت تي فخر جو احساس به ٿي رهيو آهي ته هن پليٽ فارم کي ٺاهي ڪجهه وڃايو نه اٿم بلڪه اهڙا قابلِ قدر ساٿي هٿ ڪيا اٿم۔۔۔۔۔
    سڀني دوستن جي دڳ ڏسڻ کان پوءِ هن پروجيڪٽ جو انچارج ادا اسدالله ڀٽو المعروف ادا ابو واصف کي جڏهن ته سب انچارج ادا اسد علي ميرجت المعروف مست ڄامشورائي کي مقرر ڪجي ٿو۔۔۔

    ادا ابو واصف کي هيٺين ذميداري سونپي وڃي ٿي۔۔۔
    سنڌ سلامت ڪيلينڊر جو خاڪو يا ڊزائين کي تيار ڪرڻ۔۔۔
    سنڌ سلامت ڪيلينڊر جي سائيز، پيپر ۽ پرنؓٽنگ جي سموري خرچ جو ڪاٿو لڳائڻ ( ان سلسلي ۾ کين سائين رحيم بخش ۽ ادا مظهر سومرو سميت ادا مست سان مشورو ڪرڻ جي پڻ گذارش ڪجي ٿي۔۔۔ جيڪڏهن ڪراچي مارڪيٽ ۾ موجود دڪاندارن کان ريٽ يا ڪاٿو لڳائڻ ۾ مون کان مدد گهرجي ته ڪراچي ۾ هجڻ ڪري مان مدد ڪري سگهندس۔۔۔)
    سنڌي ڏڻ ۽ سنڌي شخصيتن جي ڏينهن سميت مختلف قومي ڏينهن جي ڊيٽا کي سهيڙڻ۔۔۔۔۔( ان سلسلي ۾ محترم سائين نثار ناز ۽ سائين نثار ابڙو سميت ۔۔۔۔ سڀني ساٿين کي گذارش ڪجي ٿي ته هن موضوع ۾ يا ذاتي پيغام وسيلي ادا ابو واصف کي جيڪا معلومات ٿي سگهي موڪلين۔۔۔۔ ادا ابوواصف کي گذارش آهي ته سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ موجود مواد کان به مدد حاصل ڪن۔۔۔۔۔ ان سلسلي ۾ ادا ابوزين پڻ مددگار ثابت ٿيندا۔۔۔۔)

    پروجيڪٽ جي تڪميل لاءِ تاريخ 20 فيبروري رکجي ٿي۔۔۔ ان لاءِ بهتر رهندو ته جنوري جي 31 تاريخ تائين ڪيلنڊر جو خاڪو ۽ ڊيزائين مڪمل ٿي وڃي ۔۔۔۔ (ادا مست کي عرض ڪجي ٿو ته ٽيم ويوئر کي استعمال ڪرڻ کانسواءِ ٿي سگهي ته ادا ابو واصف سان ميٽنگ رکي ڊيزائنگ جو حتمي خاڪو تيار ڪن ۔۔۔۔ جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ناچيز خود به فون ذريعي رابطي ۾ هوندو ۔۔۔ ۽ ضرورت پوڻ تي حيدرآباد اچڻ لاءِ به تيار آهي۔۔۔)

    هڪ دفعو ٻيهر سمورن دوستن کي گذارش ٿي ڪجي ته ڏن ۽ ڏيهاڙن بابت جيڪا معلومات توهان وٽ موجود آهي اها ذاتي پيغآم يا وري تحرير جي صورت ۾ جلد از جلد موڪلين ۔۔۔ ان دوران ادا ابوواصف ۽ مست پروجيٽ جي ڊزائيننگ ۽ ڪاٿو مڪمل ڪري وٺن۔۔۔۔ جنهن کان پوءِ مڪمل اندازو لڳائي سگهبو ته ٽوٽل خرچو ڪيترو ٿو اچي ۽ ان خرچي ۾ ڪيترا ڪيلينڊر تيار ٿيندا۔۔۔ جنهن کان پوءِ سڀ کان پهريان والنٽيئرز کي سڏيو ويندو ۽ ان کانسوءِ ٻين رڪنن کي پڻ حصو اٽڪائيڻ لاءِ درخواست ڪئي ويندي۔۔۔۔

    هن سموري پروجيڪٽ جي نگراني لاءِ مان محترم نثار ناز کي پڻ درخواست ڪندس خصوصن فنانشلي ميٽرس ۔۔۔۔ ڇو ته پاڻ بينڪنگ ۽ فناننشل سيڪٽر۾ نوڪري ڪرڻ جو خاص تجربو رکن ٿا۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    دوستو، توهان کي جس هُجي ته دنيا جي بهترين اصولن مان هڪ اصول جي پاسداري ڪندي پنهنجي هن محبتي اڱڻ کي خوبصورت ، پائيدار، هر دلعزيز ، بنائڻ لاءِ جتن ڪيو پيا، دوستو، سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ڪرڻ جا ڪافي سارا گس ، راهون ۽ پيچرا آهن، ڪيلينڊر به انهي پرچاريت جو هڪڙو ننڍڙو مگر پُر وقار پيچرو آهي، ڪيلينڊر ڀلي اچي پر ان کي صرف سنڌ سلامت جي تشهير ڪرڻ جو ذريعو بنايو ۽ سمجهيو وڃي، نه ڪا سنڌ سلامت پروڊڪشن جي وڪرو ٿيندڙ سوکڙي، جيڪڏهن ڪيلينڊر ۽ سالگره جو بجٽ رکيو وڃي ته ان جو بار وري به هر حال ۾ پنهنجي سنڌ سلامت جي محبتي دوستن جي کيسن تي رکيو وڃي، اسان جا ميمبر ڪافي سارا دوست اهڙا به آهن جيڪي اڪيلي سر ڪيلينڊر جي ڇپائي جو بار کڻي سگهن ٿا، پر ان هوندي به جيڪڏهن في ميمبر يا انتظامي عهديدار سنڌ سلامت کي اڳ کان اڳرو ۽ سوڀارو بنائڻ ٿو چاهي ته پنهنجي کيسي مان صرف پنج پنج سئو روپيا ڏي ته ته به اهي ڏهه هزار يا پندرهن هزار ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي......... ان سلسلي ۾ مان هڪ هزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿو......... ان کان علاوه منهنجي هڪڙي ننڍڙي راءِ اها به آهي ته سنڌ سلامت جي سالگره جي موقعي تي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ سلامت جي مونو گرام سان ٽي شيلڊون تيار ڪرايون وڃن ۽ هينئر کان ئي سنڌ سلامت جي ميمبر جي ووٽ ذريعي سنڌ سلامت جي ٽن محنتي ميمبرن کي ڏيڻ جو ذڪر ڪيو وڃي... يادرکيو وڃي ته مونکي انهي ءَ شيلڊ واري انعام ڏيڻ واري ڊوڙ مان ٻاهر رکيو وڃي.... باقي سالگره جو هنڌ جتي به مقرر ڪيو ويندو مان خوشيءَ سان ان جاءِ تي شرڪت ڪندس...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    دوست رشيد، اوهانجي ان عمل سان ڪافي ڳالهه واضح ٿي ويندي ته ڪهڙي شئي تيار ٿئي ٿي ۽ ڪيتري لاڳت ٿيندي ... وغيره ... اميد ته اسين سڀ دوست ان ڪم کي جلد اڪلائي پاڻ ملهائينداسون ...

    اڄ سائين نثار ناز جيڪي ڳالهيون لکيون آهن انهن ۾ اهم ڳالهه جيئن مون سمجهيو آهي ته ”ڪيلينڊر“ سنڌ سلامت پاران هڪ تحفو هجي نه ڪي کپائڻ لئه هجي ...

    ادي نثار ناز جي اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي اهم آهي ڇاڪاڻ جو ڪجهه ادارا يا تنظيمون پنهنجي تشهير لئه اهڙا قدم کڻنديون آهن پر جيئن آءُ سمجهان ٿو ته اهي تنظيمون يا ادارا ڪمائو يا رفاحي هوندا آهن ۽ پويان کين پئسن ڏيڻ وارا موجود هوندا آهن ان ڪري پنهنجي تشهير تي پڻ خرچ ڪندا آهن پر جيئن ته هي (سنڌ سلامت) مڪمل اڻ ڪمائو ادارو آهي انڪري جي ممڪن ٿي سگهي ته ڪئلينڊر ” نه فائدو نه نقصان “ جي بنياد تي قيمت رکي هلايو وڃي جنهن سان ڪنهن به دوست جي کيسي تي بار نه ٿيندو ... باقي جيڪڏهن دوستن جي راءِ تحفي طور ڏيڻ جو ارادو ٿي وڃي ته به اسين حاضر آهيون ۽ پنهنجي وس آهر خذمت ڪرڻ لئه به تيار آهيون ... (حڪم جي دير آهي)

    ڪئلينڊر ”نه فائدو نه نقصان“ جي بنياد تي هوندو ته انجي نوعيت ڇپائي ۽ ڪاغذ به اهڙو هوندو ۽ جي وري تحفي طور هوندو ته پوءِ انجي نوعيت ڪجهه مختلف ٿيندي ...

    مثلن؛
    1. جي کپائڻ لئه هوندو ته معيار سٺو ۽ تعداد محدود هوندو جو جيترو کپي سگهي ۽ جيترو بجيٽ اجازت ڏئي ۽ دوست انجو ذمو کڻي سگهن ... ۽ ؛ ڀت لئه ڪئلينڊر ٻارهن پنن جو ٻارهن مهينن سان ۽ هر مهيني ۾ سنڌي ڏهاڙن سان به ٿي سگهي ٿو ... يا وري ڇهن پنن سان هر پني تي ٻه مهينا ۽ انهن مهينن ۾ ايندڙ ڏهاڙن سان به ٿي سگهي ٿو يا اڃان وري هڪ پني تي ٻارنهن مهينن سان به ٿي سگهي ٿو، يا وري اڃان ٽي وڪڙي ڪاغذ جي ٻنهي پاسن تي به ٿي سگهي ٿو جيڪو ٽيبلن تي گهرن ۾ يا آفيسن ۾ استعمال لئه ٿي سگهي ٿو ... وغيره وغيره
    2. جي تحفي طور هوندو ته انجو معيار کڻي ڪهڙو به هجي؛ هر ڪنهن کي قبول هوندو ... انجا وري ڪيترائي قسم ٿي سگهنٿا ... مثلن جيئن مٿي وارو ڪئلينڊر ٻڌايو اٿم ايئن به ٿي سگهي ٿو ۽ انکان علاوه جيئن ڪو کيسي وارو ڪارڊ ڪئلينڊر ٿيندو آهي يا وري ٽي وڪڙي ڪارڊ جنهنجي ٻنهي پاسن تي ڪئلينڊر به هجي ته ڏهاڙن جي معلومات به ته وري سنڌ سلامت جي معلومات پڻ ... کيسي جيتري ڪارڊ جي خوبي اها هوندي آهي ته هر ماڻهون کيسي ۾ وجهي هلي سگهي ٿو ... يا وري هڪ اي 4 جي پني تي به ٿي سگهي ٿو ...
    ( ڪجهه ڪارڊن جا ڦوٽو ڳنڍيل ڏسندا)
    3. مطلب ته ٿورڙي سوچ ويچار سان دوستن سان ڪا گڏجاڻي ڪري يا فون ڪانفرنس ڪري معاملو اڪلائيندا ته بهتر ٿيندو ...
    4. باقي ڏهاڙن لئه منهنجي خيال ۾ ته ڪجهه مناسب ۽ سڄي قوم کي پسند ايندڙ ڏهاڙا شامل ڪجن ته جيئن هروڀرو گهڻ به نه هجي ۽ مناسب قومي ڏينهن شامل هجن ...
    مثلن؛
    سياسي؛ ذالفقار ڀٽو ( مرڻ/ڄمڻ ڏينهن) ... جي ايم سيد ( مرڻ/ڄمڻ ڏينهن) ... بينظير ڀٽو ( مرڻ/ڄمڻ ڏينهن) ... حيدر بخش جتوئيءَ ( مرڻ/ڄمڻ ڏينهن) وغيره

    ثقافتي؛ شاه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي عرس جو ڏهاڙو ... سچل سرمست جي عرس جو ڏهاڙو، قلندر شهباز جي عرس جو ڏهاڙو ۽ تازو ملهايل ٽوپي ڏينهن پڻ شامل ڪري سگهجي ٿو ... وغيره

    مذهبي؛ رمضان جي عيد، حج جي عيد، رسول اڪرم جي ڄم جو ڏهاڙو ۽ جي ڪو ٻيو مناسب هجي ته؛

    قومي جدوجهد جو ڏهاڙو؛ 4 مارچ (شاگردن جي جدوجهد ون يونٽ جي خلاف) يا وري ٽوڙهي ڦاٽڪ جو ڏهاڙو ( جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن کي شهيد ڪيو ويو هو) وغيره ...

    چوڻ جو مطلب ته مناسب ۽ مختصر ڏهاڙا منتخب ڪجن، وڌيڪ سائين شمشير يا ڪنهن قومي اديب سان رابطو ڪري هڪ گڏجاڻي رکي معاملو اڪلائي سگهجي ٿو ...

    اي 4 يا اي 3 گلاسي پني تي ڪئلينڊر
    [​IMG]
    ٽه تهي پني تي ڪئلينڊر به ٿي سگهي ٿو
    [​IMG]
    کيسي جي سائيز جيترو به ٿي سگهي ٿو
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    ادا مست جو جواب

    وعليڪم السلام منتظمين ۔۔۔
    ادا رشيد توهان اسان تي جيڪو ڀروسو ظاهر ڪيو آهي انشاءَ الله ان تي پورو لهبو ۽ اڄ (سومر 25 جنوري) تي ادي ابو واصف سان حيدرآباد وڃي ملاقات ڪبي ۽ ان باري ۾ وڌيڪ لائحه عمل جوڙينداسين۔۔ مان پيپر جي قيمتن جي هڪ لسٽ اڳئي ادي ابوواصف جي حوالي ڪري چڪو آهيان پر ادي جي ڳالهه وانگر هينئر بولٽن مارڪيٽ جي سڙڻ کان پوءِ انهن ۾ وڌيڪ اضافو وقت جي حساب سان ٿي رهيو آهي۔۔۔ صرف ٻن هفتن ۾ 23 ضربيان 36 جي هڪ پوري رِم جي قيمت ۾ گهٽ ۾ گهٽ 200 رپيا چاڙهو آيو آهي۔۔۔
    وڌيڪ اوهان کي تفصيلي جواب ادي ابوواصف سان ملاقات بعد ڏبو۔۔۔
    والسلام
    اسد علي ميرجت (مست ڄامشورائي)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    سائين رشيد سمون صاحب
    توهان تمام سٺي پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ پڻ چيو، مان توهان سان اِن پروجيڪٽ ۾ گڏ آهيان
    توهان جيڪي ذميواري دوستن کي ڏني آهي اميد آهي ته دوست اِها ذميواري ضرور نڀائيندا، مان پڻ توهان سان گڏ آهيان۔
    ادا رشيد
    توهان خرچ ۾ بلڪل نه ڪيٻائجو بلڪي اسان توهان کي خرچ ڪرڻ به نه ڏينداسين، ڇو جو توهان پهريان تمام گهڻو خرچ برداشت ڪري چڪا آهيو ۽ اِهو سان کي مناسب نه ٿو لڳي، ادا ڪڏهن اسان کي به موقعو ڏيندا ڪريو۔
    سنڌ سلامت جو ٻانهن ٻيلي توهان سان گڏ آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    ادا رشيد
    حق موجود:
    سائين منهنجا هاڻ ته اوهانجي پريشاني گهٽ ٿي هوندي، هيترا سارا دوست اوهان سان گڏ آهن ۽ هر قسم جي مدد ڪرڻ لئه به آتا آهن ۔۔۔ بس اوهان نگراني ڪريو ۽ ڪم کي سڌو ڪريو ۔۔۔ ڪجه پئسن جي ضرورت هجي ته پنهنجو اڪائونٽ نمبر ڏيو ته پئسا وجهي ڇڏيان ته جيئن ممڪن ڪنهن ڪم ۾ تڪڙي ضرورت پئجي وڃي ۔۔۔ ۽ ها ڇا اوهين هو جيڪو مون هڪ سنڌي ڳائڻي لئه ڪجهه چندي ڏيڻ لئه حامي ڀري هئي ڏئي ڇڏيو آهي ته اهي پئسا به گڏائي موڪلي ڇڏيان ۔۔۔
    مطلب ته ڀائر آهيون، ڀائرن جو گڏجي سفر ۾ هلڻ ۽ خرچ ڪرڻ عام ڳالهه آهي ان ۾ گهٻرائڻ يا شرمائڻ جي ڪا ضرورت ناهي ۔۔۔
    پاڻ کي اڪيلو نه ڪندا ۽ نه سمجهندا ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    هن پروجيڪٽ جي انچارج محترم ابو واصف ڪيلنڊر بابت معلومات وٺڻ لاءِ درخواست ڪئي آهي۔۔۔

    سائين منهنجا! سلام هجي اوهان کي
    اوهان جي هدايتن موجب پنهنجي ناقص معلومات موجب هيٺ ڪجهه ٽاپڪ ڏئي رهيو آهيان، جن بابت ڪنهن دوست کان معلومات مهيا ڪرڻ جي درخواست آهي، ان کان سواءِ جيڪڏهن ڪنهن به دوست کي ڪنهن شخصيت جو نالو يا ان بابت معلومات هجي ته اها پڻ هٿ ڪريو ته اوهان جي مهرباني ٿيندي.

    سياسي شخصيتون:
    ذوالفقار علي ڀٽو - بينظير ڀٽو - جي ايم سيد - فاضل راهو- نذير عباسي- الاهي بخش سومرو- عبدالحميد جتوئي

    عالم، اديب ۽ شاعر:
    علامه آءِ آءِ قاضي - عمر بن محمد دائودپوٽو- مرزا قليچ بيگ - محمد عثمان ڏيپلائي - ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ - ابراهيم جويو- شيخ اياز- استاد بخاري - مخدوم طالب الموليٰ

    فنڪار:
    عابده پروين- استاد منظور علي خان- استاد جمن- مائي ڀاڳي- رونا ليلا


    درگاهون (ڏن ڏهاڙا)
    شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ وارو- شاهه عبداللطيف ڀٽائي- قلندر شهباز- سچل سرمست مخدوم نوح سروري- مخدوم محمد زمان لنواري وارو- صوفي صادق فقير- عبدالله شاهه اصحابي-
    قادربخش بيدل – ٻُڍل فقير- راما پير- اڏيرولال- سمن سرڪار- صوفي شاهه عنايت- ابراهيم هُڙيءَ وارو- شاهه يقيق بخاري- لاهوت لامڪان- پير پاڳارا- مغلڀين (جاتي)- ڄام ڏاتار- سرڪار ڪامل شاهه جيلاني.

    ان کان سواءِ جيڪڏهن سنڌ جي آثار قديمه (جهڙوڪ موئن جو دڙو، آمري جا دڙا، مڪلي) ڪوٽ قلعا (جهڙوڪ رني ڪوٽ، عمرڪوٽ، معصوم شاهه جو مينار) هنرن، راندين، تعليمي ادارن وغيره بابت پڻ مواد رهجي وڃي ٿو. ان بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ هوندي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    هوئن ته ڪيلينڊر لاءِ سنڌ سلامت جي منشور، نعري ۽ تفصيل بابت مون کي لکڻ گهرجي پر جيئن ته مان ڪو اديب ، ليکڪ يا شاعر نه آهيان ان ڪري لفظن جي گهٽتائي کي منهن پيو ڏيان۔۔۔ ان ڪري سنڌي سلامت ڪيلينڊر بابت 200 لفظن تي مشتمل هڪ مختصر تفصيل لکڻ لاءِ سائين نثار ناز ۽ سائين نثار ابڙو جن گذارش عرض ڪجي ٿي۔۔۔
    سندن لکائي ۾ جيڪڏهن ڪاٿي مناسب سمجهيو ويو ته هلڪي تبديلي ڪري ڪيلينڊر تي سجايو ويندو۔۔۔
    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئنڙن جا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    ادا رشيد ماشاء الله اوهين پڻ تمام سٺو پيا لکو بلڪه سٺن کان سٺو پيا لکو، لفظن جي گهٽتائي ته هوندي آهي پر اصل مسئلو هوندو آهي ڳالهه چوڻ جو اسلوب جيڪوو وڻندڙ ۽ سهڻو هجي، ۽ اوهان کي ڳالهه چوڻ سٺي اچي ٿي ۔۔۔
    ٻي ڳالهه ته اوهان جيڪو ٻه سئو لفظن جو چيو آهي سو ته ٺيڪ پر منهنجي خيال ۾ ڪئلينڊر تي مختصر نعرا ، مختصر مقصد ۽ مختصر تاريخ بيان ڪئي وڃي ۽ باقي جڳهه سنڌ جي ثقافت کي ڏني وڃي،
    ۽ ٿورڙي جڳهه جي ممڪن هجي ته سنڌ سلامت جي تنظيمي ڍانچي کي ڏني وڃي ۔۔۔ هروڀرو وڏو پيغام لکڻ جو ڪو خاص فائدو مان سمجهان ٿو ته نه ٿيندو ۔۔۔ جيئن ته اڄڪلهه ماڻهن جي فطرت ننڍڙي ۽ مختصر پيغام پڙهڻ ڏانهن مائل آهي ۔۔۔
    ڳالهه مختصر ته ادو نثار ناز به لکي ۽ ڪجهه اوهان به لکو ۽ آءُ به ڪوشش ڪريانٿو ۔۔۔
    shal judy hujeen
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    ادا رشيد؛ فهرست تفصيلي ته آهي ۽ جي ڏٺو وڃي ته ڊگهي آهي پر جي دوست چون ٺيڪ ته ٺيڪ آهي پر اڃان ڪجهه اهم نالا کٽل آهن ، جيئن سياستدانن ۾ اهم نالو آهي حيدربخش جتوئيءَ جو ۔۔۔ باقي ڪجهه نالا ڪي خاص اهم ناهن جن ڪو خاص ڪارنامو ڪيو هجي مثلن الاهي بخش سومرو، يا عبدالحمدي جتوئي، مونکي ته ياد ناهي ته ڪهڙا ڪم ڪيا اٿن پر جي دوستن کي ڪا خبر هجي ته الله عالم ۔۔۔
    فنڪارن ۾ ته ڪيترائي اهم فنڪار آهن جي قومي ليول تي تمام گهڻو مشهور ٿيا ۽ جهنگ جهر ۾ ٻڌا ويندا هئا ۔۔۔ پر خئير استاد محمد يوسف ۽ علڻ فقير ۽ جو نالو کٽل آهي ۔۔۔

    بهرحال سائين شمشير سان ملندا ته ڪافي ڳالهيون صاف ٿينديون ۽ ها انهن جا تفصيل وٺڻ لئه سنڌ انفارميشن کاتي ۾ هڪ دوست آهي آفتاب ابڙو ۔۔۔ انجي مدد وٺندا ۽ سائين شمشير کان آفتاب ابڙي يا ڪو بيو دوست جو ثقافت کاتي يا انفارميشن کاتي ۾ هجي لئه حوالو وٺي ڪم اڪلائي سگهجي ٿو ۔۔۔

    مون وٽ سنڌي ڪتاب آهن ڪونهه ۽ صرف انٽرنيٽ آهي جتان ڪجهه مشهور شخصيتن جون شايد تاريخون ملي وڃن ۔۔۔
    مطلب ته اوهان کي محنت ڪرڻي پوندي ۔۔۔
    دعائن ۾ گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    ادا اوهان سڀني دوستن جون ڳالهيون پڙهيم اگرچه عينڪ هر هر سنڀالڻي ٿي پئي پر پوء به پڙهي ويم ادا جيڪا سنگت جي صلاح پر يار مون کي اها خبر نه پئجي سگهي ته ان ڪيلنڊر تي ٽوٽل خرچ ڪيترو ايندو۔ جي پنجن اٺن هزارن تائين ڪم ٿي وڃي ته پاڻ اڪيلو جهونو ئي حاضر ٻين دوستن کي زحمت ڪونه ڏبي ۔
    ادا ابو زين ۽ مست جاني اوهان ڪم شروع ڪيو اسان اڄ ئي گودڙي مان ڪجه پئسا دکي ۾ وجهڻ شروع ٿا ڪيون هفتي جي دير آهي ۔بس :Dhall chari:D
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو