مُحمد بن قاسم (فاتح سنڌ ۽ پنجاب) ۽ اموي خلافت جو جنرل(ڄم31ڊسمبر695ع وفات 18 جولاِ 715ع

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُحمد بن قاسم (فاتح سنڌ ۽ پنجاب) ۽ اموي خلافت جو جنرل(ڄم31ڊسمبر695ع وفات 18 جولاِ 715ع
    [​IMG][​IMG] [​IMG]
    طائف (جديد سعودي عرب) جي علائقي ۾ تقيف قبائل سان تعلق رکندڙ هڪ عرب نوجوان مُحمد جنهنجي والد جو نالو قاسم بن يوسف هو جيڪووالد جي وفات کان پو ما جي پرورش هيٺ پليو۔ اُموي خلافت جو گورنر حجاج بن يوسف سندس چاچو هو جنهن مُحمد کي جنگي مشقن جي تربيت ڏني ۽ حُڪومت ڪرڻ جون رمزون سيکاريون۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُحمد المعروف مُحمد بن قاسم جي شادي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ کان ڪُجه ڏينهن پهرئين پنهنجي سئوٽ زُبيده سان ٿي هُئي، زبيده حجاج بن يوسف جي ڌي هُئي۔ مُحمد جو هڪ ٻيو به چاچو هو جنهن جو نالو مُحمد بن يوسف هو جيڪو يمن جو گورنر هو۔
    [​IMG]
    جنهنجي سرپرستي ۾ مُحمد (محمد بن قاسم) کي فارس جو گورنر پڻ ٺاهيو ويو هو۔ جتي هن گهڻن ئي جنگن ۾ حصو ورتو هو ۽ پاڻ مڃايو هو۽ گهڻين جي بغاوتن کي ٻُنجو ڏنو ويو۔ جڏنهن وقت جي خليفي سُليمان ابن عبدالملڪ جي حڪومت آئي ته هُن حُجاج سان مُحمد جي مائٽي ڪري کيس سڏارائي قتل ڪرائي ڇڏيو هو۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 جنوري 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ ۾ ۽ اڄ جي پنجاب جي ڪن حصن ۾ اُن وقت آخري هندو حاڪم راجا ڏاهر جي حُڪومت هُئي۔ راجا ڏاهر جو ڄم 661ع ۽ موت 712ع ۾ ٿيو۔ هن جِ حڪومت جو خاتمون محمد بن قاسم جي ڪاهه ڪري ٿيو هو۔
    عربن پنهنجي دئور حڪومت ۾ جيڪي فتحيون حاصل ڪيون انهن کي پُراڻي عربي ۾ لڳيو ويو هو ۽ ترجمون ڪري (چچ نامون) ۾ جمع ڪيوويو هو۔ چچ نامي (فارسي زبان ۾) ترجمون ڪيو ويو ، هن جو مُترجم مُحمد علي بن حامد بن ابوبڪر ڪُوفي 1216ع ۾ ڪيو هو۔ جنهن جو پُراڻو عربي ورجن دقافي فيملي جي عرب (رائٽر) لکيو جيڪو مُحمد بن قاسم جي عزيزن مان هُئا۔ چچ نامي موجب ، راجا ڏاهر (پُش ڪرنا برهمڻ) بادشاهه هو۽ اروڙ جي حاڪم چچ جو ننڍو پُٽ هو۔
    چچ پنهنجي چاچي (چندر) جي وفات کان پو سندس پڳ پائي حاڪم ٿيو هو۔ ڏاهر جو ٻالڪپڻ به پنهنجي وڏي ڀا (ڏهر سينا) سان اروڙ ۾ گُذريو هو۔ ڏهر سينا جي شادي ڀاٽيا جي بادشاهه (سوهڻ) جي ڌي سان ٿي هُئي۔ ڏهر سينا جي وفات کان پو ڏاهر راجا ٿيڻ لا پنهنجي ڀا جي بيوهه سان شادي ڪئي هُئي۔ هندو رسم و رواج موجب جيئن ته بيوهه ستي ٿيندي آهي يا ٻي شادي ڪانه ڪندي آهي يا پنهنجي ڏير سان جنهن کي ڀا طور تسليم ڪيو ويندو هو، راجا ڏاهر جي پنهنجي ڀاڄائي سان شادي پسند ڪانه ڪئي وئي ۽ اختلاف جو باعث رهي ۽ مشهور ڪيو ويو ته ڏاهر ڀيڻ سان شادي ڪئي هُئي۔ اُها سڳي ڀيڻ نه پر بيوهه ڀاڄائي هُئي۔ ڏهر سينا هڪ سپهه سالار به هو هن جوپنهنجي ڀا ڏاهر سان اختلاف به ٿيندو هو، انهن جون پاڻ ۾ گهڻيو جهڙپون به ٿيون هُيون۔ بل آخر سينا ڏاهر جي سن اسٽروڪ جي ڪري وفات ٿي وئي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 جنوري 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سن 711ع کان ڪُجهه وقت اڳ عرب رياست جي يمن شهر مان نڪرندڙ خانا بدوش واپارين جا 72 خانا بدوش قبيلا جڏنهن واپار سانگي نڪري ديبل بندر وت پُهتا هُئا ته انهن جي ٻيڙن تي سمنڊ جي ڌاڙيلن ( قزاقن) کين ڦرڻ شروع ڪيو ۽ مال متاع ڇنڻ کان پو سندن ڪُٽنب جي ماڻهن کي ان وقت جي سنڌ جي حاڪم راجا ڏاهر ڏي وڪيو جيڪو انهن مُسلمانن واپاري مُسافرن کان ونگار جو ڪم وٺندو هو ۽ پو کين قيد ڪري ڇڏيندو هو۔
    بقول (برزن) اموي خليفو سنڌ تي ڪاهه ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ چاهيندو هو، ان ڪري راجا ڏاهر کان به اڳ هن سنڌ تي ٽي دفعا ڪاهون به ڪيون هُيون۔
    They had earlier unsuccessfully sought to gain control of the route, via the Khyber Pass, from the Turki-Shahis of Gandhara.[1] But by taking Sindh, Gandhara's southern neighbor, they were able to open a second front against Gandhara; a feat they had, on occasion, attempted before.[1]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جن ظلم ڪيا تن تاريخ لکي سا اهڙي ئي هوندي جهڙو اوهان ترجمو ڪيو آهي جيڪي الزا۾ راجا ڏاهر تي مڙهيا ويا اهي الزام ايترا ته بي بنياد آهن جو اڄ به هندو مذهب ۾ انهن کي گناھ سمجهيو ويندو آهي۔ اڄ انهن ظلمن جي لوڙ لوڙيون پيا۔
    جاڏي پير تاڏي خير۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مُحمد بن قاسم (فاتح سنڌ ۽ پنجاب) اهو مجاهد هو جنهن سنڌ جي ماڻهن کي پٿرن جي اڳيان سر جهڪائڻ کان ڇوٽڪارو ڏياريو، سندس اهي خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن۔
    اسان جي ڪجهه دوستن جو هميشه اهيو عتراض رهيو آهي ته محمد بن قاسم کي سنڌ فتح ڪرڻ جا پنهنجا مفادات هئا، ان لاء عرض اهيو آهي ته اگر ائين به هو تڏهن به اسان ته سندس ٿورائتا آهيو، جو هن جي اچڻ سان سنڌ جي ماڻهن ۾ اسلام جي روشني پهتي جيڪا اسان جي پياري نبي صلي الله وسلم جن جو اهم مقصد هو، ۽ اسان هزار سجدا ڪرڻ جي بجاء هڪ الله کي سجدو ڪرڻ لڳا آهيون۔
    مان ته اهيو چوندس ته جئين ڪنهن سيڙپڪار کي ڪنهن هنڌ تي پنهنجو ڪاروبار لڳائڻ ۾ پنهنجا مفادات هوندا آهن پر ان جي ذاتي مفادات سان گڏ اتان جي عوام کي اهيو به فائدو پهچندو آهي ته اهي ماڻهو روزگار سان لڳندا آهن، ۽ اهڙي ريت مان اهيو ساڳو فارمولو مان محمد بن قاسم لاء به سوچيندو آهيان۔ته شايد ان پنهنجا مفادات به حاصل ڪيا هجن(جيڪا ڳالهه پڻ تحقيق طلب آهي ) مگر پوء به ان جو سنڌ جي عوام تي احسان آهن، جنهن جي نتيجي ۾ اسان مسلمان ٿا سڏايون ( اهيو هڪ الڳ بحث آهي ته اسان اهي صحيح مسلمان ٿئي سگهيا آهيون جيڪو قرآن ٿو چوي، اها اسان جي پنهنجي ڪمزوري آهي )
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 جنوري 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    نادم مسلم! بيشڪ جن ظلم ڪيا تن تاريخي حوالا لکي الزام مڙهيا، ڪو شق نه آهي پر اسان به ٻُڌون ته ٻي پاسي جي اڀياس ڳالهين نه پر تاريخي حوالن سان ڇا ڇا آهي ۽ ان ۾ ڪيترو وزن آهي، پو ٻنهين جي ڀيٽ ڪري سمجهڻ چاهيون ته ڪنهن ۽ ڪٿي ڪٿي ۽ ڇو ڇو ويساگهاتي ڪئي آهي۔ دوستن کي گُزارش اهي ته هُنن وٽ جيترو به مواد آهي ڏين ته هر مواد جي کل اُکيڙي هڪ نئين حقيقت لکون ۽ سمجهون۔ ان ڪري جو اها حقيقت آهي ته محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهه ڪئي هُئي ڇو؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا ڀلي ڀيلجي ملڪ اسان جو ڇا؟
    جي هي دين نه اچي ها ته يقينن حقيقي دين هتي ضرور پهچي ها اهو دين جنهن ۾ امن هجي ها جنهن انسانيت سان محبت هجي جنهن دين ۾ انسان جو قدر هجي۔
    جاڏي پير تاڏي خير۔
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڀاء توهان جي نظر ۾ اسلام حقيقي دين نه آهي ڇا ؟۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  10. عبدالعزيز سمون

    عبدالعزيز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    348
    ورتل پسنديدگيون:
    613
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    اسان جا ڪجه قومپرست توڙي ڪمنيوسٽ دوست اهو سمجهن ٿا ته راجا ڏاهر سان ظلم ٿيو هيو ڇاڪاڻ ته اهو سنڌي هيو ، پر تاريخ درست ڪير به نه ٿو ٻڌائي البته محمد بن قاسم جي تاريخ واضع ڪتابن ۾ محفوظ آ۔۔
    خير جيڪو به ٿيو اگر سنڌ مان مال ملڪيت لٽيو به ته به خير آ ، پر ڳاله اها آهي ته اسان وٽ حقيقي دين ته آيو ، اسان درست رستي تي هلڻ جي لائق ته ٿياسين ۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    دوستن جي ڪچهري مَتل آهي، مون جهڙن نئين نسل سان تعلق رکندڙ همراهن جا سُوال به عجيب هوندا آهن، پر خير اُميد ته ڪو دوست ناراض نه ٿيندو۔

    دوستو مونکي اِها ڳالهه سمجهه ۾ ناهي آئي ته جي سنڌ هندن جي هُئي ۽ عربن ظُلم ڪيو ۽ مُسلمانن قبضو ڪيو ۽ مُسلمانن جو غلبو هو، ته پاڪستان کان ٺهڻ کان پهرين ته سنڌ جا وڏا شهر ۽ سنڌ جو سمورو واپار ته هِندُن وٽ هو؟
    مظلوم ماڻهن وٽ ايترو ڪُجهه جو سمورو واپار ۽ سنڌ مُلڪ جا وڏا شهر به اُنهن وٽ؟
    اِهو عجيب منتقَ ناهي جو سمورا وسيلا اُن ئي طَبقي وٽ هُجن ۽ مظلوم و محڪوم به اُهو؟
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    سائين اوهان منهنجي تحرير جي اقتباس وٺڻ کان پهريان جي منهنجي تنز کي محسوس ڪيو ها ته اقتباس وٺي هي سوال ئي نه ڪريو ها۔
     
  13. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    ادا نئين نسل جا سهڻا دوست ڳالھ نه ايتري آسان آهي نه ايتري مشڪل۔
    آسان ان لاءِ ناهي جو اسان مان جيڪو جنهن دين تي آهي دين ۾ وري جيڪو جنهن فڪر تي آهي ان جي خلاف ڪا ڳالھ ٻُڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي۔ نه فقط هن خطي جو هي مسئلو آهي بلڪه هي معاملو پوري انساني سماجن جو آهي ته ڪو ماڻهون پنهنجي خيالي دين خلاف ڪا ڳالھ ٻُڌڻ ئي نه ٿو چاهي۔ ان کان به بدتر هڪ ٻي ڳالھ آهي ته اسان سچ ۽ ڪوڙ جا پنهنجا سانچا جوڙيا آهن ۔ سچ ڇا آهي؟ جيڪو مون سمجهيو آهي؟ ڪوڙ ڇا آهي جيڪو مون ڪوڙ سمجهيو آهي
    هاڻي هنن خانن مان ڳتيل ذهنن کي ڪڍڻ يا انهن ذهنن جو نڪرن انتهائي مشڪل آهي پر جي ذهن ان مؤروثيت مان نڪري وڃن ته هي معاملو سمجهڻ انتهائي آسان آهي ۔ ڪوڙ ۽ سچ سمجهڻ يا ڪوڙ ۽ سچ ايترا مبهم ٿورئي آهن جو انهن کي سڃاڻي نه سگهجي۔ پر مؤروثيت انهن کي ايترو مبهم بڻايو آهي۔

    ياد رهي ته خيالي دين لفظ مون بي ڌياني ۾ استعمال ناهي ڪيو انشاءِ الله جي زندگي موقعو ڏنو همٿ ساٿ ڏنو ته ان باري ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪندس۔ باقي جي نه رهيا سون ته پوءِ
    جاڏي پير تاڏي خير ۔
     
  14. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    سائين مون ته نِج سياسي سُوال ڪيو آهي، حالتن جي پٽاندر جيڪي هُيون ۽ آهن، دين جي ته ڳالهه ئي ناهي؟ ڪٿي مُنهنجو سُوال ڪٿي اوهان جو جواب!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    سائي معزرت سان شايد اوهان منهنجي هن روئڻ کي پنهنجو جواب سمجهي ويٺا آهيو منهنجو مقصد اوهان جي سوال جو جواب نه هو پر اسان جي هي ننڊ هو اهو ئي نتيجو آهي جو اسان جي معاشري جي هي پستي آهي
     
  16. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    شايد مُهنجا سڀ دوست وري ڊي ٽريڪ ٿي ويا آهن۔ هتي تاريخ ۽ حقيقت جي ڳالهه پئي هلي ته ماجرا ڇا هُئي ۽ ڇو هُئي ۽ ڪيئن هوئي پو چاهي دين ڦهلائڻ سان وڌي يا ڪنهن تي ظلم ڪرڻ سان۔ اسانجو ڪم ته بس اهو آهي ته هڪ پني جا ٻئي پاسا پڙهي هر ڪنهن جو نقطه نظر سمجهي هڪ ترتيب ڏيندڙ سچن حوالن سان حقيقت جانچيون۔ جيڪا هنن اجاين ڳالهين ۽ بحثن سان نه ملندي پر اسانکي اهو تسليم ڪرڻ ته مجبور ڪندي ته جيڪا تاريخ وقت ۽ حوالن سان لکيل آهي اُهائي صحيح آهي ان ڪري جو ٻئي پاسي ڳالهيون ۽ وات ته ملن ٿا پر ترتيب ۽ وقت سان حوالا ۽ ڪنٽينيوٽي نٿي ملي۔
    رهي مذهبن جي ڳالهه ته اُن تي الاهي عالم ويٺا آهن، الاهي مذهبي ڪتاب آهن ۽ انهن جا فالوئر جيڪي پنهنجن پنهنجن عقيدن تائين اڳتي وڌندا رهن ٿا ۽ اهو سچ ڪوڙ جي جنگ قيامت تائن هلندي جن جو آسڪار ٿيل آهي ۽ هڪ مُسلمان جي حيثيت سان جيڪو ازل آهي حديثن ۾ مُروجه آهي ۽ وحي ذريعي حضرت مُحمد صلي الله عليه وسلم جن تي آشڪار به ٿيل ته صرف اُمت محمد صلعم ۾ 73 فرقا پئدا ٿيندا جن مان هڪ فرقو الله جل شانهُ جي ٻُڌايل طريقي ته هوندوته باقي 72 فرقا هڪ ئي پيج تي هوندا۔ جن پاڻ ۾ اختلافات رکي پنهنجي هٽي قائم ڪرڻ لا پنهنجي فالوئرن جي پيروي ڪندا ۽ انهن ڪافرن سان جهنم رسيد ٿيندا ڇو ته اُنهن مذهب اسلام کي پنهنجي معنى پارائي اسلام ۾ وڇوٽيون وڌيون آهن ۽ پنهنجن مفادن خاطر ڇڙ وڇڙ ڪيو آهي۔ نبي صلعم جن جڏنهن معراج تي ويا هُئا ته جبرئيل ع جن پهرئين کين جنهن جڳهه جي پهرئين زيارت ڪرائي هُئي اهي جهنم جا ٻه کوهه هُئا، پهريون جنهن ۾ اهي 72 مسلمانن فرقن جا عالم ۽ انهن جا پيروڪار سڙي رهيا هُئا ته ٻئي کوهه ۾ اُهي عورتون جيڪي پنهنجن مُڙسن جون نافرمان هُيون (والله اعلم بثواب)
     
    آخري ترميم: ‏19 فيبروري 2017
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ياد رهي ته فرقا رُڳو مُسلمانن ۾ ڪونهن چوڌاري نظر ڊوڙايو ته هر غير اسلامي مذهبن ۾ فرقا آهن۔ حضرت بشر انسان اشرف المخلوقات ڪيو ويو آهي الله ج خالق ته باقي سڀ مخلوق ۽ اهو صرف نفس جي آزادي ۽ عقل فهم لاِ ته پاڻ دونيا سمجهي الله جي نشانين کي سمجهي مسخر ڪري ۽ سکي ۽ اصل زندگي ۽ انهن جا ڪارڻ سمجهي۔ ته اسانجي مضمون موجب جنهن کي مُسلم ٿيڻ تي افسوس آهي ته اسان اُنهن سان نه پيا ڳالهايون هو ڀلي اسلام تي ظلم جي چادر وجهي دُهل وڄائين۔ اسان ته انهن کي پيا چئون جيڪي مُسلمان ٿا ۽ مُسلمان آهن ۽ تاريخ صحيح ڪر کڻي هلن اها آهي 72 فرقن وري نه پر اُن هڪ فرقي واري جنهن لا چيو ويو آهي محمد ص کان ته مون ص دين مڪمل ڪيو آهي جنهن ۾ ڪو به اضافو ناهي ڪرڻو ۽ مرتد ٿيڻو ناهي۔ ڪا بدعت ناهي ڪرڻي، دين يا مڃڻو آهي ته مُڪمل آهي يا نه مڃي اُنهن باقي 72 فرقن مان ٿيڻو آهي۔ ته دوست بغير چڙڻ جي بغير بلاوجه بحث ڪرڻ جي اچو ته ترتيب سان اڳتي فهم ، عقل، لاجڪ سمجهي هَ ۽ سچ کي ري ڪمپائل ڪريون۔ اهو ممڪن آهي جي مڃڻ موراد آهي ته۔ جهيڙا جهٽا، ضد، اجايا بحث اُهي ڪندا آهن جن وٽ مواد نه هوندو آهي ۽ اُهي وڙهي جهڙي پنهنجي ڳالهه زبردستي مڃائڻ چاهيندا آهن جڏنهن ته علم ۽ عقل وارا عقل دليل ترتيب سان ۽ ثابيتن سان ڏئي اڳتي وڌندا آهن ڪوڙ سچ جي پرک ڪندا آهن۔
    ته دوستو جن کي به محمد بن قاسم ۽ سنڌ ۾ مسلم جي وُجود ۽ ڦهلڻ تي اعتراض هُجي يا ڪنهن ظالم عرب جي تاريخ لکڻ تي اعتراض هُجي يا سنڌ جو باب الاسلام نه مڃڻ تي ته تاريخي ترتيبي حوالن سان ميدان ۾ لهن ته هڪ سچي تاريخ ڪمپائل ڪجي۔
     
    آخري ترميم: ‏19 فيبروري 2017
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    محمد بن قاسم ۽ سنڌ
    حقيقت ۾ محمد بن قاسم ظالم، دهريو، بي دين، بد اخلاق ۽ بد ڪردار هيو جنهن جو اسلام سان ڪو به واسطو نه هو جڏهن ته اسلام دين آخر ۽ مڪمل سلامتي ۽ اخُوَت جو دين آهي...... حجاج بن يوسف ظالم، عياش ۽ هزارين اصحابي سڳورن جي قاتل طور سڃاتو وڃي ٿو ..... اهو ڪينئن ممڪن آهي ته اهڙي ظالم، عياش ۽ اسـلام دشـمن جو ويجهو عزيز ملعون محمد بن قاسم اسـلام خاطر جنگ جوٽيندڙ هجي؟؟؟ !!! ؟؟؟ ســـــنڌ ملـڪـ شاهوڪار امن پيار سلامتي وارو سرسبز خطو هو جنهن لاءِ آقا محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو ته سنڌ ملڪـ مان موکي جـــنت جي هِير اچي ٿي ... يا ... اسلام جي سر بلنديءَ لاءِ عظيم قرباني ڏيندڙ حَضرت امام حسين رضه جو يزيدي فوج کي اِهو چَوَڻ ته يا موکي ڪُـــــوفــــي وڃڻ ڏيو يا ســـــنـــڌ ملڪ وڃڻ ڏيو؟؟؟ ....... سبحان الله .... اِهي عظيم دليل، الله تبارڪـ تعاليٰ جي مهبوب، آخري نبي آقا محمد مصطفيٰ صلي الله عليه اسلم ۽ اسلام جي سر بلندي لاءِ هر قرباني ڏيندڙ حَضرت امام حسين (رضه) جا ڪـافِي آهن..... سـائين، اسلام، محمد بن قاسم جي سـنـڌ تي ناپاڪ حملي کان اڳ، عّظيم حڪمران سـنڌ راجا ڏاهر جي دور ۾ حجاج بن يوسف جي غير اسلامي عملن عياشن ۽ قتل غارتگيرين کان تنگ ٿي ســنـڌ ملـڪـ ۾ پناه وٺندڙ اصحابي رسُول (صلي الله عليه وسلم) محترم محمد بن علافي ۽ سندس ساٿيءَ جي تبليغ دوران اچي چڪو هو..... سبحان الله ، سبحان الله ، سبحان الله... ڇا ته حڪرانِ سـنڌ هو. عّظيم راجا ڏاهر، جنهن جي ملڪـ ۾ اَمن هو، ڀائيچارو هو،خوشحالي هئي ۽ مزهبي آزادي هئي..... اِهــــــــو هو اُن وقت جو ســنـڌ مــلـڪ !!!! اهڙي عظيم ملڪ تي اڳ به ڪيترن ئي جابرن۽ انسانيت جي دشمنن سندس خــوشـحـالـيءَ جي ڪري حـمـلا ڪيا، ها.... سا ڳي نـاپـاڪـ ۽ غير اسلامي روايت، اسلام دشمن ۽ هزارين اصحابي سڳورن جي قاتل جي ساٿي محمد بن قاسم دُهرائِي هئي!!!!
     
  19. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هتي ڏسجي پيو ته تواريخ جي شاگردن کان وڌيڪ اسلاميت جا شاگرد بحث ۾ حصو وٺي رهيا آهن ۽ بحثي تحريرُن مان لڳي پيو ڪي ته اهڙا به آهن جن کي شايد ئي اسلاميت ۽ تواريخ جي بُنيادي اصولن جي به خبر هُجي. بس اُهي ته رُڳو ٻُڌل ۽ غير ثبوتي ڳالهيون ڪري بحثن ۾ حصو پيا وٺن.
    اسلام سنڌ مان دُنيا ۾ ڦهليو! سنڌ باب الاسلام بڻيو! ان تي شايد سڀ علم رکندڙ مُتفق هُجن. جنهن مان ثابت آهي ته دين عرب مان منتقل ٿي سنڌ ۾ آيو ۽ هتان پکيڙجي ويو.
    اُهي يهودي ۽ نسراني يا باهه جي پوڄاري جيڪي دين اسلام کان نفرت ڪندڙ هُئا ۽ سمجهندا هُئا ته دين ته انهن جي قوم تي لٿو ۽ دين جو عرب ۾ اچڻ هنن کي خراب لڳو ۽ هُنن دين اسلام جو عرب ۾ هُئڻ جون مخالفتون ڪيون هُيون.
    هُنن پهرئين اسلام کي ٽوڙڻ لا عرب جي سرزمين تي اچي اُنهن ڪوڙين نبين ۽ ٻين ڏڦيرن سان اسلام۾ ڦڙڦوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي الله ج جي نبي مُحمد صلي الله عليه وسلم ۽ ان جي جانثار اصحابين ناڪام بڻائي ملڪ عرب دربدر ڪري ڇڏيو .
    جڏنهن انهن کي عرب جي سرزمين کان مُسلمانن اتفاق ڪري ڀڄائي ٻاهر ڪڍيو ته اُهي ٻين ملڪن ۾ رهي اسلام خلاف ڪم ڪنديون رهيون. جڏنهن انهن اسلام دُشمن قوتن جو اهو حربو به ناڪم ٿي ويو ته اُهي مشرڪن جي شڪل وٺي عرب ۾ داخل ٿيون ۽ ڪوڙو ڪوڙو اسلام قبول ڪري مُسلمانن ۾ مختلف نالن سان ڦوٽ وجهڻ لڳيون. ڪڏنهن خاندانن جي نالي تي ته ڪڏنهن ٻين نالن تي پر چئني خليفن جي زندگي ۾ اهوئي دين هليو جيڪي مُحمد صلي الله عليه وسلم سيکاريو ۽ چئني خليفن بترتيب ابوبڪر رضيه، عمر فاروق رضيه، عثمان رضيه، علي رضيه ايستائن جو حسن و حُسين رضيه به اها عبادت ۽ اُهي نماز جا طريقا اپنايا هُئي جنهنجو درس نبي سائين (صلعم) جن ڏنو هو. جنهن جي ثبوت لا مُتفقه عليهه جون گهڻيو ئي حديثون به ڪوٽ ٿيل آهن.
    نبي سائين جن جي حيات ۾ ئي جڏنهن پاڻ سڳورا (صلعم) بيمار ٿيا هُئا ته ابوبڪر صديق رضيه نماز پڙهائي هُئي ۽ مٿي ذڪر ڪيل سڀني اُنهن جي امامت ۾ نماز ادا ڪئي هُئي. ته اُها ڪهڙي نماز هُئي. ڇا اُها نه هُئي جيڪا تڏنهن کان اڄ تائين مڪي ۽ مديني ۾ پڙهائي پئي وڃي ؟ پو اها تبديل ڇو ٿي ۽ ٻين مُلڪن ۾ قائم نمازون ڇو پيون اپنايون وڃن. غور و فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي غير متعصب ٿي. اسلام اُهو جيڪو مرڪز مان ڦهليو ۽ مرڪز ۾ آهي يا اُهو جيڪو غير مرڪز ۾ فروغ ٿيو؟
    اهو ساڳيو ئي دين اسلام جڏنهن انهي عرب مُلڪ مان آيو ۽ سنڌ واقعي باب الاسلام بڻجي پوري دُنيا ۾ اسلام ڦهلايو هو. ته انهن اسلام دُشمن قوتن جي يلغار سنڌ تي به ٿي ۽ گهڻائي غير اسلامي حربا استعمال ڪري دين محمدي (صلعم) کي هر ٻاهرئين مُلڪ جي غير عربي عالم پنهنجي منتق ۽ نظريات تحت ڦهلايو ۽ دين اسلام 72 فرقن ۾ ٽٽي پيو.
    هن بحث ۾ ڪو غير مُسلم حصو وٺي راجه ڏاهر جي تعريف تي قلم کڻي ها ته خراب نه لڳي آ پر حيرت اهي ته هڪ مُسلمان جنهن عرب مان سنڌ ۾ منتقل ٿيندڙ اسلام قبول ڪيو۽ اڄ اُهو مُسلمان آهي اهو غير اسلامي حاڪمن جي حامي آهي. پو اُهو مُسلم ڇو آهي!
    اسلام ۾ اهڙن ماڻهن کي مُشرڪ چيو وڃي ٿو، جيڪي ڪلمو پڙهي مُسلمان ته بڻجن ٿا پر اسلام جا مخالف هوندا آهن ۽ هنن اسلام قبول ئي اسلام ۾ ڦڙڦوٽ وجهڻ لا ڪيو آهي. تڏنهن ته حديثن ۾ ڪافر کان بدتر مشرڪ کي چيو وڃي ٿو ۽ اُهي واجب القتل آهن.
    هاڻ اچو ته سچائي جي پرک قول فعل ۽ عادتن سان ڪريون. پهريون مثال اُهي حديثون جيڪي مختلف راوين جي حوالن سان آيون ۽ چونڊجي مُتفق عليه ٿي سها ستا جي ڪتابن جهڙوڪ بُخاري، مُسلم، ترمذي، سسن نسائي، ابن ماجه، مسند احمد. ۽ ٻين راوين کي غير معتبر ڪري منسوخ ڪيو ويو.
    اڄ ڪلهه 72 فرقن جا ڪي علم کان بيخبر سيکڙاٽ مولوي انهن منسوخ ٿيندڙ حديثن کي ٻيهر ڪوٽ ڪري پيش پيا ڪن جنهن ڪري وري اسلام ۾ فرقا بندي عروج ٿي وئي. ان جو واحد سبب اهو آهي ته ڪي ليکڪ مولي پبلشرن سان ملي پنهنجا پنهنجا ڪتاب چپي رهيا آهن جڏنهن ته سها سته جون حديثون اڳئي وجود پيون رکن ۽ جنريشن حديثن جي انهن ڪتابن کي پڙهڻ ۽ ڪوٽ ڪرڻ بجا ٻين هٿرادو فرقن جي ڪتابن کي ترجيح پئي ڏئي.
    سها سته جو معيار ڇا هو ته راوري، علم، عمل، ڪرت، طبيعت ۾ ڪيئن آهي ظاهر آهي هو پنهنجي فطرت تحت ئي روايت ڪندو اهڙي طرح جيڪڏنهن ڪو اسان وٽ چوڪائيندڙ خبر کڻي ايندو آهي ته ان کي سچ سمجهڻ لا اسان ڏسندا آهيون ته خبر آڻيندڙ ڪير آهي. ڇا ٻٽاڪي، واڌ ڪندڙ، ڊاڙون هڻندڙ، تفرقو ڦهلائيندڙ ته ڪونهين! ۽ پو اسان خبر کي اهميت ڏيندا آهيون ته حديثن جو سها سته ٿيڻ به ائين ئي هو.
    اڄ جي دُنيا ۾ ڳالهه ڪندڙ ۽ علم ڪندڙ کي ائين نٿو پرکيو وڃي. ڳالهه ڪندڙ فرقي جي پرک سندس روزمره جي عمل سان نه پئي ڏٺي وڃي. ته هن جي وٍجود سان معاشرو ڪيئن پيو اڳتي وڌي . ڇا هو اُهو اسلامي طريقو استعمال پيو ڪري جيڪو مُحمد عربي ۽ ان جي مرڪز مڪي مديني مان اسان وٽ پُهتو آهي. اسلام ۾ نشي واپرائڻ واري کي، ان ماحول ۾ پرورش پائڻ وارن کي مذهبي ماڻهون نٿو چئي سگهي ۽ اسلام انهن نشي ، ڀنگ، چرس، سُلفي سهاري ڪونه ڦهليو آهي ۽ پنهنجي چوڌاري نظر ڦيرائي پاڻ سمجهو ته اسلام ۽ ان جا پيروڪار آستانن ۽ اوتارن ۾ ويهندڙ ناهن.نه ئي ڪي الله جي نيڪ ٻانهن، ولين، بُزگن ۽ درويشن جي مزارُن تي. پو پاڻ سمجهو حق ۽ سچ سمجهو جيئن حديثن جي راوين جو ڇيد ٿيو جيئن حديثن جو ٿيو ۽ ڪوڙيون يا وڌائي ٻُڌايل حديثون منسوخ ٿيون يا جيئن توهان وٽ ڪو پيغام آئي ٿو ته هن جو ڪردار، عمل، فطرت حق ۽ سچ سمجهڻ لاِ ڪافي آهي.
    هاڻ توهان ناچ گانن وارن جي ڪلچر ، ڍنگ، رهڻي ڪرڻي ۽ اهڙي ءرح جي دنياوي، دُينوي رسمن ملهائڻ کي ڏسو، طوائفن جي ڪلچر، ڍنگ ، رهڻي ڪهڻي رسمن رواجن ملهندڙ تقريبن، چاهي دنياوي هُجن يا ديني کي ملهائيندڙن کي ڏسو ! موالين جي ديني دُنياوي رسمن ۽ ڪلچر ملهائيندڙن کي ڏسو! ڇا اهي توهان کي ڪهڙي به اينگل کان محمد (صلعم) عربي جي دين جو پوئيار لڳي سگهن ٿا. اهو فيصلو توهانجي پنهنجي ضمير جو هوندو! ته ڇا توهان مُحمد عربي ۽ انهن جي اصحابن وارو اسلام چاهيو ٿا يا باهه جي پوڄارين ۽ اسلم ۾ تفرقو وجهڻ وارن جو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏4 مئي 2014
  20. ذوالفقار دولتاٹی

    ذوالفقار دولتاٹی
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2013
    تحريرون:
    64
    ورتل پسنديدگيون:
    132
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    ايڊيٽر دي سنڌ آنلائن
    ماڳ:
    ڳوٺ صوڀو دولتاڻي دادو
     
    Sindhi Media هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو