نيرانا ئي نيڻ مون، سڪ جا اُڀري سج لٿا، پسڻ ڪارڻ پرين جي، جذبا ڪين ٿڪا، ساهه ۾ سور سٿا، اکيون مرڪن آس ۾! سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر چوهٺ (64) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”نيرانا ئي نيڻ“ لاڙ پٽ جي مشهور شاعره آپا مريم مجيدي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي سهڻي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن نه فقط هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي ڪتاب سچائي اشاعتي گهر دڙو پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
سائين وساڻ صاحب اوهان جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن ۔ اوها ۽ هن سلسلي ۾ اوهان جو سهڪار ڪندڙ هر فرد کي سلام پيش ٿا ڪريو ____زبردست