ڀاءُ درمحمد ٻرڙو کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ شاهين لطيف ، سنڌي ، طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2014۔

  1. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    ڀاءُ درمحمد ٻرڙو
    کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    اديب، سماج سڌارڪ ۽ سياسي ڪارڪن
    ڀائو در محمد
    کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    [​IMG]


    نامياري سماج سڌارڪ ڀائو در محمد ٻُرڙي جو سنڌ ۾ ٻارن جي علمي ادبي تنظيمن جي حوالي سان وڏو ڪردار آهي. هو ’گلن جهڙا ٻارڙا‘ ۽ ’سجاڳ ٻار تحريڪ‘ جو قنبر تعلقي جو صدر رهيو آهي. ان دوران هن پنهنجي شهر ۾ ٻارڙن جي علمي، ادبي ۽ سياسي اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. مارچ 2007ع ۾ ڀائو درمحمد ٻرڙي، سنڌي ادبي بورڊ جي ٻارن جي ماهوار رسالي ’گل ڦل‘ جي سهاري هيٺ، ٻارن جي علمي ادبي تنظيم ’گل ڦل ٻارڙا سنگت‘ قائم ڪئي ۽ ان جو چيئرمئن بنيو. ان دوارن ڀائو سڄيءَ سنڌ ۾ بارن جي هن تنظيم کي متحرڪ ڪيو، پر بدقسمتيءَ سان هي تنظيم هڪ سال مس هلي سگهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي انتظامي تبديلين جي پيش نظر هي تنظيم بند ٿي وئي.
    ’ڀائو‘ جي لقب سان سڃاڻپ رکندڙ دُر محمد ولد خير محمد ٻرڙو، 11 جنوري 1956ع تي قنبر ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم قنبر مان حاصل ڪئي، سندس تعليم، سنڌي اديب ۽ انٽر آرٽس آهي. 1975ع کان قمبر ۾ قائم ڪيل مختلف ادبي، سماجي ۽ سياسي تنظيمن جو سرگرم عهديدار ۽ باني رهيو ، جن ۾ گلن جهڙا ٻارڙا، سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، سنڌي مزدور تحريڪ، ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي قمبر، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، ڀائو در محمد ٽرسٽ ۽ سنڌي ادبي سنگت، شاخ قمبر شامل آهن. 2005ع ۾ قمبر ۾”ڀائو در محمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري“ قائم ڪيائين. 2007ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري واقعي بعد پيدا ٿيل ردِ عمل ۾ بي سمجهه ماڻهن ڪيترين سرڪاري عمارتن، بئنڪن سان گڏ هن لائبريريءَ کي به ساڙي ڇڏيو.”ساٿ هلندو رهي‘“ نالي هڪ ڪتاب 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيائين. جنهن ۾ سڙي ويل لائبرريءَ بابت تاثر ۽ ڪيس اسٽڊي آهي، هن اها لائبرري نئين سِر تعمير ڪرائي آهي. در محمد ٻرڙي سياسي ۽ سماجي ماڻهن سان گڏجي نئين ضلعي هاڻي ”قمبر شهدادڪوٽ ايٽ قمبر“ قائم ڪرائڻ واري تحريڪ ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو، ’قمبر ضلعو بچايو‘ تحريڪ جو سيڪريٽري رهيو. سندس مستقل رهائش قمبر ۾ آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو