سنڌ جي مشهور تاريخدان ۽ اديب دادا سنڌي جي سڀاڻي 16 هين ورسي آهي، پر ڪنهن به سرڪاري ادبي اداري يا ثقافت کاتي کيس ياد نه ڪيو ۽ نه ئي ڪو ورسيءَ جو پروگرام رٿيو ويو آهي. ياد رهي ته، دادا سنڌي سنڌ جو مشهور تاريخدان ۽ اديب رهيو آهي، جنهن پنهنجي 52 سالن جي زندگيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي 15 ڇپيل ۽ 25 اڻ چپيل ڪتاب ڏنا. داداسنڌي جو مائٽاڻو نالو ڪريم بخش ۽ ذات جو سومرو هو. پاڻ 5 جولاءِ 1945ع تي ڳوٺ داد لغاري تعلقي ڏهرڪي ۽ ضلعي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ داد لغاري، سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو، انٽر گورنمينٽ اسلاميه آرٽس ڪاليج سکر، ۽ بي اي ۽ ايم اي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. پاڻ پيشي جي لحاظ کان اُستاد هئا. دادا سنڌي پنهنجي لکڻ جي شروعات 1963ع ۾ ڪئي. سندس تاريخي ادب جو شوق رحيمداد خان مولائي شيدائي سان ملاقات کان پوءِ ٿيو. سندس تاريخي مضمون لکڻ جي شروعات پاڻ ون يونٽ جي دور ۾ ون يونٽ جي خلاف مضمون لکي ڪئي. پاڻ 1990ع کان 1991ع تائين ريڊيو پاڪستان خيرپور لاءِ سنڌ جي تاريخ تي ريڊيو اسڪرپٽ به لکندا رهيا ۽ اهي اسڪرپٽ اٺ ڪتابن تي مشتمل آهن. هن سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي 15 ڇپيل ڪتاب ڏنا، جن ۾ ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون، اڳوڻين سنڌين جو پرڏيهي واپار، سنڌين جي فوجي مهارت،1857 جي جنگ آزادي ۽ سنڌ، سنڌ جي عالمن جا سُنهري ڪارناما، تاريخي ماڻهو تاريخي ڳالهيون، سنڌيڪا سنڌي گرامر وغيره شامل آهن. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ آزاديءَ جون تحريڪون ۽ سنڌ، سنڌ جا صوفي شاعر، وري سي وطن ڄايون (سنڌ جون عظيم عورتون)، سنڌ جا بندر ۽ بازارون ، سنڌ جا قلعا، شاهه جا تاريخي ڪردار ، سنڌ جا قديم درسگاهه، سنڌ جا اوائلي تختگاهه، سنڌ جا تعليمي محسن، اقراءَ (تعليم بابت مضمون)، مقالات دادا سنڌي ، افڪار لطيف وغيره شامل آهن. دادا سنڌي هڪ سچو محب وطن دوست اديب ۽ تاريخدان هو، هن ڪڏهن به پنهنجي آدرشن کي ڪنهن لالچ تي نه وڪِيو. دادا سنڌي صاحب کي ادبي خدمتن عيوض مختلف ادبي ادارن طرفان ڪيترائي ايوارڊ مليا. جن ۾ سنڌي سنگت ايوراڊ، سنڌالاجي ايوارڊ، آل سنڌ ٻالڪ ايوراڊ، سنڌي قلم ايوارڊ وغيره شامل آهن. 11 جنوري 1998ع ۾ دادا سنڌي جي وفات کان پوءِ سرڪار پاران سندس ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا. دادا سنڌي جي ڪتابن جو وقت سر نه ڇپجڻ ادبي ادارن جو غير منصفاڻو رويو آهي. دادا سنڌي پوري عمر سنڌ جي تاريخي ادب جي خدمت ڪئي ۽ پنهنجي وفات کان پوءِ ٽيهارو کن ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ ڇڏيا.