انڌا اونڌا ويڄ : رسول بخش پليجو

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    [​IMG]

    ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ پيش آهي۔ هيءُ ڪتاب نامياري نقاد، قانوندان۔ سياستدان ۽ ڏاهي محترم رسول بخش پليجي صاحب جو لکيل آهي. ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ڇپيا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.

    ان بابت محترم شمشير الحيدري ٻڌايو ته شيخ اياز خلاف سخت لکيو پئي ويو ۽ خاص ڪري جماعت اسلامي پاران هن خلاف فتوائون صادر ٿي رهيون هيون۔ مان رسول بخش پليجي جي خدمت ۾ حاضر ٿيم۔ چانهه پيارڻ کانپوء چيائين ڪم ٻڌاء، مون عرض ڪيومانس ته شيخ اياز خلاف وڏي واويلا پئي هلي ڪجهه ڪر۔ چيائين ڇا ڪيان۔ مون عرض ڪيومانس ته ڪجهه لک۔ هن هڪ ڪالم لکيو ۽ چيائين هي وٺ۔ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ ڪالم سان ڇا ٿيندو ۽ پوء مان اتي رهي پيس ۽ پوء ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪتاب ڇپجي ويو، جيڪو سڀني جي سوالن ۽ فتوائن جو جواب آهي۔

    پليجو صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو:

    هي ڪتاب فيسبوڪ جي گروپ آنلائين ڪتاب گهر جي محمد قاسم سومري پاران رياضت ٻرڙي صاحب جي بلاگ تنقيدي مضمون ۽ مقالا ۽ ڪتابن جا مهاڳ ۽ تجزيا تان اي بوڪ جي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي۔


     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. طارق شبير ڀٽي

    طارق شبير ڀٽي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 آگسٽ 2016
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هي ڪتاب ٻه دفعا پڙهي چڪو آهيان، پر هر دفعي نوان خيال، نئون اتساه، نئون مزو ملي ٿو.. تمام بهترين ڪتاب...!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو