سنڌ سلامت لائيو اپڊيٽ

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت جي ايڊمين پينل تي چيڪ ڪرڻ سان خبر پئي ته ڪجهه ڏينهن کان سنڌ سلامت تي سرگرمين ۾ اضافو ٿيو آهي۔۔۔ ۽ رڪنن کان علاوه مهمانن کي به دير تائين مختلف موضوعن کي پڙهندي ڏٺو ويو آهي ۔۔ خاص طور هلندڙ مذهبي بحثن وارن موضوعن ۾ ايتري تائين جو ايڊمن پينل اهو پڻ ڏسيو ته ڪجهه رڪن بار بار انهن موضوعن جي صفحن کي ريفريش ڪري نئين سرگرمي کي معلوم ڪري رهيا آهن۔۔۔ جنهن کانپوءِ ذهن ۾ خيال آيو ته ڇو نه ڪجهه نيون سهولتون آڻجن۔۔۔
    ۽ آخرڪار ڪجهه ڪوششن سان فيس بوڪ تي لائيو اپڊيٽ واري فيچر کي سنڌ سلامت تي پڻ ڪاميابي سان اپلائي ڪيو ويو۔۔۔ جنهن تحت هاڻي صفحي کي ريفريش ڪرڻ کان سواءِ ئي نئون ايندڙ اطلاع معلوم ڪري سگهبو ۔۔ گڏ انٽرنيٽ تي ويهندي مختلف ويب پيجز جهڙوڪ فيس بوڪ يا گوگلنگ ۾ مصروف هجڻ ۽ سنڌ سلامت صفحي ته نه هجڻ باوجود سنڌ سلامت اطلاع سنڌ سلامت برائوزر ٽيب تي تعداد جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو جنهن سان رڪن کي تڪڙو اطلاع ملي سگهندو ته سنڌ سلامت تي سندن لاءِ اطلاع موجود آهي۔۔۔
    خود ڪار سسٽم تحت سنڌ سلامت طرفان توهان لاءِ هر 10 سيڪنڊن کان پوءِ صفحو تازو ٿي توهان جي اطلاعن کي چيڪ ڪري توهان لاءِ تعداد ظاهر ڪندو۔۔۔
    [​IMG]

    جيئن ته هي آپشن لاڳو ڪرڻ سان سنڌ سلامت جو سرور وڌيڪ مصروف ٿيندو ان ڪري في الحال ڊيڊيڪٽڊ آئي پي تي هجڻ ڪري ان کي عارضي طور لڳايو ويو آهي۔۔ ڊيڊيڪيٽن سرور جو وقت ختم ٿيڻ جي صورت ۾ هن آپشن کي غير فعال ڪيو ويندو ۔۔۔ هن آپشن کي مستقل تڏهن ئي بڻائي سگهبو جڏهن ڊيڊيڪٽ سرور کي وڌيڪ عرصي لاءِ خريد ڪيو ويو۔۔۔:)
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]

    ڪُجهه ڏينهن پهرين ذيشان رشيد اها ڳالهه ڪئي هئي۔ سرور ڳري ٿيڻ جي به ڳالهه ڪيائين پئي۔ پر هن وقت اهو چاچا سرور وڏو باڊي بلڊر آهي۔ پر افسوس جو سنڌ سلامت جي وڌي ويل بار کي کڻڻ لاءِ سنڌ سلامت تي وڌي ويل ٽرئفڪ جي ڪري هاڻي اهو سگهارو چاچا سرور اڻ ٽر ٿي پيو آهي۔ مالي وسائل جي محدود صورتِحال ۾ اهو چاچو پاڻ سان رکي به نه ٿو سگهجي۔ ۽ سنڌ سلامت جو بار اڀرا سڀرا ۽ سستا چاچا سرور کڻڻ کان لاچار آهي۔ خوشي ٿي ته مون وٽ اڳ بوڪ مارڪ ٿيل ٽئب تي اڳ ۾ ئي ايڪٽيويٽ ٿيل هو۔
    جيسين اهو مسئلو حل ٿئي۔ اهڙا فيچر ڪم ايندا۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 جنوري 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا ذيشان۔۔ توهان هڪ دلچسپ حقيقت ٻُڌائي آهي۔ :)
    مون ڪجهه دير لا اهو سوچيو ته سنڌ سلامت تي هلندڙ مذهبي بحثن جي مقبوليت جا ڪارڻ ڪهڙا ٿي سگهن ٿا۔۔۔۔؟
    منهنجي خيال موجب۔۔۔
    • سنڌي ماڻهن جي اڪثريت مذهب جا اهي رُخ ۽ اُهي موضوع جيڪي نهايت حساس سمجهيا وڃن ٿا ۽ جن تي عام طور اسان جا عالم سڳورا به گهٽ ڳالهائيندا آهن ، انهن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا خوهش مند آهن
    • سنڌ سلامت تي فيس بڪ جيان ڪنهن جي ذاتي توهين نه ڪئي ويندي آهي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي ڳالهه اخلاق جي دائري ۾ ڪرڻ جي اجازت آهي۔ هتي جو چيڪ اينڊ بلينس انتظام نهايت بهترين ۽ فعال آهي۔
    • هتي موجود سڀ دوست مختلف فرقن جا هوندي به برداشت، تحمل ۽ بردباري سان پنهنجا پنهنجا مذهبي عقيده علم ۽ عقل موجب ٻين سان ونڊ ڪن ٿا۔اها ڳالهه مان سمجهان ٿو ٻئي ڪنهن فورم تي موجود نه آهي۔
    اهو ئي سبب آهي جو هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو مذهب کي سمجهڻ خاطر هن اڱڻ تي اچي ٿو۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 جنوري 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    هن کان پوء الائي مون سان مسئلو آهي الائي سڀن سان سائيٽ تي جواب موڪليو ته تمام دير ٿي لڳي لائيڪ ڪرڻ لاء به ٻه ٽي دفعا ڪلڪ ڪرڻو ٿو پوي دوست ٻڌائيندا ته اهو مسئلو فقط مون سان آهي يا ڪنهن ٻئي سان به آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا الله اوهان جي توفيقات ۾ اضافو فرمائي اهي اوهان جا احسان اسان ڪي لاهڻ کان وڏا آهن بس الله کان اوهان جي لاءِ ٻاجھ جا سوالي آهيون ۔ بس اوهان لاءِ ايتري ديعا اهي
    جاڏي پير تاڏي خير۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رشيد الدين

    رشيد الدين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2014
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ تي الله پاڪ جي رحمت آ
     
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    قبلا اهو مسئلو ڪڏهن ڪڏهن اسانسان به ٿيندو آ
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جن دوستن کي فورم تي چار سال ٿيا آهن انهن کي پوائنٽس يعني ملڪيت مان حصو ڪونه مليو آهي ، تنهن جو انتظار اٿن ويچارنکي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رشيد الدين

    رشيد الدين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2014
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    نه سائين اهو مسئلو اسان سان ته نه آهي
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت کي جديد ورجن تي اپگريڊ ڪرڻ کان پوءِ لائيو اپڊيٽ ۾ پڻ وڌيڪ بهتريون آنديون ويون آهن .. جنهن تحت هاڻي رڪن کي اختيار حاصل هوندو ته هو پنهنجا اطلاع برائوزر ۾ لائيو اپڊيٽ ٿيندي ڪهڙي طرح سان ڏسي.. ايسيتائين جو هو چاهي ته هاڻي فيس بوڪ وانگر ٽيب ٽائيٽل طور پڻ ڏسي سگهي ٿو...
    وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو هي تصوير..​

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. شبير ڪاٺيو

    شبير ڪاٺيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    73
    ڌنڌو:
    طالبِعلم
    ماڳ:
    خيرپور
    اھا ڳالھ ٻڌي تمام گھڻي خوشي ٿي ت سنڌسلامت کي استعمال ڪرڻ وارا وڌندا پيا وڃن ۽ اللّه ڪندو ايئن ئي واڌارو ايندو رھندو آمين. حقيقت اھا آھي ت مونکي فيس بوڪ کان وڌيڪ سنڌ سلامت تي پنھنجائپ پئي محسوس ٿئي جيتوڻيڪ فيس بوڪ تي ڪيترائي سڃاڻپ وارا دوست آھن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو