• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روشنيءَ جون اکيون - پريم پتافي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1520645_10202687435285247_779029459_n.jpg

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر پنجهٺ (65) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”روشنيءَ جون اکيون“ ڀلوڙ شاعر پريم پتافي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

اسين ٿورائتا آهيون پريم پتافي صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي ڪتاب رمجهم پبليڪيشن دادو پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

واسطا ويا وڌي.
رابطا ويا وڌي.

نيڻ ٽڪراءُ سان،
حادثا ويا وڌي.


هُن جو مُرڪي ڏٺو،
حوصلا ويا وڌي.


ڪيئن توسان مِلان،
ضابطا ويا وڌي.

پنهنجي وچ ۾ پريم!
فاصلا ويا وڌي.




 
Back
Top