سائين لائق ٿيٻو: لائق استاد، لائق دوست مٺل جسڪاڻي سائين لائق ٿيٻو (لائق سنڌي) ٿوري دير اڳ سدائين لاءِ خاموشي اختيار ڪري وڃي ابدي ننڊ ستو، سندس آخري ديدار اڄ (خميس 16 جنوري 2014ع) شام 7 وڳي جنازي نماز بعد حيدرآباد لڳ موري منگر ۾ ممڪن آهي. سائين لائق کي آئون 1972-1973ع کان پهرين استاد جي حيثيت ۾، پوءِ دوست جي حيثيت ۾، تنهن کان پوءِ صحافي جي حيثيت ۾ سڃاڻا... سائين جو ملڻ، ڀاڪر پائڻ، چهنڊڙيون هڻڻ، اڄ به ياد اٿم. سائين وٽان ملندڙ پنهنجائپ ٻين ٿورن استادن مان ملي... سائين سدائين کل مک، مهربان، سونهين جي حيثيت ۾ رهيو، جنهن ڪري سائين سان وري وري ملڻ تي دل گهرندي رهي، پر زماني جي ڪمن ڪارين سبب ملندي سال به گذرندا رهيا... سائين جيستائين اسڪول ۾ هو، گهٽ ملڻ ٿيندو هو ۽ سندس رويو به صرف مهربان استاد وارو ئي هو. سائين جڏهن اسڪول مان بدلي ٿي ويو، ته سندس ملڻ جو انداز استاد سان گڏ شفيق مائٽ جو رويو به رهيو، پر اڳتي هلي اهو رشتو دوستي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو. سائين وٽ گهڻو ملڻ روزاني آفتاب حيدرآباد جي پريس ۾ ٿيندو هو. جتي هو سدائين مستقل ۽ وقت جي پابندي سان پنهنجي ڪرت ۾ مشغول هوندو هو. شروع ۾ صرف ڪاتب طور ڏسندا هئاسين، پوءِ پروف ريڊر طور به ڏٺم، نيوز ايڊيٽر جو ڪم ڪندي به ڏٺم، هفتيوار ادبي صفحي جو انچارج به سائين رهيو، تنهن دوران به سندس سلامي ڀربي هئي. شيخ علي محمد کان پوءِ ڳچ عرصو آفتاب اخبار هلي، پر نيٺ بند ٿي وئي. تنهن ڪري سائين سان منهنجون ملاقاتون، ساڻس رستي هلندي يا وري پريس ڪلب ۾ ٿيون. جڏهن ته پاڻ آفتاب کان پوءِ بدران ڪڏهن سنڌ اخبار ۾، ڪڏهن عبرت ۾، ته ڪڏهن ڪاوش ۽ ڪوشش ۾ به سائين ڪم ڪيو. سائين لائق سنڌي جهڙا مهربان، شفيق، ڄاڻ جا ڀنڊار، شاگردن تائين پنهنجي ڄاڻ، پنهنجو علم پهچائڻ وارا استاد تمام گهٽ رهيا آهن. سائين جي دوستي به عجيب ۽ غريب، بنا لوڀ ۽ لالچ واري... اسان دوست ته ڪڏهن ذاتي ڪم سان به وڃي نڪرندا هئاسين، پر مون کي ياد نه آهي ته سائين ڪڏهن ذاتي ڪم سانگي آيو هجي!؟ جڏهن ته مختلف سالن ۾ آئون اهڙن هنڌن تي پنهنجا فرائض انجام ڏئي چڪو آهيان، جتي صحافي پاڻ ڄاڻ اچي نڪرندا هئا. ڪڏهن ڪنهن اشتهار لاءِ ته ڪڏهن خبرن لاءِ... سائين لائق جون گهڻيون ڳالهيون ذهن تي ائين پيون اچن، جو لکندو وڃان... سائين لائق صرف منهنجو سائين نه، تمام گهڻن جو سائين آهي. سائين کي گهڻا اهڙا به سائين چوندا آهن، جيڪي پاڻ به سائين آهن. سائين سڏبا آهن. سائين لائق وڏي حلقي واري شخصيت جو ڌڻي آهي. سندس واسطو، رابطو، گهڻ ڀلائي، تمام ننڍڙي صحافي کان ناليوران صحافين، ڪالم نويسن، ليکڪن، دانشورن، اديبن، شاعرن، سماج وادن، ساڃانهه وندن سان رهيو... سائين لائق جي لائق روئيي سبب، جيئن هو پاڻ هر شخص کي مانُ ڏيندو هو، ان کان مانُ وٺندو به رهيو... سائين لائق جهڙن مٺڙن ماڻهن جي سدائين لاءِ خاموشي گهڻن جون اکيون آليون ڪندي آهي، اڄ صرف اکيون ئي آليون نه هونديون، پر ڪي اکيون ته نيسارا ڪري وهنديون. لائق استاد ۽ لائق دوست سائين لائق سنڌي (لائق ٿيٻو) جي مغفرت ۽ پونئرن جي صبر لاءِ تمام گهڻيون، هيڪانديون دعائون... (روزاني عبرت حيدرآباد، جمع 17 جنوري 2014ع)