عبدالڪريم گدائي : روايت ۽ بغاوت جو شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    عبدالڪريم گدائي : روايت ۽ بغاوت جو شاعر

    محمد عثمان ميمڻ

    سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر عبدالڪريم گدائي ولد بجار خان لاشاريءَ ويهين صديءَ جي پهرين ڏينهن پهرين جنوري 1901ع تي ڳوٺ ڪريم آباد، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. عبدالڪريم گدائيءَ ابتدائي تعليم ٺل ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ جيڪب آباد ۽ سکر مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. 1918ع ۾ پوسٽ کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين، جتي ڪجھه عرصو رهڻ بعد استعيفى ڏئي، خانصاحب بهادر خان کوسي جي پٽ مير شاهل خان ۽ مير سڪندر خان جو پرائيوٽ ٽيوٽر مقرر ٿيو. انهيءَ زماني ۾ لطف الله بدويءَ سان واقفيت ٿيس، جنهن جي صحبت ۾ ’گدائي‘ تخلص اختيار ڪري شعر لکڻ شروع ڪيائين ۽ سندس شعر مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿيا. عبدالڪريم گدائي 1932ع ۾ خانگي نوڪري ڇڏي تحريڪ آزاديءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ٺل ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، جنهن دوران انگريزن خلاف ڪيتري ئي شاعري ڪيائين. 1948ع کانپوءِ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ عوامي شعر لکيائين. 1960ع ۾ سندس قومي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان طرفان هڪ سؤ روپيا ماهوار وظيفو ملڻ شروع ٿيس، جيڪو تاحيات جاري رهيو. 1965ع ۾ سندس ڪلام جو پهريون مجموعو ’ساڻيهه جا سور‘ شايع ٿيو، جنهن تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران هڪ هزار روپيا انعام مليس. سندس شاعريءَ جا ٻه ٻيا مجموعا ’پيماني تي پيمانو‘ (1974ع) ۽ ’پکڙا ۽ پنهوار‘ 1975ع ۾ شايع ٿيا. گدائي سنڌ جو انقلابي ۽ عوامي شاعر هو، هو هن ڌرتيءَ جي ميرڙن ماروئڙن جي درد جو شاعر هو. عبدالڪريم گدائي شاعر سان گڏوگڏ هڪ سٺو نثر نويس، ڪالم نگار، تاريخدان، ڊراما نويس، اداڪار، سنگيت جو ماهر ۽ صحافي به هو. پاڻ ڪجھه وقت لاءِ جيڪب آباد جي هفتيوار اخبار ’صبح سنڌ‘، ’فرنٽئر گزيٽ‘، ’مجاهد‘، ’انقلاب‘، ’امروز‘ ۽ ’ستاره سنڌ‘ جو ايڊيٽر پڻ رهيو، هن جيڪب آباد ضلعي جي تاريخ ’خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين‘ نالي سان پڻ لکي. هن سنڌي مزاحمتي شاعر تي عمر جي آخري حصي ۾ فالج جو حملو ٿيو، جنهن سبب 28 جنوري 1978ع تي جيڪب آباد ۾ وفات ڪيائين. عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ ۾ عوامي رنگ نمايان آهي، جنهن ۾ سنڌ جي درد جي ڳالهه نمايان ڪئي اٿائين. سندس ڪيترائي نظم درسي ڪتابن ۾ پڻ موجود آهن.

    وڙهي تيز طوفان ۽ موجن سان هردم
    وڃي نيٺ ٻيڙو ڪناري ڇڏيو سين،
    سفر زندگيءَ جو ڪٺن هو ’گدائي‘
     
    عرس پريو، خدابخش مشاخ ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عبدالڪريم گدائي : هيڻن جو همراهه
    شاڪر کوسو

    ويهين صديءَ جي شروعات ۽ سندس پهرين سال جي پهرين تاريخ تي ٺل تعلقي جي ناليواري زمينداربهادر خان کوسي جي ڪمدار بجار لاشاريءَ جي گهر ۾ پٽ جي ولادت ٿي،پٽ جي آمد تي خوشيءَ جا ڳيچ ڳايا ويا،سندس ڇٽيءَ تي اوڙي پاڙي ۽ بجار لاشاري جي ڪمداري هيٺ آيل هارين جي عورتن جي مبارڪباديءَ لاءِ اچ وڃ رهي هوندي،ان ڏينهن بجار پاران پتڪڙي پٽ جي ڇٽيءَ جو نالو ”بگن“ رکيو ويو جيڪو بعد ۾ بانبڙا پائڻ ۽ پهرين شرارت کان پوءِ ”بگن“ مان ڦري ”بگو-بگو“ سڏجڻ لڳو. خيال اهو ٿو ڪجي ته سندس والد پاران ڀوتارڪي راڄ هيٺ سندس ”درخشان مستقبل“ لاءِ دعائون گهريون ويون هونديون ۽ دل ئي دل ۾ اهو سوچي گد گد ٿيو هوندو ته ”بگن“ وڏو ٿي سندس ”منصب“ سنڀاليندو پر هن کي ڪهڙي ڪل ته اڄ جو ”بگو“ سڀاڻي جي سنڌ جو ”عبدالڪريم گدائي“ بڻجي ڏيهه جي ڏاڍن ۽ بگڙيل ڀوتارن خلاف بغاوت جا الم بلند ڪري ”ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي“ بڻجي گونجار ڪندو!

    سچ ته عبدالڪريم گدائي ويهين صديءَ جي پهرين سال جي پهرين ڏينهن جو خداتعالي پاران مظلوم مخلوق لاءِ خلقيل تحفو آهي پاڻ جڏهن سندس شاعريءَ جي ڪليات ”لاٽ ٻرندي رهي“۾ گهرون ٿا ته سندس شاعري ڄڻ ته اسان منجهه سرايت ڪري وڃي ٿي ۽ سندس شاعري اتساهه ڏيارڻ لاءِ هيئن ٻارڻ جو ڪم ڪري ٿي؛

    نيٺ گدائي ٻارڻ ٻرندا
    انسانن جا وارا ورندا
    ڪنڊن مان ئي ڦول اڀرندا
    ظالم سڙندا،ڳرندا،مرندا
    ماڻهو ٿيندا شاد
    دنيا ۾ نيٺ ته ٿيندو دادٰ !

    سندس شاعري پڙهي خواهش ٿي جنم وٺي ته ڪاش!اسين به گدائيءَ کي روبرو ٻڌون ها پر موت ته اوس اچڻي ئي آهي،جنهن مان هن جهان جا وڏا وڏا عالم، مدبر، سائنٽسٽ، مفڪر شاعر اديب ۽ سياستدان به پلئه پاند نه ڇڏائي سگهيا آهن بهرڪيف هر اهو ماڻهو جيڪو هن جهان کي الڳ ۽ منفرد زاويي سان ڏسي ٿو اهو پنهنجن قولن، فعلن، عملن ۽ سچاين ڪري هر دور ۾ زنده جاويد رهي ٿو، اڄ ”گدائي“ صاحب ان ڪري زنده جاويد ناهي ته هو هڪ ناليواري زميندار جي ڪمدار جو پٽ هو پر اڄ هو اسان جي نوجوانن، نياڻين ۽ پوڙهن جي دلين جي ڌڙڪن انڪري بڻيل آهي جو هو اسانجو ترجمان آهي، اسانجي خيالن جي عڪاسي ڪندڙ، اسانجي جذبن، امنگن، احساسن ۽ ڌرتيءَ کي دين ڌرم مڃيندڙ محب وطنن جو ايمان آهي!
    جڏهن ڀٽي صاحب اٽي، لٽي ۽ اجهي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ته گدائي صاحب پنهنجن خواهشن کي هيئن بيان ڪيو؛

    ڪر سڻايون ٿين ديس ۾ شل!
    اجهو، لٽو ۽ اٽو، ان جال جام ٿئي!

    گدائي صاحب پنهنجن مختلف شعرن ۾ فيض احمد فيض جيان اسان سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته حيات انساني جي اجتماعي جدوجهد جو ادراڪ ۽ پوءِ ان جدوجهد ۾ حسب توفيق شرڪت ئي نه رڳو زندگيءَ جي تقاضا آهي پر فن جي گهرج پڻ! ۽ گدائي صاحب بذات خود انهيءَ جدوجهد ۾ بر سر پيڪار رهيو، سياسي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن ۽ وطن جي گھڻ گهرن کي ملندڙ صعوبتون،اذيتون،قيد تنهايون، ۽ عملدارن جا مڪروه ٽهڪ انهيءَ سڄي عملي ڪم جا روشن مثال آهن، اسين سمجهون ٿا ته شاعر ۽ اديب جو ڪم فقط ۽ فقط ”غير جانبدار“ ٿي لکڻ آهي ۽ غير جانبدار ٿي لکڻ سان ئي حقيقتن جي صحيح عڪاسي ڪري سگهجي ٿي ۽ انقلاب جو رستو ”غير جانبدار“ ادب مان ئي تعين ڪري سگهجي ٿو.
    گدائي صاحب جي شاعريءَ جا ڪيترائي پاسا آهن، هڪڙي پاسي دنيا جي تلخ حقيقتن ۽ ظلمتن جو درد آهي ته ٻئي پاسي وري گدائي صاحب حسن و محبت جي حڪايتن جا گيت ٻڌائيندڙ آهي، گدائي صاحب ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڍ ڏهڪاءُ جبر جي ڪوٽن کي مضبوط ۽ ويچاري انسان کي سورن ۾ورتل ڏسي دانهين ٿو.
    سندس شاعريءَ جا ڪيترائي رنگ ۽ پاسا آهن دل ته چئي ٿي ته سندس مڪمل ”ڪليات“ هتي ڏيئي ڇڏيان.
    گدائي صاحب جي شاعري اڄ جي حالتن سان به ٺهڪندڙ آهي جيتوڻيڪ گدائي صاحب کي هن دنيا مان وئي ڪيئي ورهيه گذريا آهن پر هو پنهنجي شاعري وسيلي ”بني نوع انسان“ جي بقا تائين زنده جاويد رهندو. اچو ته اُن عظيم انسان کي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس ئي سٽن ۾ ڀيٽا ڏيون:

    جيئي سنڌ! جيجل جو آهي قسم،
    ته جيسين آ سينو ۽ سيني ۾ دم،
    ٿئي ديس خاطر جي سر ڀي قلم:
    ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي!
    ...

    سنڌي سينٽ بلاگ تان ورتل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏28 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نظم

    عبدالڪريم گدائي

    ويڙهيون ۽ ولهار
    بهار ايندو، قرار ايندو.
    اجهو موسم ڦِري ساٿي، خزان ويندي، بهار ايندو،
    گجي گرنار پاسي کان، اجهو ابرِ بهار ايندو،
    انبن جي ٻُور تي ڀونئرو به ٿي بي اختيار ويندو،
    ڪَليون ٽڙنديون اُميدن جون، دلين کي ڀي قرار ايندو،
    وڻن ۾ برک و بار ايندو،
    ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،
    بهار ايندو، قرار ايندو.

    ڪري سينگار ساهيڙيون، سُهانا گيت ڳائينديون،
    هٿن پيرن کي ميندي، سينڌ ۾ سندور لائينديون،
    اندر جا راز رمزن ۽ اشارن ۾ ٻُڌائينديون،
    ڪري هڪٻئي کي ڪتڪايون، کِلي هر هر کِلائينديون،
    ۽ جوڀن تي بهار ايندو،
    ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،
    بهار ايندو، قرار ايندو.

    ڪُراڙيون پاڻ ۾ ويهي، جُڳن جا راز کولينديون،
    لَڪن تي آڱريون نيئي، نرالا ٻول ٻولينديون،
    قطارن ۾ ويهي جيڏيون، جوئان هڪٻئي جون ڳولينديون،
    جڏهن هو پنهنجي سيني تي سياہ واسينگ کولينديون،
    ته عاشق بي قرار ايندو،
    ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،
    بهار ايندو، قرار ايندو.

    دماما، دهل، شرنايون، ڪٿي ڌمچر مچائينديون،
    ننڍيون نيٽيون، مِڙي لاڏا ۽ سهراخوب ڳائينديون.
    دهل جي تال تي گڏجي، ڪئين تاڙيون وڄائينديون،
    ڪنواريون گهوٽ سان چرچا ڪندي ميندي لڳائينديون،
    بنو ٿي شرمسار ايندو،
    ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،
    بهار ايندو، قرار ايندو.

    مهر جا مينهن پوندا ۽ ترايون تار ٿي وينديون،
    وطن جون واديون گل پوش ۽ گلزار ٿي وينديون،
    مسرت سان مليراڻيون مڙئي سرشار ٿي وينديون،
    نئين رت ساڻ نو ورنيون سڀئي گلنار ٿي وينديون،
    سمو پڻ سازگار ايندو،
    ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،
    بهار ايندو، قرار ايندو.

    جوانيون اوٽ ۾ ويهي، سلينديون راز اُلفت جا،
    ونڊيندا درد هڪٻئي سان، ويهي دمساز اُلفت جا،
    ڪنڊن ڪرڙن منجهان ايندا، مٺا آواز اُلفت جا،
    لَيون لاڻيون سڻائينديون، ”گدائي“ ساز اُلفت جا،
    مزو بي اختيار ايندو،
    ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،
    بهار ايندو، قرار ايندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عبدالڪريم گدائي

    هيءَ رات کُٽڻ تي آئي آ، باقي به گذاري وينداسين،
    پر ويندي ويندي سنڌڙيءَ جي هيءَ سينڌ سنواري وينداسين.


    جي ناوَ پراڻي آهه ته ڇا، طوفان به آ جي ساگر ۾،
    پر پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي، هي پار اُڪاري وينداسين.


    هيءَ واٽ اڙانگي اوکي آ، ۽ روهه جبل ڀي راهن ۾،
    جي پيار وطن سان پختو آ، سڀ ڏونگر ڏاري وينداسين.


    آ تَڙ تَڙ تي طوفان کڻي، دم دهشت ڀي آ دريا ۾،
    پر ڪارو ڪارونڀار ڪٽي، هيءَ ٻيڙي تاري وينداسين.


    آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر، پر رت پنهنجي جو تيل ڏئِي،
    هَر موڙ مٿان آزاديءَ جي، هڪ مشعل ٻاري وينداسين.


    گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه نه آ، هي مهلون آهن مُڙسن لئي،
    ڏس اوڀر کان ٿي باک ڦُٽي، هيءَ منزل ماري وينداسين.


    هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ، هڪ ڏينهن ته آخر مرڻو آ،
    پر ويندي ويندي پوين لئي، هيءَ واٽ سنواري وينداسين.


    هيءَ آهه ڀٽائيءَ جي ڌرتي، هت اوندهه مور نه اچڻي آ،
    هِت پنهنجي رت جو ريج ڏئي، سَوَ سج اُڀاري وينداسين.


    هن چوٿين مارچ جي ڪاميابي،سڀ آهه،اوهان جي ايڪي سان،
    جي ڇُڙ ڇُڙ گابا ٿينداسين، هيءَ بازي هاري وينداسين.


    آ نيٺ ’گدائي‘ مرڻو پر، هيءُ ساهه سَنڌن ۾ آ جيسين،
    هن حبِ وطن جو پوين ۾، هڪ ٻارڻ ٻاري وينداسين.

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روايت ۽ بغاوت جي شاعر
    عبدالڪريم گدائي
    جي ورسيء تي ڀيٽا

    [​IMG]
     
  7. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    عبدالڪريم گدائي سنڌ جو قادرالڪلام شاعر هو
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قاضي منطر حيات جي ٽائيم لائين تان ورتل

    پکڙن ، پنهوارن جو ۽ ساڻيه جي سورن جو انقلابي ۽ عوامي شاعر چاچو عبدلاڪريم ”گدائي“ (1901ع ـ 1978ع) سنڌي مزاحمتي شاعريءَ جو سرواڻ سونهين ، هن شاعري سان گڏوگڏ هڪـ عملي سنڌ پرست سچار جو ڪردار ادا ڪيو ۽ تاريخن ۾ وطن دوستيءَ جو اهڙو مثال قائم ڪيو جو سندس ڪيترن سالن جي وڃوڙي بعد به سنڌ کيس ساري ٿي ۽ سلام پيش ڪري ٿي.
    ڌرتيءَ سان پيار هڪ فطري عمل آهي، اهڙو جذبو حساس ذهنن ۾ وڌيڪ محسوس ڪيو ويو آهي پر چاچي ” گدائي“ جي گيتن ، نظمن ، بيتن ،وائين ۾ اهڙو عنصر / احساس ڪثرت سان ملي ٿو . هن سارا شعر سونهاري سنڌ کي ارپيا آهن ، هر هڪ جملو توڙي لفظ مٺڙي ماتا لاءِ لکيو آهي .وطن جي دائمي جياپي لاءِ پنهنجي جان جوکي ۾ ڏيندي سرهائي ڀانئي اٿائين ۽ ساهه جي هر سڏڪي عيوض سنڌ امڙ جي بهتري ۽ ڀلائي قبولي اٿائين :


    [​IMG]



    [​IMG]
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جو انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائي

    اسماعيل لاشاري

    هر ماڻهوءَ جو ڪردار پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ رکندو آهي. جنهن ماڻهوءَ جو جهڙو ڪردار ۽ ڪم هوندو آهي تاريخ به ان کي اوتري ئي موٽ ڏيندي آهي. جيڪي انسان تاريخ جا ڪردار بڻجي ويندا آهن. ۽ تاريخ انهن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي آهي.ضلعي جيڪب آباد جو مرحوم عبدالڪريم گدائي به انهن ئي تاريخ ڪردارن مان هڪ هو. جيڪو پهرين جنوري 1901ع ۾ ڳوٺ ڪريم آباد تعلقي ٺل جي بجار خان لاشاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جنهن جي ڇٺي جو نالو والدين بگن عرف بگو رکيو. جڏهن ته بگن عرف بگو 6 سالن جو ٿيو ته والد بجار خان لاشاري کيس 1906 ۾ اسڪول داخل ڪرايو، جتي سندس استاد اسڪول جي رڪارڊ ۾ بگن بجاءِ عبدالڪريم جي نالي سان نالو داخل ڪيو. جتان هن پنج درجا پڙهي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ 1911ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي کيس قاضي عبدالڪبير درٻيلائي ۽ هيرانند خيرپوري جي شفقت حاصل ٿي ۽ سال 1916ع ۾ جيڪب آباد مان پنج درجا انگريزي پاس ڪرڻ کان پوءِ پاڻ جي ميونسپل ۾ انگريزي ڇهين درجي ۾ داخلا ورتائين ۽ ڇهون درجو پاس ڪيائين. هڪ سال مئٽرڪ پڙهڻ کانپوءِ 1918ع ۾پڙهائي ڇڏي اچي گهر پهتو. جنهن جو ڪارڻ هو حسابن جي آزمائشي امتحان ۾ مارڪون گهٽ کڻڻ، قاضي علي رضا ايم اي روهڙي واري جي ڪافي محنت ڪرائڻ جي باوجود امتحان ۾ پاس ٿي ڪين سگهيو.
    عبدالڪريم گدائي کي ساڳئي سال ۾ مسٽر آنند رام جي ڪوشش سان پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪي ملي جنهن تان هن ڪم وڌيڪ هجڻ ۽ موڪل گهٽ هجڻ جي ڪري سال 1919ع ۾ استعفيٰ ڏيئي ۽ پوءِ ٺل ۾ اچي 1920ع ۾ سنڌي ورنيڪولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ پوءِ پوليس جي ڪانسٽيبل طور درخواست ڏنائين ته هن کي ڪانسٽيبل طور ننڍو منشي ڀرتي ڪيو ويو هن 6 مهينا جيڪب آباد ٿاڻي ٽائون تي ڪئي ۽ پوءِ انهيءَ کي به ڇڏي ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ عبدالڪريم گدائي 1923ع جي پڇاڙيءَ ۾ ٺل جي زميندار مرحوم بهادر خان کوسي جي فرزند شاهل خان جوٽيوٽر ٿيو جتي هن جي ملاقات لطف الله بروهي جوڳي شڪارپوري سان ٿي. جيڪو بهادر اسڪول ۾ نائب ماستر هو. هي ٻئي هڪ ئي بنگلي ۾ رهندا هئا. جنهن جي صحبت ۾ گدائي صاحب کي به شاعريءَ جو شوق ٿيو ۽ پوءِ هن شاعري شروع ڪئي ۽ پنهنجي لاءِ تخلص گدائي چونڊيائين.
    بهادر پور ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ هن کي 1927ع ۾ لائيڊ بئراج سکر ۾ نوڪري ملي ۽ کيس کيرٿر ڊويزن شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو واري سب ڊويزن ۾ سب ڪلارڪ رکيو ويو. پنج سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ان نوڪري تان به هٿ ڌوتائين. جنهن جو سبب رتيديري ڊويزن جي ايس ڊي او سان ڪجهه ڳالهين تي اختلاف هئو، جنهن جي ڪري گدائي صاحب 1932ع ۾ ٻه مهينا موڪل وٺي ٺل آيو ته پويان ايس ڊي او رپورٽ ڪري سندس نوڪري وڃائي ڇڏي. انهيءَ کانپوءِ گدائي صاحب ساڳي سال ٺل ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو،جيڪو ٽن سالن ۾ نقصان جي نظر ٿي ويو. هن وري ٺل ۾ هوٽل کوليو. جيڪو پڻ نوڪرن جي نظر ٿي ويو ۽ سندن مهرباني سان ئي پنهنجي پڄاڻي کي پهتو.
    گدائي صاحب وري 20 جولاءِ 1947ع کان 27 آگسٽ 1948ع تائين سينيٽري ڪاميٽي ٺل ۾ هاڻوڪي ميونسپل ڪاميٽي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. پر پنهنجي ڪجهه ويجهن عزيزن ۾اڻبڻت ٿيڻ جي ڪري 1951ع ۾ ٺل مان لڏي وڃي جيڪب آباد ۾ رهڻ لڳو، جتي پاڻ ادب، سياست ۽ صحافت ۾ ڪافي سرگرم رهيو ” المجاهد“ سنڌ فرنٽيئر گزيٽ ۽ ٻين ڪافي اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. ان کان پوءِ روزاني عبرت جو رپورٽر پڻ ٿيو.
    گدائي صاحب ٽي شاديون ڪيون. کين وچين گهر واريءَ مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون اٿس. مرحوم عبدالفتاح عابد جيڪو شاعر، اديب صحافي هو. عبدالعزيز ساجد، عابده، ساجده ٻه ڌيئر. ٻئي صغيرائپ ۾ ئي فوت ٿي ويون. ٽين گهر واريءَ مان هڪ پٽ ۽ ڌيءَ ٿي جيڪا جاويد ساگر ۽ رزاق بروهي جي والده آهي.
    عبدالڪريم گدائي ننڍپڻ کان ئي خلافت تحريڪ کان متاثر هو. ۽ پوءِ 1932ع ۾ ماروئڙن جي ڏکن ۽ سورن کي ڏسندي ڏاڍو جوشيلو هجڻ ڪي نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ 1942ع تائين ڪانگريس ڪاميٽي ٺل جو سيڪريٽري رهيو. ورهاڱي کانپوءِ هارين ۽ مزدورن تي ساڳيو وڏيرڪو ظلم ڏسي ضلعي هاري ڪاميٽي جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري ٿيو.
    عبدالڪريم گدائي جي چواڻي ته (منهنجي شاعري جو حقيقي) دور پاڪستان جي قيام کان پوءِ شروع ٿئي ٿو) جڏهن قوم جي امنگن جي برعڪس ساڳيو انگريز دور وارو جاگيرداري ۽ زمينداري ظلم دٻاءُ نه رڳو جاري هو پر اڳ کان به اڳرو ۽ ٿي ويو. 1947ع کان پوءِ آزادي وارو خواب شرمنده تعبير ٿيڻ کان رهجي ويو. اسين سنڌي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿي وياسون. امنگون ۽ اميدون پائمال ٿي ويون تڏهن کان منهنجي شاعريءَ موجوده موڙ اختيار ڪيو. گدائي هارين ۽ مزدورن، ماروئڙن سان ساڳي ئي ويڌن ڏسي چوي ٿو ته:

    دل ٿي چوي هڪ آڳ لڳايان
    گهٽ وڌ جو هي فرق مٽايان
    سارو هي مانڊاڻ جلايان
    ڇيڙي ديپڪ راڳ الا وو
    پنهنجو پنهنجو ڀاڳ

    گدائي صاحب پنهنجي ٻئي نظم جي سٽن ۾ چوي ٿو ته

    هن ڌرتيءَ خاطر مرنداسين
    هن ڌرتي خاطر جيئنداسين
    سقراط جيان جي زهر مليو
    ته بي کلندي کلندي پئنداسين
    هي سنڌ سدا خوشحال رهي
    هي ڌرتي مالا مال رهي

    عبدالريڪم گدائي جي هر شعر، غزل، نظم ۽ مضمون ۾ رڳو ڌرتيءَ، مزدورن، هاري ۽ ماروئڙن جو ذڪر ملي ٿو. گدائي صاحب هن نظم ۾ ناانصافين جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو ته

    نرڌن جي پورهئي تي
    ڇو ٿو موج ڪري ڌنوان
    ايڏو هي انياءُ ڏسي
    ڇو ماٺ ۾ آ ڀڳوان
    اي ڌرتيءَ جا مالڪ
    اڄ ڇو ماڻهو آ مجبور
    ڌاڍي جوهيڻي تي
    ڇو آ هر دم قهر ڪلور

    عبدالڪريم گدائي پنهنجي وقت جو ڏاڍو جوشيلو ڪارڪن هو. جنهن جو مواد ان وقت جي ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپيو هو. جهڙوڪ: پيغام، صداقت، سنڌ جيڪب آباد زميندار، ٽماهي مهراڻ، هلال پاڪستان، الوحيد ۽ عبرت وغيره شامل آهن. شاعريءَ سان گڏ وگڏ گدائي صاحب نثر به لکيو، جنهن ۾ خان ڳڙھ کان جيڪب آباد تائين جيڪب آباد ضلعي جي تاريخ آهي ۽ ڪيترائي ڊراما ڪيائين جن ۾ ”قابوس ۽ بلوامنگل“ سرفهرست آهن.
    عبدالڪريم گدائي جا ڪل چار ڪتاب ڇپيل آهن. هن جو پهريون نظمن جو ڪتاب ساڻيھه جا سور 1965ع ۾ چيو. جنهن تي ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ“ پاران هڪ هزار انعام ڏنو ويو. ان کانپوءِ سال 1965ع ۾ هڪ باتصوير ڪتابچو خانڳڙھ کان جيڪب آباد تائين ضلعي جيڪب آباد ضلعي جي تاريخ ڇپي ۽ ”پيماني تي پيمانو“ شاعري جو ڪتاب ڇپيو ۽ فيبروري 1975ع ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”پکڙا ۽ پنهوار“ ڇپيو.
    عبداالڪريم گدائي ”پکڙا ۽ پنهوار“ جهڙا چار خوبصورت ڪتاب ڏيئي. تاريخ 28 جنوري 1978ع تي اسان کي هميشه لاءِ الوداع ڪري هليو ويو. سندس وڇوڙو سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي لاءِ ڪنهن وڏي هاڃي کان گهٽ نه آهي. گدائي صاحب ”هيمگوي“ جي ناول ”پوڙهو ۽ سمنڊ“ جو جيئرو جاڳندو ڪردار آهي. جنهن ڪاري ۽ ڪوڙهيل سماج خلاف پنهنجي عمر جاکوڙيندي گذاري. تڏهن ته گدائي صاحب پنهنجي هن غزل جي مقطع ۾ چيو آهي ته

    سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي
    بحر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پکڙا ۽ پنهوار وارو گدائي

    پروفيسر نذير احمد سومرو

    [​IMG]
    ماضيءَ جي يادن جا نقش، زندگيءَ جي تصور جي رُخ تي نمايان ٿي بيهي رهيا آهن. هاڻي ته عُمر عزيز اڌ صديءَ کان به تجاوز ڪري چُڪي آهي. ياد ٿو پئي اُهو سال 1968ع وارو زمانو هو. صوبو سنڌ بدنام زمانه ”ون يونٽ“ جي قهري ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل يا ايئن کڻي چئجي ته چوکنڀو ٻڌل هو. ان زماني ۾ ڪنهن ٿي ڄاتو ته فقط ٻن سالن کان پوءِ ان وقت جي پاڪستاني صدر آغا يحيٰ خان جي مارشل لا جي هڪ فقري سان ”ون يونٽ“ ڪنهن ڀُتي ڀت وانگر اچي ڦهه ڪري ڪري پوندو ۽ سنڌ صوبو 1935ع واري انڊين ايڪٽ تحت پنهنجي صوبائي اصلي شڪل ۽ حالت وٺندو، جيڪا کيس ممبئي پريزيڊنسي سان لاڳاپيل هجڻ ڀيري حاصل هئي.
    پاڪستان ٺهڻ کان ڪجهه ورهيه پوءِ، اسان جي حيدرآباد ۾ رسالو ”روح رهاڻ“ ٻيو جنم وٺي، سنڌ جي هڪ اڀرندڙ نوجوان اديب حميد سنڌيءَ جي نگراني ۾ شايع ٿيڻ لڳو هو. ان کان اڳ ۾ 1922ع ۾ پڻ ”روح رهاڻ“ رسالو حيدرآباد سنڌ مان سنڌ جي هڪ نامور اديب ڪاڪي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ جي ادارت هيٺ شايع ٿيندو هو. اڳتي هلي، يعني ٽن سالن کان پوءِ، ان ادارت ۾ ڪاڪي گلراجاڻيءَ سان سنڌي ادب جي هڪ وڏي محسن مرزا قليچ بيگ جو فرزند مرزا نادر بيگ پڻ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو هو. ورهاڱي کان اڳ واري ”روح رهاڻ“ جي پيشانيءَ تي علم الاهي ۽ ڀٽائيءَ جو هيءُ بيت لکيل هوندو هو.

    ”پيهي جــــــــان پــــــــاڻ ۾، ڪيــــــــم ’روح رهـــــــــاڻ‘
    نه ڪي ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،
    پنهــون ٿيــــــــس پـــــاڻ، سسئي تـــان ســـــور هــــــوا“

    قدرت واري جا پنهنجا لقاءَ آهن! سندس حڪمت کي ڪنهن ڄاتو آهي؟ ڀلا زماني ۾ ڪنهن کي اها ڄاڻ هئي ته رسالي ’روح رهاڻ‘ جو اهتمام ۽ بندوبست ڪندڙ ۽ وقتي حڪومت جي نظرن ۾ آيل نوجوان حميد سنڌي اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڪنٽرولر آف اگزيمس، ڊائريڪٽر آف ڪاليجز حيدرآباد ريجن ۽ اتر سنڌ جي پهرين يونيورسٽيءَ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر بڻبو؟!!
    حميد سنڌيءَ جي ڪوٺايل ان جشن ’روح رهاڻ‘ (1968ع) ۾ حيدرآباد جي بسنت هال ۾ نه رڳو سنڌ يونيورسٽي ۽ حيدرآباد شهر ۽ ان جي پسگردائي جي ڪاليجن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پر سڄي سنڌ مان کوڙ اسان پارا، ان زماني جي ڪاليجن جا شاگرد به ٻين وانگر لاڙڪاڻي مان سيڙجي جشن ’روح رهاڻ‘ ڏسڻ ويا هئاسون. مون سان گڏ رسول بخش سولنگيءَ (بعد ۾ پروفيسر ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپال) کان علاوه منهنجو همراز/ همرفيق/ ادبي محفلن ۽ راڳ رنگ ۾ شرڪت ڪرڻ واسطي جيري لاءِ ٻڪري نه پر اُٺ ڪهندڙ دوست مرحوم نذير احمد پيرزادو به ساڻ هو. بسنت هال جو نظارو ڪنهن خوبصورت خيال ۽ خواب جيان لڳي رهيو هو. هال ۾ اندر مختلف شهرن کان آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي چهرن تي جشن جي حوالي سان ڇا ته سرهائي ۽ سهائي هئي! اصل ٻهه ٻهه پئي ٻريا. منهنجي آڏو واري قطار ۾ هڪ تکن نقش واري مهمان به هئي، جنهن جا مهانڊا انڊين اداڪاره نرگس جهڙا هئا ۽ سندس نالو خوشبو (سندس نالي جي هم معنيٰ) هو. اهو به سندس ڪنهن ساهيڙيءَ جي واتان بار بار اُچارجڻ ڪري معلوم ٿيو هو. ڇا ته سندس گهاٽا، وڏا ڪارا ڀنڀا وار هيا جيڪي سندس رئي ۾ نه پئي ماپيا. ان نظاري کي ڏٺي ورهيه گذري ويا. بقول ڀٽائي:
    ”ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪُهه ڄاڻان ڪهڙا پرين.“
    جشن روح رهاڻ جو نظارو مون کي هڪ سچي خواب جيان ياد آهي ته ان جشن ۾ ڪيئن هڪ پير مرد (عبدالڪريم گدائي) خاص طور تي جيڪب آباد کان جشن ’روح رهاڻ‘ ۾ پنهنجي هڙ جي آسري حصو وٺڻ لاءِ ڪهي آيو هو.
    سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن مٿان (4 مارچ 1967ع تي)، جيڪب آباد ۾ 1960ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور رهندڙ ۽ 1967ع ۾ حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر رهندڙ، هڪ ڪوتاه قد ۽ بي رحم شخص، مسرور حسن جي حڪمن تي گولين جي مينهن وسڻ کي مشڪل سان سال گذريو هو ۽ سنڌين جا زخم ۽ ماتم، اڃا نوان ۽ تازا هئا.
    ٻوليءَ خاطر شهيد ٿي ويل ڳڀرو شاگردن جي والدين جي دلين مان اڃا سندن پٿر (تڏو) به ڪو نه کنيو ويو هو. اهڙي سمي ۾ چاچو عبدالڪريم گدائي اسٽيج تي آيو ۽ پنهنجو گيت/ نظم بعنوان ”پکڙا ۽ پنهوار“ پڙهندي جڏهن هنن مصرعن تي آيو:

    مَاءُ مــــٺــــيءَ جون لــــوليــــــون ســــــاڳيـــــــ‎ون،
    ٻـــولــــيءَ خاطـــــــــر گـــــــــوليــــــون ساڳيــــــون.
    سوريءَ جا سينگار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

    ڇال ڏئــــــــــــي اڄ جاڳيــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــا ڇورا،
    ڪـــــــوٽ ڪــــــــنــــــدا ســـــي ڀــــــورا ڀـــــــــــورا،
    سورهيه سر کان ڌار اڃا ڀي ساڳيـا ڙي!!

    ته سامعين کيس انهن مصرعن کان اڳتي وڌڻ ئي ڪو نه پئي ڏنو.
    جشن ۾ شريڪ ٿيندڙن کان اهو نظارو ڪيئن وسريو هوندو ته جڏهن شاگردن ۽ شاگردياڻين، ”واهه واهه!“ ”ٻيهر چئه!“، ”ٻيهر چئه!“ جا اُڀ ڦاڙيندڙ نعرا هڻي تاڙيون وڄايون هيون. تڏهن شاعر (عبدالڪريم گدائي) اسٽيج تي روئي ڏنو هو ۽ ڪيترن ئي دردمند دليون رکندڙ سامعين جي اکين جا بند پڻ ڀڄي پيا هيا. ان ڳالهه کي ورئي ڪجهه ورهيه ٿي ويا.
    لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ هڪ وڏو مشاعرو ٿيو هو. جنهن ۾ عبدالڪريم گدائي جڏهن شعر پڙهڻ آيو، تڏهن هن غريب شاعر جا ڏند، ڪنهن بي قدر ۽ بي وفا محبوبا جيان، سندس ساٿ ڇڏي چڪا هيا ۽ رعشو(Parkinson)هئڻ ڪري سندس هٿ ڏڪي رهيا هيا. ان وقت مون کي سنڌ جي رنگين ڪلام شاعر استاد بخاريءَ جو هي شعر ياد پيو هو.

    پــــــــــوڙهــــــــو ماڻــــهــــو، ڏڪــــنــــــــدڙ هــــــٿ،
    بيهاري پارو، مان بي چين اَلا جي اهڙو.

    ٽيون دفعو مون عبدالڪريم گدائيءَ کي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي نئون ديرو واري بنگلي تي مرحوم سردار پير بخش ڀٽي سان ويٺل ڏٺو. تن ڏينهن ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي همشيره ممتاز بيگم لاهور ۾ وفات ڪري وئي هئي ۽ ڀٽو صاحب سندس ميت کڻائي اچي پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪرائي هئي. ان ڪري تڏو به نئون ديري واري بنگلي ۾ وڇايو ويو هو. چاچو عبدالڪريم گدائي ان سلسلي ۾ سردار پير بخش خان ڀٽي سان عذرخواهي ڪرڻ لاءِ آيو هو. سردار پير بخش ڀٽي جو هڪ تعلق ضلع جيڪب آباد سان به رهيو، ڇاڪاڻ ته سندس زمينون ڳوٺ ”دوداپور“ تعلقو ڳڙهي خيرو ضلع جيڪب آباد ۾ هيون ۽ اڃا تائين آهن.
    منهنجي چوٿين غائبانه ملاقات چاچي عبدالڪريم گدائيءَ سان 1980ع ۾ سندس مُئي پُڄاڻان ٿي، جڏهن سندس ننڍپڻ جي هڪ دوست شڪارپور جي رهواسي ۽ انڊس گلاس فيڪٽري حيدرآباد جي مالڪ ۽ ليکڪ سرڳواسي لوڪرام ڏوڏيجا پُوني انڊيا مان هڪ ڪتاب ”سڪارٿو سفر“ (جپان، هانگ ڪانگ، سينگاپور، ٿائلينڊ ۽ فلپائين جو سفرنامو) شايع ڪيو هو. پنهنجي ڪتاب جي مُهڙ ۾ ”ڪتاب جو مقصد“ نالي سان سندس مقدمو لکيل آهي. جنهن ۾ موجوده هندستان جي حالتن جو ذڪر ڪندي ڪاڪو لوڪرام ڏوڏيجا، صفحي 8 تي پنهنجي ننڍپڻ جي يار عبدالڪريم گدائيءَ کي هن طرح ياد ڪري ٿو:
    ”بيروزگاري، پاس خاطري، رشوت ۽ اسٽرائيڪن ملڪ کي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو آهي. چوڌاري آ رات انڌيري، اونده ڪاري... ملڪ جو ڪو ”اوهي واهي“ ڪونهي. خود غرضي، نفرت ۽ ڪلفت جي باهه ۾ ڀارت ”ڀسم“ ٿي رهيو آهي. ان وقت پنهنجي ننڍپڻ جي ”يار“ عبدالڪريم گدائي جي هڪ التجا ٿي ياد اچي.“

    ”هــن ســڙنــدڙ ٻــرنــدڙ ڌرتــي تـــــي، ڪــا رحـــمــت جــي بــرســات ٿئــي،
    ڪــو سُــک جــو ســج اُڀــاري يــارو، ڪا امـن سڪـون جي رات ٿئي،
    اڄ پيار جي ساگر مان ساٿي، ڪي پريت جي مئه جا جام ڀريون،
    هــن پيــار جــي پيــاسـي دُنيــا ۾، اڄ رســـم محبــت عــام ڪـريــون.“

    چاچي عبدالڪريم گدائيءَ سان منهنجي پنجين ملاقات به لاڙڪاڻي جي باڪمال شاعر ۽ انسان دوست هري ”دلگير“ جي ڪتاب ”چولو منهنجي چڪ ۾“ جي ذريعي سان ٿي. هري دلگير جو هي ڪتاب سنڌ جي ڄاتل سڃاتل اديب ”ناز“ سنائي پهريون دفعو سنڌ ۾ 1990ع ڌاري سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان شايع ڪيو هو.
    سرڳواسي هري ”دلگير“ پنهنجي آتم ڪٿا ”چولو منهنجي چڪ ۾“ جي صفحي 65 تي پنهنجون ياديون ساريندي لکي ٿو:
    ”شڪارپور ۾ رحيم بخش سومرو منهنجو دوست، جو ٺيڪيدار هو ۽ منهنجي هوندي ئي وزير ٿيو. فيض محمد سومرو (ٺيڪيدار) به دلبر دوست هو. سندس اوطاق لکي در جي ايراضيءَ ۾ هئي. جيڪب آباد ۾ برڪت علي آزاد ۽ عبدالڪريم گدائيءَ جي صحبت نصيب ٿيندي هئي.“
    20 ڊسمبر 1971ع تي جڏهن قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستان جو صدر بڻيو ته سندس حڪومت کي عوامي راڄ سڏيو ويو. عوامي دور کي ڏسي، سنڌ جي هن عوامي شاعر (گدائي) پنهنجي نظم ۾ بي اختيار چئي ڏنو:

    مــبــارڪـبــاد جــو هـــن ديــــس ۾ جمــهــوريــت آئــي،
    ذوالــفــقــار علــي کــي اڄ ڏيــن ٿــا، وڻ بـه تـه واڌائي.

    ”صـــدر ڀــٽـــو“ وري هـن قــــوم جـــو، اڳواڻ ٿــي آيـو،
    انــڌيــري رات ۾ هُــو چنــڊ جــي، چــانــڊاڻ ٿــي آيـــو.
    فلق تي هڪ نئين سـج جي، اهو ڳاڙهاڻ ٿي آيـو.
    عوامــي راڄ جـــــي هــــن ســــاٿ جـو، سرواڻ ٿي آيـو.

    مٽايو جنهن اچي هت مارشل لا جي نشانن کي،
    زبان بخشي وري جنهن ديس وارن بي زبانن کي.

    مرحوم عبدالڪريم گدائيءَ جو پهريون شعري مجموعو ”ساڻيهه جا سور“ 1965ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن کي پاڪستان جي اديبن تي مشتمل، خالص ادبي تنظيم ”رائٽرس گلڊ“ انعامي ڪتاب قرار ڏئي، کيس هڪ هزار رپيا روڪ پڻ انعام طور ڏنو هئو.
    رائٽرس گلڊ جو ريجنل سيڪريٽري ۽ سنڌي اردو اديبن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل طور سڃاڻپ رکندڙ سائين آفاق صديقي، پنهنجي آتم ڪهاڻي ”صبح ڪرنا شام ڪا“ جي نالي سان لکي آهي. جنهن ۾ هن سنڌ جي عوامي شاعر ”گدائيءَ“ جو ڪيترين جاين تي ذڪر ڪيو آهي. مثلا سائين آفاق صديقي پنهنجي آتم ڪٿا جي صفحي 48 تي لکي ٿو:
    ”اپريل 1950ع مين هم ني اردو سنڌي ڪانفرنس ڪا انعقاد ڪيا. جس مين بابائي اردو مولوي عبدالحق، پير حسام الدين راشدي، حڪيم اسرار احمد ڪريمي، اُستاد قمر جلالوي، عبدالڪريم ”گدائي“، سيد اظهر گيلاني، شيخ ”راز“ اور اندرون سنڌ ڪي ڪئي دوسري اهل ادب ني شرڪت ڪي.“
    اهڙيءَ طرح 23 ڊسمبر 1953ع تي آفاق صديقيءَ، شيخ ”اياز“، رشيد ڀٽي، ۽ شيخ ”راز“ جي ذاتي ڪوششن سان، سکر ۾ هڪ وڏي عظيم الشان ”سنڌي ادبي ڪانفرنس“ ڪوٺائي هئي. جنهن جي آخري اجلاس جي صدارت لاڙڪاڻي جي مشهور شاعر هري ”دلگير“ درياني ڪئي هئي. ان ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي شاعرن ۾ سڀ کان اول آفاق صديقي، اسان جي عوامي شاعر ”گدائي“ جو نالو کڻي ۽ لکي ٿو. هن ڪانفرنس جي تفصيلي روئيداد ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هڪ نج ادبي رسالي ماهوار ”افڪار“ جي جنوري 1954ع واري شماري ۾ ڏنل آهي.
    رائٽرس گلڊ جو وجود 1959ع ۾ پيو ۽ عبدالڪريم ”گدائي“ شروعاتي سال ۾ ان جو ميمبر بڻيو. سائين آفاق صديقي پنهنجي آتم ڪٿا جي صفحي 61 تي لکي ٿو:
    ”سنڌي اراڪين ڪي متفق فيصلي سي ريجن ڪا سيڪريٽري منتخب هُوا! اور دس برس تڪ بلا مقابله منتخب هوتا رها. شيخ اياز، مولائي شيدائي، شيخ ”راز“، رشيد ڀٽي، عبدالڪريم ”گدائي“ اور ڪئي دوسري اهلِ قلم ڪي تعاون سي سکر سب ريجن ني گلڊ ڪي وقار ڪو چار چاند لگا ديئي.“
    سائين آفاق صديقي جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٿيل مشاعرن جو ذڪر ڪندي هڪ دفعو ٻيهر عبدالڪريم ”گدائي“ جي ڪوششن سان جيڪب آباد ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ ٿيل مشاعرن بابت صفحي 55 تي لکي ٿو:
    ”سکر مين هم ني انجمن فروغ ادب ڪي زير اهتمام جو بڙي بڙي مشاعري منعقد ڪيئي ان ڪا اثر آس پاس ڪي شهرون پر ڀي پڙا. مثلا ڪنڌڪوٽ جيسي دُور افتاده قصبي مين سنڌي اور اردو مشاعرون ني بين اللساني مشاعرون ڪو ڪامياب بنايا. جيڪب آباد مين نگهت عارف، عبدالڪريم ”گدائي“، ڪاظمي اور ذڪي خان ني ادبي ڪانفرنسون اور ڪل پاڪستان مشاعرون ڪي فضا پيدا ڪي.“
    اهو آفاق صديقي ئي هيو. جنهن ذاتي دلچسپي وٺي، رائٽرس گلڊ جي پليٽ فارم تان عبدالڪريم گدائي لاءِ تاحيات ماهوار هڪ سؤ روپيه وظيفو مقرر ڪرايو هو.
    هڪ دفعي سائين آفاق صديقيءَ پنهنجي بفر زون ڪراچيءَ واري رهائش گاهه تي ڪچهري ڪندي هڪ وڏي اهم ڳالهه هن طرح ڪئي:
    ”رائٽرس گلڊ جي عُروج وارو زمانو هو. اسان سان گڏ اوڀر پاڪستان جا چُونڊ اديب ۽ شاعر به رائيٽرس گلڊ جا ميمبر هُيا. انهن ۾ بنگالي ميمبرن منجهان هڪ ڪوي جسيم الدين به هو. ڪوي جسيم الدين جي طبيعت اهڙي هئي جو هُو ڪنهن به انسان جي احساسن کي زخمي ٿيندو ڏسي مغموم ۽ ملول ٿي ويندو هو. ڪوي جسيم الدين سنڌي ٻوليءَ جي عوامي شاعر ”گدائي“ جي شاعريءَ بابت راءِ ڏيندي چيو ته؛ ”ان حقيقت جي باوجود جو آئون سنڌي ڪونه ڄاڻان ۽ نه ڪي سمجهه ۾ ايندي اٿم پر جڏهن هي پير مرد پر جوان دل رکندڙ شاعر ”گدائي“ پنهنجو شعر ۽ ڪلام پڙهي ٿو ته سندس ڪلام جي روشنيءَ جو اولڙو سندس چهري کي جيڪا رونق بخشي ٿو، اهو ڏسي آءُ محسوس ڪندو آهيان ته سندس ڪلام ڪيترو نه پُر اثر ۽ پرتاثير هوندو آهي.“
    ”گدائي“ پنهنجي دور ۽ وقت جو پهريون عوامي شاعر هو، جنهن پنهنجي هم عمر ۽ همعصر شاعرن جي وچ ۾ ويهي جيڪا شاعري ڪئي ۽ پنهنجي دور جي شاعرن کان هٽي زندگي ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن جي باري ۾ سوچيو، غور ۽ فڪر ڪيو. زياده انداز ۾ محسوس ڪري پنهنجي شاعري ۾ انهن کي لفظن جو روپ ڏئي، پنهنجي شاعري کي نواڻ ڏيندي، حقيقي معنائن ۾ عوامي شاعري ڪئي. گدائيءَ مظلوم، پيڙيل طبقي ۽ نڌڻڪن ماڻهن جي جذبن جي ترجماني ڪئي. سندس شخصيت ۽ شاعريءَ جي باري ۾ سنڌ جو عوامي شاعر مرحوم نياز همايوني ”گوندر گذاريو ڪاپڙي“ ۾ هيئن راءِ زن آهي:
    ”محترم عبدالڪريم ”گدائي“ منهنجو همعصر شاعر آهي. هن بزرگ سنڌي شاعريءَ کي عظمت بخشڻ لاءِ جيڪي ڪشالا ڪڍيا آهن، تن جي عيوض کيس ”رومانوي“ شاعر، ”عوامي“ شاعر، ”قومي“ ۽ ”انقلابي“ شاعر جي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي. هن پنهنجي درد کي وطن جي حب ۾ شامل ڪري، پنهنجي صداقت جو ثبوت ڏنو آهي. تنهن نعمت کان ته اسان جا پُراڻا شاعر اڃا تائين محروم آهن. اسان کي هن جهوني جوڳيءَ جي جوان خلوص تي سدائين فخر رهندو.“
    ڪهڙو شاعر آهي جنهن جي دل ڪنهن سان نه اٽڪي ۽ ڦاٿي هجي؟!! ڪهڙي دل آهي، جنهن جو لنگهه، پيار جي گس تان نه ٿيو هجي. ڪهڙي دل آهي جنهن پيار جو پاسو ڏٺو ئي نه هجي؟! اهڙي طرح چاچو گدائي به پنهنجي دل سنڌ جي هڪ لوڪ فنڪاره ۽ رسيلي آواز جي ملڪه ۽ مالڪا مائي الهه رکيءَ سان اٽڪائي ۽ ڦاسائي ويٺو ۽ گدائيءَ جي الهه رکي سان راز و نياز ۽ محبت جي ڳالهه ته اڃا تائين سنڌ جي جهونن ماڻهن جي واتان ڪُوڙين ڪنين ٻڌجي پئي. شايد مائي الهه رکي به پنهنجي پيار کي دوام بخشڻ لاءِ، يادگار رکڻ خاطر ”گدائيءَ“ جا ڪلام ڳائيندي هئي.
    عبدالڪريم گدائيءَ جي تصنيف ”خانڳڙه کان جيڪب آباد تائين“، ضلع جيڪب آباد متعلق اهم دستاويز جي حيثيت رکي ٿي. ڪتاب پڙهڻ وقت عبدالڪريم گدائيءَ کي جس ڏيڻو پوي ٿو ته کيس ڪتاب لکڻ لاءِ ڪيڏي وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪرڻي پئي هوندي. تنهن هوندي به مذڪوره ڪتاب جي ورق گرداني ڪندي ڪي ڳالهيون، ڪي واقعا اڻ پُورا ۽ اڌورا محسوس ٿين ٿا. چند مثال هيٺ ڏجن ٿا:
    (1) جيڪب آباد ضلعي سان تعلق رکندڙ مرحوم محمد امين کوسي بابت ڪا خاص ڄاڻ ڪا نه ڏني وئي آهي. گدائي جي معلومات کان ته سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب غلام رباني آگري جي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ حصي ٻئي ۾ وڌيڪ معلومات ڏنل آهي. مرحوم محمد امين کوسو، زميندار ۽ سياستدان هجڻ سان گڏ هڪ قلمڪار به هو. ان جو ذڪر ڪرڻ ضروري هو.
    (2) مرحوم گدائي پنهنجي ڪتاب صفحي 34 تي ”ابتدائي تعليمي ادارا“ جي عنوان سان جيڪب آباد شهر جي درس گاهن جو ذڪر ڪري ٿو جن ۾ اردو پرائمري اسڪولس ۾ ”حميديه“ پرائمري اسڪول جو ذڪر ڪري ٿو. (حميديه هاڻي گرلس هائي اسڪول آهي). مرحوم گدائي اهو ڪو نه لکيو آهي ته هن اسڪول تي ”حميديه“ نالو ڪيئن پيو؟ حقيقت هيءَ آهي ته 48-1947ع ۾ جيڪب آباد ضلعي جو ڪليڪٽر (ڊپٽي ڪمشنر) مرحوم عبدالحميد خان ٿي آيو. مرحوم عبدالحميد خان جو لاڙو تعليمي ادارن ڏانهن ججهي انداز ۾ هو. سندس تعلق هندوستان جي مسلم ڀوپال سان هو ۽ والي رياست هز هائينيس نواب حميدالله خان ڀوپال جي نالي پٺيان اسڪول جو نالو حميديه رکيائين. اهو ساڳيو عبدالحميد خان، جڏهن ”ون يونٽ“ جي دور ۾ خيرپور ڊويزن جو ڪمشنر ٿي آيو، تڏهن پراڻي سکر ۾ ٽڪري تي اڏيل اسلاميه ڪاليج جي ترقي ۽ تعمير ۾ وڏوInterestورتو هئائين.
    (3) ”خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“ جي صفحي 64 تي هڪ ابهام واري ڳالهه لکيل آهي: ”سال 1963ع ۾ ٺُل ۽ جيڪب آباد تعلقن جي صوبائي اسميبلي جي ضمني چُونڊ ۾ خان صاحب سردار خان جي مقابلي ۾ احمد ميان سومرو مغربي پاڪستان اسيمبلي تي ميمبر چونڊيو ويو. جيڪا جاءِ اوستي در محمد جي صوبائي وزير ٿيڻ سان خالي ٿي هئي.“ هتي سوال اُڀري ٿو ته اوستو دُر محمد جڏهن صوبائي وزير مقرر ٿيو ته پوءِ سندس اسميبليءَ جي سيٽ ڇو خالي ٿي؟ وزارت جو اسيمبليءَ جي سيٽ ڇڏڻ سان ڪهڙو تعلق.
    اصل ڳالهه هيءَ آهي ته 1962ع ۾ پاڪستان جي صدر جنرل ايوب خان جڏهن ملڪ کي نئون آئين ڏنو ته اُن آئين ۾ هڪ شِقِ هيءَ به هئي ته جيڪو به اسيمبلي ميمبر (صوبائي چاهي قومي) وزيرٿيڻ چاهيندو ته اُهو اسيمبليءَ جو ميمبر نه رهندو. وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجي اسميبليءَ واري سيٽ ڇڏڻي پوندي. انهي قانون هيٺ جناب ذوالفقار علي ڀٽي 1963ع ۾ پنهنجي نئون ديرو، لاڙڪاڻي واري قومي اسيمبليءَ جي سيٽ خالي ڪئي هئي، ڇو جو هُو به ايوب خان جي ڪابينا جو اهم ميمبر هو. جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي خالي ڪيل سيٽ تي سردار پير بخش ڀٽو مرحوم قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو.
    (4) مذڪوره ڪتاب جي صفحي 66 تي لکيل آهي: ”ضلع جون اُهي شخصيتون جيڪي سنڌ ۽ مغربي پاڪستان گورنمينٽ ۾ وزير هيون“
    (1)مرحوم شهيد الله بخش سومرو
    (2)ڊاڪٽر هيمنداس
    (3)حاجي مولا بخش سومرو
    (4)مسٽر دُر محمد اوستو
    پهرين ڳالهه ته مرحوم کي شهيد ۽ شهيد کي مرحوم لکڻ، ڪجهه عجيب لڳي ٿو. پر شهيد الله بخش سومرو ته پاڪستان ٺهڻ کان به اٽڪل 10-9 سال اڳ سنڌ جو پهريون وزيراعظم هو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ۾ ۽ پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ 1955ع تائين صوبن جي مکيه وزيرن کي وزير اعليٰ نه پر وزيراعظم چيو ويندو هو. 1955ع کانپوءِ جڏهن ون يونٽ ٺهيو ته صوبي مغربي پاڪستان جي مُک وزير کي وزيراعليٰ چيو ويو. بهرحال شهيد الله بخش سومرو، سنڌ حڪومت ۾ رڳو وزير ڪو نه هو. جيئن مذڪوره ڪتاب ۾ لکيل آهي.
    اهڙي طرح مولا بخش سومرو صاحب صوبائي وزارت کانسواءِ مرڪزي وزير به رهيو هو. اُن ڪري سندس مرڪزي وزارت جو ذڪر ڪرڻ ضروري هو.
    (5) جيڪب آباد ۾ سال 1951ع ۾ بزم ادب طرفان ”13-سنڌي ادبي ڪانفرنس“ منعقد ٿي هئي جنهن جو ذڪر مذڪوره ڪتاب جي صفحي 71 تي آهي:
    ”هن بزم (بزم ادب) جو عظيم ۽ زنده جاويد ڪارنامو جيڪب آباد ۾ منعقد ڪرايل جميعت الشعراءِ سنڌ جي، 13-سنڌي ادبي ڪانفرنس آهي... جيڪب آباد جهڙي خشڪ سر زمين تي هن عظيم ۽ عاليشان دو روزه ڪانفرنس جو انعقاد جنهن ۾ ساري سنڌ مان آيل چوٽيءَ جا اديب، مورخ، دانشور ۽ شعراءِ ڪلام شريڪ ٿيا. ڊاڪٽر دائود پوٽي کان وٺي مولائي شيدائي تائين ۽ رشيد لاشاري کان وٺي منظور نقويءَ تائين نالا ڏنا ويا آهن. مصنف فقط مشهور ۽ وڏن ماڻهن جا نالا ڏنا آهن. حالانڪ انهيءَ مشاعري ۾ نالي وارا شاعر جناب سيد احسن الهاشمي، مشهور رنگين ڪلام شاعر ”استاد“ بخاري به شريڪ ٿيا هئا. هڪ دفعي ”اُستاد“ بخاري مون کي جيڪب آباد واري انهيءَ مشاعري جي روئيداد ٻڌائيندي چيو هو ته ”اهو مشاعرو منهنجي شاعراڻي زندگيءَ جو اُن ڪري به يادگار آهي ته مان اُن مشاعري ۾ پهريون ڀيرو شريڪ ٿيو هوس. الهڙ جواني هئي ۽ پهريون دفعو وڏن شاعرن جي روبرو ۽ موجودگيءَ ۾ شعر پڙهڻ جي تصور سان ئي دل گاؤن مائون ٿيڻ لڳي هئي. جڏهن احسن الهاشميءَ شعر پڙهيو ته ڇا ته کيس داد مليو هو!! سيد احسن الهاشميءَ کي ٻڌندڙن طرفان ملندڙ داد ڏسي دل ۾ چيم ته ”ٺهيو مان شعر ڪو نه پڙهندم. شاعر ته ههڙو! ههڙي شاعري ٻڌي، مان واري شاعريءَ کي ڪير ”داد“ ڏيندو؟ مون دل ۾ پڪو پهه ڪيو هو ته اڄوڪي رات خير سان گذري. مان شاعريءَ کان بنهه بانءِ ڪئي.“ جڏهن مون اسٽيج تي ترنم سان شعر پڙهيو ته ڪجهه ”داد“ مليو. ايمانداريءَ جي ڳالهه هيءَ اٿئي نذير صاحب! ته ان مشاعري ۾ سيد احسن الهاشميءَ کان وڌيڪ نه ته ڪنهن جو شعر لڳو هو نه ڪو ڪنهن کي ايترو داد مليو هو.“ مذڪوره مشاعري ۾ نواز علي نياز جعفري ۽ هري درياني ”دلگير“ پڻ لاڙڪاڻي مان ڪهي ويا هئا. مٿين شاعرن جو ذڪر ”نه“ ڪرڻ دل کي ڪجهه کُٽڪي ٿو.
    ساڳيءَ طرح 15 آگسٽ 1962ع تي جشن آزاديءَ جي موقعي تي جيڪب آباد ۾ ٿيل آل مغربي پاڪستان سنڌي اردو مشاعري جو احوال (صفحو 76) ڪيو اٿس. لاڙڪاڻي مان فقط ٽن شاعرن جو ذڪر ڪري ٿو؛ (1) انجمن ترقي پسند مصنفين جو موجوده سيڪريٽري جنرل مسلم ”شميم“، (2) شوڪت عابدي (ٻئي حال حيات ڪراچي ۾) ۽ (3) بزم ادب لاڙڪاڻي جي باني رضوي عبدالصمد ”ساز“. انهيءَ کانسواءِ لاڙڪاڻي مان ٻيا اردو شاعر جهڙوڪ ”نشتر“ فرخ آبادي، ضمير ”جوڪر“، ديوان ”لطيف“، ۽ اردو غزل جو باڪمال شاعر ”رمز“ شاهجهان پوري جن به پنهنجا شعر پڙهيا هئا ۽ لاڙڪاڻي جي ”رمز“ شاهجهان پوري جي شعرن ته مغربي پاڪستان جي وڏن شاعرن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون. يا مسلم شميم جي نظم ”مارئي ڪا ديس“ اردو شاعرن جي منهن ۾ گهُنڊَ وڌا هيا. اهڙي شاهڪار نظم جو ذڪر ڪرڻ لازمي هو.
    اهڙيءَ طرح گدائي جو شعري مجموعو ”پکڙا ۽ پنهوار“ (اشاعت سال 1975ع ۾) ڪيترن ئي جاين تي حيرت ۾ وڌو. زير بحث ڪتاب ۾ صفحي 80 تي هڪ نظم ”سنڌ پيارا وطن“ جي عنوان سان لکيل آهي. جنهن جي هيٺان وري هڪ عجيب سِٽ لکيل آهي.
    ”تاريخ 1- جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ تي لکيو ويو.“ خبر ناهي ته گدائي صاحب جي لکڻ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇاڪاڻ ته پهرين جولاءِ 1970ع تي ون يونٽ ٽٽي چڪو هو ۽ سنڌ سرڪار ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي چڪي هئي. ان حالت ۾ ون يونٽ تي پهرين جولاءِ 1971ع تي نظم لکڻ ڇا معنيٰ؟ اهڙيءَ طرح آزاد نظم واري حصي جي شروعات ۾ صفحي 71 تي ”ڇا ڇا تو کي يار ٻڌايون؟“ جي عنوان سان شعبان بخت جي آزاد نظم ”ڪجهه ته ٻڌايو“ جي جواب ۾ لکيو اٿس ۽ صفحي 75 تي ”خاموش رهڻ مان ڇا ٿيندو؟“ جي عنوان سان هڪ الڳ آزاد نظم وري شعبان بخت جي آزاد نظم ”خاموش رهو ۽ ڪجهه نه ڪُڇو“ جي جواب ۾ لکيو اٿس.
    خبر نه ٿي پوي ته شعبان بخت ”ڪجهه ته ٻڌايو“ ۽ ”خاموش رهو ۽ ڪجهه نه ڪُڇو؟“ جهڙا آزاد نظم ڇو لکيا هئا ۽ اُهي ڪٿي شايع ٿيا هيا. گدائي پاڻ لکي ٿو؛ ”شعبان بخت جي جواب ۾“ ڪيترو نه سٺو ٿئي ها جو شعبان بخت جا آزاد نظم يا انهن مان چند حصا لکي ها ته جيئن جوابي شعر پڙهڻ جو لطف ماڻي سگهجي ها.“
    محترم گدائي پنهنجي ڪتاب ۾ ضلع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ مشهور عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو نالي ماتر به ذڪر نه ڪيو آهي. حالانڪ ”گدائي“ جي ڪتاب شايع ٿيڻ واري زماني ۾ محترم غلام رسول ڪلهوڙو ۽ محترم شعبان ”بخت“ به ڪي نامعلوم ليکڪ ۽ گمنام شاعر ڪو نه هيا پر انهن جو لکڻيون ان زماني ۾ به سنڌ جي مختلف معياري رسالن ۾ شايع ٿينديون هيون.
    اهڙيءَ طرح جيڪب آباد جي هڪ سماجي ۽ ادبي ڪردار گوپال (گئوپال) ”پرواني“ جي ادبي خدمتن جو الڳ ذڪر ڪرڻ ۽ فوٽو ڏيڻ ضروري هو. گوپال پروانو، سال ۲۰۰۰ع ڌاري انڊيا ۾ گذاري ويو. اڄوڪي ماحول ۾ هر تڪبند شاعر، رات جي پيٽ ۾ لئي مان لٺ ڀڃي، قومپرست شاعر سڏرائڻ ۾ پورو آهي. پر مرحوم گدائي جي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري دور جي شاعري پڙهي بي اختيار ٿي چوڻو پوي ٿو.
    ”گدائي ڪوڻ سڏاوي؟“
    مٽيءَ جو ڀانڊو ٺهيو ئي ڊهڻ ۽ مٽجڻ لاءِ آهي. مٽيءَ جو هي ڀانڊو به ڊهي مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي ويو پر سندس لکيت زماني جي ورقن تي اڃا پئي چمڪي.
     
  11. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    ڌرتي جي جهانگين ۽ سانگين جو عوامي شاعر عبدالڪريم گدائي [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    اسان جي سکي ستائبي سنڌ ڌرتي جيڪا صدين کان ولين ،بزرگن ، شاعرن جي ڌرتي سڏائڻ جو اعزاز رکي ٿي انهن ڌرتي جي جيڪب آباد گرم ترين علائقي واري ٽڪري تي تي ويهين صدي جي شروعات واري پهرين ڏينهن جي پهرين جنوري جي تاريخ اڱاري ڏينهن 24 شوال 1319هجري سال1901ع جي سج اڀرڻ واري مهل ٺل تعلقي جي مشهور زميندار (بهادر خان کوسي ) جي ڪمداري ڪندڙ ڳوٺ ڪريم آباد جي معزز شخصيت بجار خان لاشاري بلوچ کي رب پاڪ پٽ جهڙي نعمت سان نوازيو ، ته گهر ۽ اوڙي پاڙي ۾ خوشين جو سماع ٿي ويو ان خوشي جي موقعي تي هارين جي نارين وڏي خوشي منجهان ڳيچ پئي ڳايا ،سندس امڙ مڙس سان ڇٺي ڏينهن مشورو ڪري پنهنجي اکين جي ٺار حسين جميل موڀي پٽ جو نالو (بگن لاشاري ) رکيو ، هي ننڍڙو پتڪڙو ٻار بانبڙن جي عمر کي رسيو تنهن بعد ٿورو گهمن ڦرڻ جي لائق بڻيو ته پهرين شرارت بعد (بگن لاشاري ) مان ڦري( بگو _ بگو ) سڏجڻ لڳو سندس والدين ڀوتارڪي راڄ هيٺ رهندي زندگي پئي گذاري سندن خيال هو ته پنهنجو پٽ به والدين واري رسم سان لاڳاپيو لائيندو مڱر هنن کي اها سڌ نه هئي ته اڳتي هلي پنهنجو پٽ ڀوتارڪي ۽ وڏريڪي زنجير کي ٽوڙي علم ادب جي دنيا ۾ شاعرن واري صنف سان سلهاڙجي پنهنجي سانگين جهانگيئڙين جي دردن جي آواز جي ترجماني (عبدالڪريم گدائي ) ٿي ڪري ڪندو پاڻ جڏهن رواجي نصابي تعليم حاصل ڪرڻ جي سانڀر ٿيس ته والد صاحب سال 1911ع ڌاري ائنگلوورنيڪيولر اسڪول ۾ (عبدالڪريم لاشاري) نالو لکرائي داخلا وٺي ڏني ڇو جو سندس گهر وارا پٽ کي ڇٺي جي نالي واري نسبت سان ( بگن) ڪري ڪوٺيندا هئا عبدالڪريم پنهنجي ذهانت سان پنج درجا سال 1916ع ڌاري پاس ڪري وڌيڪ تعليم جي جاکوڙ لاءِ سکر جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين جيڪب آباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين سال 1918ع ڌاري پوسٽ آفيس کاتي ۾ سرڪاري نوڪري اختيار ڪيائين مسلسل چار سال ان نوڪري سان پنهنجو پيٽ گذر ڪندو رهيو پوءِ ستت انهي نوڪري منجهان هٿ ڪڍي استعفي ڏنائين پاڻ مختلف نوڪرين جهڙوڪ ڪلارڪ، سپاهي ، وارا فرض سرانجام ڏيندو رهيو ،تنهن بعد خانصاحب بهادر خان کوسي جي پٽن مير شاهل خان کوسو ۽ مير سڪندر علي کوسي کي (ٽيوشن ) تعليمي سرگرمين سان سرشار ڪرڻ واري جستجو سان سلهاڙجي ويو ،ان زماني ۾ ٺل شهر ۾ سنڌ جي بهترين شاعر اديب مرحوم (لطف الله بدوي ) سان واقفيت ٿي ان جي صحبت کان پوءِ پنهنجي دل جو آواز شعر جي صورت ۾ ظاهر ڪري (عبدالڪريم لاشاري (گدائي ) تخلص اختيار ڪيائين رن ،گدائي عبدالڪريم پنهنجي شعر ۾ ٻڌائي ٿو ته

    چمي چايم چاهه مان سنگهارن جو سور ،

    الا شال م وسري، مارن جو مذڪور،

    سنگيئڙن جو ساهه ۾ ،سدا سانڍيان سور ،

    نئين سج سان اڀري، نئون هڪ ناسور ،

    توڻي آهن ڏور، ته به اوڏا ڀانيان سپرين،

    بس پوءِ عبدالڪريم گدائي صاحب سال سال1932ع ڌاري جوش ۾ اچي نوڪري مان صفا هٿ ڪڍي تحريڪ آزادي ۾ بهرو ورتائين پوءِ ٺل جي ڪانگريس ڪاميٽي جو سيڪريٽري واري منصب تي ڪم ڪندي نظر آيو ۽ ته انگريزن خلاف پنهنجي شعر جي صورت ۾ جوش ۽ ولولي جو خوب اظهار عوام آڏو ڪيائين تنهن بعد سال 1947ع ۾ سنڌي هاري ڪاميٽي ۾ حصو ورتائين ۽ خوب عوامي امنگن واري شاعري ڪري هر ماڻهون جي دل کٽي ورتائين هو پنهنجي زباني چوي ٿو ته

    ماکي کان به مٺڙو ، پنهنجو ملڪ ملير ،

    سنگهارن جي سٿ ۾ ، ٿيندو ساهه سڌير ،

    راتيان ڏينهان روڄ ۾ ، نيڻ وهائن نير ،

    ونحن اقرب ويجهڙو ، نه ٿي تون دلگير،

    سچ جنين جو سير ،تير نه گسي تن جو

    سال 1960ع ڌاري عوامي شعر لکڻ بعد قومي خدمتن عيوض صدر ايوب واري زماني ۾ پاڪستان سرڪار پاران (هڪ سو روپيه ) وظيفي طور ملندو رهيس اهو وظيفو سڄي زندگي حاصل ڪندو گدائي عبدالڪريم جو شروعاتي ڪلام انهن زماني ۾ شايع ٿيندڙ رسالن ، اخبارن جهڙوڪ هفتيوار پيغام ، صداقت ، سنڌو ، سنڌ زميندار ۽ روزاني الوحيد ۾ جهجهي انداز ۾ ڇپجندو رهيو سال 1965ع ڌاري پنهنجي ڪلام جو پهريون مجموعو (ساڻيهه جا سور ) پڌري ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو انهن شعري مجموعي کي بهترين مجموعي تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران (هڪ هزار روپيه ) انعام پڻ حاصل ڪيائين تنهن بعد سال 1974ع ڌاري شاعري جو مجموعو (پيماني تي پيمانو )۽ ٻيو (پکڙا۽ پهنوار ) شاعري جو ڪتاب شايع ڪرايائين سندس هڪ ٻيو ڪتاب جيڪب آباد ضلعي جي مختصر تاريخ (خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين ) به پنهنجي هٿن سان لکي سنڌي ادب جي سونهن اضافو ڪيائين ، ان کان علاوه عبدالڪريم گدائي صاحب هڪ بهترين نثر نويس پڻ هو سندس جا ڪيترائي مضمون ان زماني ۾ اخبارن ،رسالن ،ميگزينن جي زينت بڻجندا رهيا پاڻ گدائي صاحب صحافتي دنيا ۾ به پير پاتو پاڻ پنهنجي وقت واري دور ۾ ڪيترئن ئي مقامي اخبارن جهڙو ستاره سنڌ ، انقلاب ، امروز ، مجاهد ، فرنٽير گزيٽ، صبح سنڌ جو ايڊيٽر جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو عبدالڪريم گدائي صاحب عوام شاعر هو سندس جي زماني ۾ سال 1971ع ڌاري پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان ۾ عوام حڪومت قائم ٿي ان وقت عوامي صدر جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته سندس جي حڪومت کي عوامي راڄ سڏجڻ لڳو تنهن بعد سنڌ جي هن عوامي شاعر پنهنجي نظم ۾ بي اختيار ۽ بهترين انداز ۾ شعر چئي عوامي حڪومت کي ساراهيو ، عبدالڪريم گدائي چوي ٿو ته

    مبارڪباد جو هن ديس ۾ جهوريت آئي

    ذولفقار علي کي اڄ ڏين ٿا وڻ به ته واڌائي .

    صدر ڀٽو وري هن قوم جو اڳواڻ ٿي آيو

    انڌريري رات ۾ هو چنڊ جي ، چانڊاڻ ٿي آيو

    فلڪ تي هڪ نئين سج جي ، اهو ڳاڙهاڻ ٿي آيو ،

    عوامي راڄ جي هن ساٿ جو سرواڻ ٿي آيو.

    عبدالڪريم گدائي صاحب عوامي شاعر مظلوم عوام جي هر وقت پنهنجي ڪلام ۾ ترجماني ڪندي شاعري جا لفظ عوام آڏو پيش ڪندو رهيو پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن جهانگيئڙن ، سانگهڙين سان بي پناهه محبت رکندو هو پاڻ شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين سنڌ جو هي ناليوارو شاعر زندگي جي آخري عمر ۾ اڌ رنگ (فالج ) واري بيماري ۾ مبتلا ٿي پيو نيٺ 28 جنوري سال 1978ع ڇنڇر ڏينهن 77 سال 27 ڏينهن زندگي جا گذاري وڃي خالق حقيقي سان مليو سندس آخري آرام گاهه جيڪب آباد جي افضل بابا واري قبرستان منجهه آهي سنڌ جي هن عوامي شاعر جي 28 جنوري 2018 اڄ چالهين ورسي زبردست نموني سان ملهائي پئي وڃي گدائي صاحب پنهنجي زباني شعر جي صورت فرمائي ٿو ته

    وڙهي تيز طوفان ۽ موجن سان هم دم ،

    وڃي نيٺ ٻيڙو ڪناري ڇڏيو سين ،

    سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي ،

    بهر طور گذاريو گذاري ڇڏيو سين

    پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري. سي او لاشاري هائوس70616[​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو