• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محقق، ليکڪ ۽ سفرناما نگار اشتياق انصاري

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
محقق، ليکڪ ۽ سفرناما نگار
اشتياق انصاري
کي جنم ڏينهن جون واڌايون

1601025_10202808454150643_2036881665_n.jpg


اشتياق انصاري، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب انيس انصاريءَ جو فرزند آهي. سندس مڪمل نالو اشتياق احمد انصاري ۽ قلمي نالو اشتياق انصاري آهي. سندس جنم 30 جنوري 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو ۽ مستقل رهائش ”لاهوري محلي“ لاڙڪاڻي ۾ اٿس. شروعاتي تعليم قمبر مان ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين، بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن سان گڏ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئر جي ڊگري حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين سان دلچسپي هئس. سٺو ائٿليٽ به رهيو ۽ شاگرد سياست ۾ به بهرو ورتائين ۽ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو. سير سفر ۽ تحقيق سندس مشغلو رهيو. مهم جوئيءَ واري سلسلي ۾ هن ساٿين سان گڏجي 1989ع ۾ ٻيڙين ذريعي درياهه ڪابل کان مهم شروع ڪئي، جيڪا عربي سمنڊ ۾ پورٽ قاسم وٽ ختم ڪئي وئي. انڊس ڊيلٽا بابت مهمن دوران ديبل بندر جي ڳولا به ڪيائين ۽ ان کان سواءِ اڇڙي ٿر، لاهوت ۽ کيرٿر جا تحقيقي سفر ڪيائين. هن سفرناما ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (تحقيق) ۽ ”خيما کاهوڙين“ (سفرنامو)، اينٿراپالاجيڪل ناول ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ“، ”ووڙيم سڀ وٿاڻ“ (سفرنامو)، ”انيس انصاري فن ۽ شخصيت“،”ڌرتي ماتا“ (تحقيق)،”جتي ماڻڪ ماڳ“ (تحقيقي مضمون) ڇپيل آهن ۽ ”دکم“ (ڪهاڻيون) اڻڇپيل ڪتاب آهي. کيس سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا طرفان اوارڊ پڻ مليا آهن. هن گهڻائي ملڪ گهميا آهن. هينئر دادوءَ ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر (واپڊا) طور فرض نڀائي رهيو آهي. حسين آباد، حيدرآباد ۾ پنهنجي جيون ساٿڻ شبنم گل سان گڏ رهائش پذير آهي، جيڪا پڻ سنڌي زبان جي مشهور ڪهاڻيڪاره ۽ ڊرامه نگار آهي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
___
 
Back
Top