سنڌ هاءِ ڪورٽ موهن جو دڙو تي سنڌ فيسٽيول لاء ٺهندڙ اسٽيج ۽ پروگرام جو ڪم روڪي ڇڏيو

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس حڪم ڏنو آهي ته سنڌ فيسٽيول جي سلسلي ۾ 7 هزار سالا قديم ورثي موهن جي دڙي تي اسٽيج ۽ پروگرام ڪرڻ وارو ڪم فوري طور روڪيو وڃي ۽ اسٽيج لاء لڳايل سمورو سامان پڻ پٽيو وڃي.

    اهڙو حڪم سيد غلام شاهه پاران داخل ڪرايل پٽيشن کي ٻڌڻي لاء منظور ڪرڻ وقت ڏنو ويو. ڪورٽ چيو آهي ته يونيسڪو پاران اعلانيل حدن ۾ ڪو به پروگرام ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ان سلسلي ۾ ڪيترن کي اختيارين کي نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن.

    ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي ان خبر کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ سول سوسائٽي جي ڪردار سبب سنڌ جي 7 هزار سال ثقافتي ورثي موهن جي دڙي جي کنڊرات کي وڌيڪ تباهي کان بچائڻ لاء اتي رٿيل سنڌ فيسٽيول خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو.

    [​IMG]
     
  2. انيس احمد چنا

    انيس احمد چنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2010
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر NPIW Project
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلعو دادو
    سنڌ ها ڪورٽ جو فيصلو تمام سٺو آهي۔فيسٽيول کان پو جيڪا موهن جي ڌڙي جي حالت ٿئي ها۔اها تمام بري هجي ها۔اگر پ پ پ وارن ڪي اتيرو هي موهن جي ڌڙي جو فڪر آهي ته ڪنهن ٻئي هنڌ هي فيسٽيول ڪرائي سگهن ٿا۔
     
  3. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جڏهن طبعيت ۾ مخالفت اچي ته اصلاح ممڪن ناهي رهندي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو