ميچنگ جيولري، چمڪ برقرار رکڻ جا ڪجهه طريقا

'سورنهن سينگار' فورم ۾ راشد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2014۔

  1. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    ميچنگ جيولري، چمڪ برقرار رکڻ جا ڪجهه طريقا
    اڄڪلهه ميچنگ جيولري جو فيشن آهي، ان ڪري هر طرف آرٽيفيشل جيولري جي بهار ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جڏهن کان سون جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو آهي تڏهن کان مختلف قسمن جي آرٽيفيشل ميچنگ جيولري کي فيشن جي دنيا ۾ اڃا وڌيڪ هٿي ملي آهي. ان ۾ موتين ۽ نگينن واري جيولري کان علاوه ڪندن سان جڙيل زيور، مختلف ڌاتن مان ٺهيل پالشڊ جيولري ۽ گولڊ پلينٽيڊ جيولري يعني سون جو پاڻي چڙهيل زيور شامل آهن. ڪجهه عورتون چاندي جا روايتي انداز جا زيور به پائڻ پسند ڪنديون آهن پر انهن سمورن قسمن جي زيورن جي حفاظت نه ڪئي وڃي ته ان جي چمڪ جلد مٽجڻ لڳندي آهي. جڏهن ته اها ميچنگ جيولري ۾ ڪڏهن ڪڏهن پائڻ سان ايندي آهي، ان ڪري لاپرواهي سان هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بجا سنڀالي رکو. ان صورت ۾ اوهان گهڻي عرصي تائين ان کي استعمال ڪري سگهو ٿيون. ميچنگ جيولري جون قيمتون به هاڻي هزارن تائين وڃي پهتيون آهن، ان لا جيترو ممڪن ٿي سگهي ان جي حفاظت ڪريو، ان سلسلي ۾ ڪجهه ٽپس اوهان جي خدمت ۾ پيش آهن، ان تي عمل ڪرڻ سان اوهان جي جيولري جي چمڪ گهڻي دير تائين قائم رهندي.

    *جيولري کي ململ جي ڪپڙي ۾ احتياط سان ويڙهي پلاسٽڪ بيگ ۾ رکي ڇڏيو ته جيئن آڪسيڊائزنگ جي عمل کان محفوظ رهي ۽ ڪاري نه ٿئي.

    *جيولري پائڻ کانپو ڪڏهن ميڪ اپ نه ڪريو ڇو ته ميڪ اپ پروڊڪٽس لڳڻ سان جيولري جو رنگ خراب ٿي ويندو آهي، ان ڪري هميشه پهريان ميڪ اپ ڪريو ۽ ان کانپو زيور پايو.

    *ان ڳالهه جو خيال رکو ته جيولري تي ڪنهن به قسم جي پرفيوم، هيئر اسپري يا پاڻي نه لڳڻ ڏيو.

    *آرٽيفيشل جيولري کي ڪڏهن به پاڻي سان ڌوئي چمڪائڻ جي ڪوشش نه ڪريو ڇو ته ان طرح جيولري جو رنگ مٽجي ويندو ۽ ان جي پالش پڻ لهي ويندي.

    *هٿ ڌوئڻ کان پهرين پنهنجي منڊي ۽ چوڙيون لاهي رکو ته جيئن ان تي پاڻي نه پوي.

    *جيولري سيٽ کي هميشه جيولري باڪس يا دٻن ۾ حفاظت سان رکو پر ڪيترن ئي زيورن کي اهڙي طرح نه رکجو ته اهي پاڻ ۾ وچڙجي وڃن.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو