سراج الحق ميمڻ : هڪ تاريخ ساز شخصيت تاج جويو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين.۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ چيو وڃي ٿو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘ چيو ويندو هو. سراج سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا ۽ هي اهو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ، سال ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. سراج ڪيترائي ڊراما پڻ لکيا. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن. سراج پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کانسواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، جنهن کي شروع ۾ جن قبول نه ڪيو، انهن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو ۽ ۲۰۰۹ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپيو آهي. هن زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ انگريزيءَ ۾ ٻه ڪتاب: (۱) History of Sindhi Language ۽ (۲) پنهنجي آٽوگرافي Biography of an unknown Sindhi لکي مڪمل ڪيا. انهن مان پهريون ڪتاب هيٺ اشاعت هيٺ آهي. سنڌ جي هن نامور عالم ۽ اديب، ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع، رات جو ساڍي ٽئين وڳي، لياقت نيشنل اسپتال، ڪراچيءَ ۾، دل جي عارضي سبب وفات ڪئي.
سنڌي ادب ۽ صحافت جو املهه ماڻڪ سراج زاهد ڪاڪا سنڌي ادب جي جرڪندڙ ستاري سراج کي قدرت ناول نگاري، لسانيات، ڪهاڻي کيتر، ترجمي، تحقيق ، ۽ صحافت ۾ هڪ ئي وقت پاڻ موکي سنڌي ادب جي آبياري ڪري ان کي ميوي دار وڻ بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو اعزاز بخشيو. سراج 24 آڪٽومبر 1933ع تي ٽنڊي ڄام ۾ محمد يعقوب ”نياز“ ميمڻ جي گهر ۾ اک کولي سندس والد بهترين استاد، علم ادب سان لنئون لڳل ۽ فارسي زبان جو وڏو ڄاڻو حافظ شيزازيءَ جي ديوان حافظ کي سنڌي ۾ ترجمون ڪرڻ سندس قابليت تي دلالت ڪري ٿو. سراج 18 سالن جي ڄمار ۾ برک اديب ۽ بيباڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي جي اداره انسانيت ۾ پررف ريڊرنگ ۽ ترجمن جواجرت آغاز ڪيو ۽ ائين کيس ڏيپلائي جي بٺيء مان پچي راس ٿيڻ جو موقعو مليو محمد ابراهيم جويي سان سندس ڏيٺ ويٺ ڏيپلائي صاحب جي ڪري ئي ٿي. سندس ادبي سفر جي شروعات ترجمن سان ٿي جنهن ۾ سڀ کان پهرين هن ڪرشن چندر جي ناول جب صبح هوتي هي. جو ترجمو ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ نالي سان کان علاوه ”چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي“ ، ”انسان ۽ انسانيت جي تاريخ“ ترجما ڪيا. سراج انتهائي باصلاحيت ۽ ذهين نوجوان هو ادبي بورڊ ۾ هوندي ئي 1957 ع ۾ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪم آفيسر بڻيو. ان عرصي ۾ سندس ٻه ترجما پي ايس ڇپلاڻي. جي ڪتاب جو سنڌي اقتصادي تاريخ ٻيو ”چونڊ آمريڪي افسانا“ غلام رباني آگري سان گڏ ڪيا. ون يونٽ واري ان زماني ۾ جڏهن سنڌ جو نالو کڻڻ به ڪاريهر تي پير رکڻ برابر هو. سراج سرڪاري ملازم هئڻ جي باوجود پنهنجو قلمي پورهيو دليريء سان جاري رکيو. (جنهن جي پاداش ۾ اڳتي هلي 1970 ۾ کيس نوڪري مان نيڪالي ڏني وئي) ان ڏينهن ۾ 1959 سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت سنڌ جي برک عالم ۽ گهڻ رخي شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ ٻوليءَ جي قدامت بابت ارنيسٽ ٽرمپ ۽ سرگريئرسن پاران سنڌيءَ کي سنسڪرت ڄائي قرار ڏيڻ واري نظريي کي ردڪري ان کي سامي صفت زبان يعني سنسڪرت جي ڀيڻ قرار ڏنو 26 سالن جي نوجوان سراج ڊاڪٽر بلوچ توري ٽرمپ وارن نظرين کي آمريڪي آرڪيلاجسٽ نوح ڪريمر جي کوجنا ۽ پنهنجي تحقيق جي آڌارتي ردڪري ادب ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو سراج جو نظريو آهي ته سنڌي سنسڪرت جي ڌيءُ يا ڀيڻ نه پر ماءُ آهي سميري تهذيب جو سنڌي تهذيب تي اثر نه ٿيو آهي پر بابل ۽ سمير جي تهذيب تي سڌو تهذيب جا اثر نمايان نظر اچن ٿا. سراج کي شهرت جي آسمان تي پهچائيندڙ اهو نظريو هو سنڌ جي ٻنهي عالمن ۾ ٻوليء جي بڻ بڻياد بابت مهراڻ رسالي ۾ علمي بحث (1959 کان 1961 ) تائين هلندو رهيو. جنهن بعد ٻنهي ٻولي جي ماهرن جا پنهنجي نظرين جي دليلن تي ٻڌل ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ 1964 سراج ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ڊاڪٽر بلوچ منظر عام تي آيا. سراج سنڌي ناول جو پڻ سگهارونانءُ آهي. ارغون تر خان جي قهري ڪارروائين تي سندس پهريون ناول ”پراڏو سو سڏ“ شاهڪار ناول آهي. جيڪو 1970 ع ۾ ڇپيو ”مرڻ مون سين آءُ“ کان علاوه سنڌي ناولن ۾ ٽريالاجي ڏيندڙ پهريون ناول نگارهو. سندس ٽريا لاجي پياسي ڌرتي رمندا بادل جا ٽئي ناول ”منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل“ ، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۽ ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ بهترين ناول آهن. سندس ناولن تي تبصرو ڪندي مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته” سراج جا ناول سنڌ جي تاريخي، سماجي، معاشي ۽ رومانوي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا. انهن جي ٻولي، اسلوب ۽ رواني بهتر هوندي آهي. سراج پنهنجي ناولن ۾ سنڌ جي اوائلي تاريخ کي اجاگر ڪيو آهي هن جي ناول ۾ جذبات نگاري جو عنصر غالب آهي. هو پڙهندڙ جي جذبات کي اڀاري ٿو. هوائين محسوس ٿا ڪن ته سندن ئي جذبن جي عڪاسي ٿي رهي آهي“. سراج صحافت ميدان ۾ جدت آڻيندي هر سياسي، سماجي عوامي اهم مسئلي کي پنهنجي قلم جو موضوع بڻائي وائکو ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هلال پاڪستان اخبار عبدالشڪور منشيءَ کان خريد ڪرڻ کانپوءِ سراج کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. جتي هن صحافت ۾ نوان لاڙا آندا. هو جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار رهو سندس جاڳو اخبار ۾ ”سياسي منظر نامو“ جي سري هيٺ لکيل ڪالم پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سراج ڪهاڻي کيتر ۾ به پاڻ ملهايو، ”اي درد هلي آءُ“ ۽ ”اٺون ماڻهو“ سندس ڪهاڻين جا ڳٽڪا آهن 2011 ع ۾ سندس خدمتن جي محيتا طور کيس ستاره امتياز اعزاز ڏنو ويو. سندس ڪتاب سنڌي ٻولي تازو سندس پٽ ڊاڪٽر امجد سراج انگريزي ۾ ترجمو ڪري بين الاقوامي سطح تي سندس تحقيق کي پهچائڻ جي راهه هموار ڪئي آهي. سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ ٻه انگريزي ڪتاب جيڪي سراج زندگيءُ جي آخري سالن ۾ لکيا هئا. ”آٽو بانيوگرافي آف ائن ان نون سنڌي“ ۽ ”هسٽري آف سنڌي لئنگويج“ کان علاوه سندس اخبارن ۾ لکيل ڪالم پڻ ڪتابي صورت ۾ پڌرانه ٿيا آهن. سندس وڇوڙي بعد سنڌي ادبي بورڊ اينٿالاجي ڇپائي آهي، جنهن کي نامياري محقق شاعر ليکڪ ۽ اديب سائين تاج جويو وڏي محنت سان ”سراج سنڌ جو ديو مالائي ڪردار“ جي عنوان هيٺ ترتيب ڏني آهي ان ۾ واقعي به مون لاءِ انڪشاف هو ته سراج هڪ سٺو شاعر به هو. تاج جويي صاحب پنهنجي مقالي ۾ سراج جو هڪ نظم ڪراچي ڏنو آهي جيڪو نه صرف هڪ شاهڪار نظم آهي. پر ڪيترائي سال اڳ سراج ڪراچي جي تاريخي حالتن جي جيڪا تصوير ڪشي ڪئي آهي، اڄ جي حالتن جي به ڀرپور عڪاسي ڪري پئي. اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روح وطن. اڳ به تون سوداگرن جو شهر هئين. اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن. پر ٻنهي سوداگرن ۾ فرق آهه ! اڳ جا سوداگر ڪندا صرف هڪ سوداگري. سر ڏئي پنهنجي وطن کي غيرکان ڳنهنذا ها. اڄ جا سوداگر ته پيا نيلام ڪن پنهنجو وطن. ڪڻڪ جي مٺ تي وڪامي ٿو بهشت ! اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روح وطن. تنهنجو ئي ماحول ڏس ڪيڏو آهي! اجنبي ! تنهنجو ساگر ڪيترو مايوس آهه! هر گهٽيء ۾ لٽجي پيو آد ميت جو سهاڳ. سون چانديءَ جي سجايل جانڊهن ۾ اندران ئي اندران ڏس زندگي پسجي پئي آبرو لٽجي پئي. امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور ! غير ڏس ڪيڏو نه آهي سربلند ڪيترو مضبوط آهي سامراج ! ڊرامانگار طور سندس سنگيت ناٽڪ ”تنهنجي تند تنوار“ ۽ هڪ ترجمو ڪيل ”اڪبر جي حياتي وارو هڪ ڏينهن“ شامل آهن. سراج جي ناولن تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، تنهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا ۽ ڪهاڻين جي ڳٽڪي اي درد هلي آءُ جي نالن مان ظاهر ٿئي ٿوته سراج سنڌ جي ناليواري شاعر نياز همايوني جي شاعري کان متاثر هو سنڌ جو هي سرموڙ اديب 2 فيبروري 2013 تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو سندس شاندار علمي ادبي خدمتن جي ڪري پاڻ هميشه عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو ويندو ٻي ورسي جي موقعي تي سندس گرانقندر شخصيت کي لطيف سرڪار جي هنن سٽن سان ياد ڪيون ٿا: اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوگين ذات ساري سنيا سين کي، رنم ساري رات مون تنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا.
سنڌوءَ جي ساڃاهه سراج علي نواز آريسر سراج، سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سگهارو قلمڪار آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ سان انتها جي حد تائين عشق ڪيو، هن سنڌي ادب ۾ جيڪي نوان لاڙا آندا، سي تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويا، ڇاڪاڻ ته هن سڄي زندگي اُهو ادب تخليق ڪيو، جنهن جي سنڌ کي ضرورت هُئي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت نج سنڌيت جي جذبي هيٺ جڏهن پنهنجو منفرد نظريو قائم ڪيو، اُن وقت سندس منهن تي مُڇن جي ساول به نه آئي هُئي، هو ان وقت جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي وصفن ۽ گهراين کان به ايترو واقف نه هوندو، پر سندس اندر ۾ ويٺل سنڌ جي عشق، نه رُڳو کيس ٻوليءَ جي سڀني وصفن کان آگاهه ڪيو، پر هن ان وقت بيٺل پاڻيءَ ۾ ڄڻ ته پٿر اُڇلايو هو. اُن جو پسمنظر هي آهي ته: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1959ع ڌاري ٽه ماهي مهراڻ ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ جي عنوان سان هڪ مضمون لکي، سنڌي ٻوليءَ بابت پنهنجي راءِ قائم ڪئي، ته ’سنڌي ٻولي، سامي صفت زبانن مان هڪ آهي.‘ اُن وقت سراج جي ذهن ۾ مانڌاڻ مچي پيو، هن انهيءَ مانڌاڻ جو ذڪر جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي عالم محمد ابراهيم جويي سان ڪيو ته جويي صاحب کيس چيو: ”جواب ڇو نه ٿو لکين؟“. سراج اُن وقت هڪو ٻڪو ٿي ويو هو ته ڪٿي ڊاڪٽر بلوچ جهڙو جيد عالم ۽ ڪٿي سراج جهڙو شاگرد ۽ الهڙ جوان! وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو، سراج جي دل ۾ ٻوليءَ جو درد قرض بڻجي دُکندو رهيو ۽ ذهن ۾ سنڌ جي عشق جا اُلا ڀڀڙ بڻجي ڀڙڪندا رهيا. سنڌي ٻوليءَ جا عاشق- محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، مولانا غلام محمد گرامي، شمشيرالحيدري، غلام رباني آگرو ۽ نياز همايوني کانئس بار بار پُڇندا رهيا ته جواب جو ڇا ڪيئي؟ اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي دل ۽ ذهن جي انهيءَ آڙاهه کي جهڪو ڪرڻ خاطر سياري جي سرد راتين ۾ نڪري پيو موهن جي دڙي جي کنڊرن کي ڦلهورڻ. اُهو موهن جو دڙو، جيڪو پنهنجي اندر ۾ ڪيتريون تاريخي ڪٿائون دفن ڪري ويٺو هو، اُهو موهن جو دڙو، جيڪو سنڌ جي آڳاٽي تاريخ جو اهم ۽ انوکو مثال هو. انهيءَ موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ راتين جون ننڊون ڦٽائي، سراج سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي تاريخ جو تت ڳولي ڪڍيو. مسلسل جفاڪشي ۽ جاکوڙ کانپوءِ، هن 1961ع ۾ هڪ طويل مضمون لکيو. جنهن جي جواب ۾ وري ڊاڪٽر صاحب هڪ مضمون لکيو ۽ پوءِ 1964ع ۾ سراج ’سنڌي ٻولي‘ نالي هڪ ڪتاب لکي، سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو. جيتوڻيڪ اُن وقت هن ڪتاب تي مختلف اديبن پاران سخت تنقيدون ٿيون، بحث مباحثا ٿيا، ڪتاب ۾ قائم نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اُهو ورجاءُ اهو آهي جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا محافظ ’سراج جي نظريي‘ آڏو مٿو ٽيڪي بيٺل نظر اچي رهيا آهن. خود ڊاڪٽر بلوچ هڪ پروگرام ۾ سراج جي پُٺي ٺپري چيو هو ته: ’نوجوان! اڄ آءٌ به تنهنجي راءِ سان متفق آهيان.‘ سراج جيتوڻيڪ اُن وقت ڪو ايڏو وڏو محقق نقاد نه هو، پر هُو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هو، جنهن سنڌ سان سسئيءَ جهڙو عشق ڪيو هو ۽ سسئيءَ جيان جهنگ جبل جهاڳڻ شروع ڪيا هئا. سراج رُڳو محقق هجي ها ته ڪنهن پراڻي طئه ٿيل نظريي تي بيهي رهي ها، پر هُو ته تخليقڪار هو ۽ تخليقڪار ئي انتها جي حد تائين عشق ڪري سگهي ٿو. سراج عاشق نه هجي ها ته ٻاروتڻ ۾ پڙهيل الف- ب واري پٽي، سندس ذهن تي اُڪريل نه هجي ها! – ۽ ها، اُهو ٻوليءَ جو عشق، کيس پنهنجي والد صاحب محمد يعقوب ’نياز‘ کان وِرثي ۾ مليو هو. سراج، ٻيو جيڪو وڏو ڪم ڪيو، اُهو ڪم هو ’سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ ناول لکڻ،‘ سراج جو پهريون ناول ‘پڙاڏو سوئي سڏ’ تاريخي پسمنظر ۾ لکيل سنڌيءَ جو پهريون اهم ناول آهي، جنهن جا هن وقت تائين ڏهن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چُڪا آهن ۽ هيءَ ناول، سنڌي ادب جي شاگردن کي ايم. اي ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي. هن ناول جي ٻولي، جيتوڻيڪ سادي آهي، پر ناول ۾ جيڪو انقلابي نُڪتو کنيو ويو آهي، تنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ چڱو خاصو اُڀار آندو. هي ناول ترخانن جي سنڌ سان ڪيل ڏاڍاين خلاف آهي. سراج صاحب جي مٿين راءِ اهو ثابت ڪري ٿي ته سنڌي ماڻهو ويڙهه جو عمل ۽ منظم جدوجهد هن دور ۾ سکيا. سراج هن ناول ۾ ’جيئي سنڌ‘ جو نعرو به متعارف ڪرايو آهي، جنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. اهڙيءَ طرح سراج هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به لکيو، جيڪو ’مرڻ مون سين آءُ‘ جي نالي سان گهڻو پوءِ ڇپيو. اهڙيءَ طرح سراج وقت جي نبض تي هٿ رکي ادب تخليق ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي تحت هن سنڌي ناولن ۾ ’ٽريالاجي‘ به متعارف ڪرائي، هن ٽريالاجيءَ ۾ سندس ٽي ناول: ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مِرگهه ترشنا‘، شامل ڪيا، جيڪي ٽريالاجيءَ طور ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ نالي سان ڇپيا. هن کان اڳ ڪنهن سنڌي مصنف سنڌي ناول جي ٽريالاجي نه لکي هُئي. مجموعي طور سراج هر دور ۾ متحرڪ قلمڪار رهيو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون ته شاعري به ڪئي. منظوم ناٽڪ به لکيا ته لاتعداد ڪالم به لکيا. هو جڏهن هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر هو، تڏهن’ملان جي ڊوڙ‘، ’سياسي منظر نامو‘ ۽ ‘رتيءَ جي رهاڻ‘سِري هيٺ لاتعداد مضمون ۽ تجزيا لکيائين، سندس اهي ڪالم اڄ به پڙهجن ٿا ته ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ اڄ جي حالتن تي لکيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون حالتون اڃا تائين ساڳئي پسمنظر ۾ ساهه کڻي رهيون آهن. سراج جي ٻين ڪتابن ۾: ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘ (ڪرشنچندر جي ناول جو ترجمو:1953ع)، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو (1958ع)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (ترجمو:1958ع)، ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون:1962ع)، ’اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون‘:1985ع)، ’سياسي منظر نامو‘ (2015ع) ’ڏات ۽ ڏاهپ جي لاٽ‘ (2015ع) شامل آهن. منهنجي سراج صاحب سان صرف هڪ ملاقات ٿي هُئي، اُن وقت آءٌ عمر ۾ ڪافي ننڍو هئس، هڪ ڀيري آريسر صاحب [عبدالواحد آريسر] سان گڏجي ڪراچيءَ ويو هئس ۽ پوءِ اسان شمشيرالحيدريءَ سان گڏجي، سراج صاحب سان مليا هُئاسين. نهايت ئي سنجيده انسان، ضرورت وقت ڳالهائي رهيو هو، نه ته مسلسل خاموش، پر هن جيڪو به ڳالهايو پئي، ان ۾ سنڌ جو ذڪر هو، سنڌ جي شعور جي ٽمورتيءَ سان گڏ ويٺي مون پنهنجي پاڻ کي خوش نصيب ڀانئيو هو ۽ اُن رات ڪيتري دير تائين ٽنهي جي ڪچهريءَ مان مون علم جا ڪيئي ڪڻا ميڙيا هئا، جيڪي اڄ تائين منهنجي ذهن ۾ سانڍيل آهي. سراج سان منهنجي شناسائي هونئن ته گهڻي پراڻي هئي، ڇاڪاڻ ته مون جيڪو پهريون ناول پڙهيو هو، اُهو سراج جو ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ هو جيڪو اُن وقت ته منهنجي سمجهه ۾ نه آيو هو، پر اڳتي هلي انهيءَ ناول منهنجي ايتري ته رهنمائي ڪئي، جو آءٌ به ’ساڳئي پنڌ جو پانڌيئڙو‘ بڻيو هئس. اهڙيءَ طرح انهي شُناسائيءَ کي عملي صورت اُن رات ملي هئي، جڏهن آءٌ هن جي سامهون خاموش ويٺو کيس ڏسندو رهيو هئس. هماليه جهڙي هن اڏول انسان جي ذهن ۾ ان وقت به سنڌ جي سوچ هُئي. سراج، بابت هڪڙي ٻي اهم ڳالهه آءٌ رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو، جيڪا هن وقت تائين سامهون اچي نه سگهي آهي ۽ اُها ڳالهه مون کي آريسر صاحب، 22 اپريل 2015ع تي راجپوتانا اسپتال جي ڪمري نمبر 122 ۾ ٻڌائي هُئي ته: جڏهن بينظير صاحبه پاڪستان ۾ اپوزيشن اڳواڻ هئي، اُن وقت هن ڏکڻ ايشيا جي اپوزيشن اڳواڻن جي ميٽنگ ڪوٺائي هئي، جنهن ميٽنگ ۾ شيخ حسينه واجد کان مختلف صحافي انٽرويو وٺڻ آيا هئا ته حسينه واجد انهن کي وراڻيو هو ته: آءٌ انٽرويو صرف بنگالي ٻوليءَ ۾ ڏيڻ پسند ڪنديس، ظاهر ڳالهه آهي ته هِتان جي صحافين کي بنگالي ٻولي ڪانه ٿي آئي، اُن وقت سراج ميمڻ، حسينه واجد سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين ته آءٌ توهان جي بابا جو دوست آهيان ۽ ڊاڪا مان به ٿي آيو آهيان، تڏهن هن وراڻيو ته: ’ها، مون اوهان جو ذڪر بابا جي ڊائريءَ ۾ پڙهيو آهي- ۽ پوءِ هن سراج صاحب کي انٽرويو ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. اُن وقت پاڪستان ۾ بينظير، بنگلاديش ۾ شيخ حسينه واجد ۽ نيپال ۾ ڪُماري ٽنگا اپوزيشن جون عورت اڳواڻ هُيون. ان مان واضح ٿئي ٿو هو ڪيڏو وڏو ماڻهو هو ۽ ڪيڏو ڪميٽيڊ ۽ واسطا ڳنڍيندڙ انسان هو. سراج صاحب تي وقت جي نقادن ڪيتريون ئي تنقيدون ڪيون، پر هن ڪڏهن مُڙي به انهن کي جواب نه ڏنو ۽ نه هن ڪڏهن ان جي ضرورت محسوس ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي ته تنقيدن جي ور چڙهي پنهنجو وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته عملي ڪم ڪجي ۽ هو سڄي زندگي ڪم ڪندو رهيو. اڄ تاريخ سندس انهن مخالفن جي منهن تي سراج جي تخليقن جي اهڙي ته مُهر هڻي ڇڏي آهي، جو وٽن سندس ادبي تخليقن جي ’اعترافي قبوليت‘ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو بچيو ئي ناهي. سراج، جيڪو سنڌوءَ جي ساڃاهه هو، سو سنڌ کان 2 فيبروري 2013ع تي جدا ٿي ويو، پر سندس ڏنل نظريو سنڌ ۾ اڄ به شعور جي چڻنگ کي روشن رکيو اچي.