فيسبوڪ رائونڊ اپ

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    فيسبوڪ رائونڊ اپ

    محمد سليمان وساڻ

    سوشل ميڊيا جيڪا پاڪستان ۾ تيزي سان مقبوليت ماڻي رهي آهي اتي سنڌي ماڻهن جو به هڪ وڏو تعداد پنهنجي لکڻين، شاعري ۽ تخليقن سان گڏ فيس بوڪ تي موجود آهي. فيس بوڪ تي جتي لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي مڪمل آزادي آهي اتي اسان کي ڪيئي لڪل ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون جيڪي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي محدود وسيلن سبب پيش ٿي نه ٿيون سگهن يا وري سينسر پاليسي جي حوالي ٿي وڃن ٿيون. فيس بوڪ تي هن هفتي جي شروعات ئي سنڌ فيسٽيول جي تڪراري هجڻ سان شروع ٿي جنهن ۾ مختلف ليکڪن ۽ فيس بوڪ پيجز جي ايڊمن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌ فيسٽيول سنڌ جي ثقافت جي ترجماني ڪانه پئي ڪري. اهوئي سبب هيو جو بلاول ڀٽو زرداري سميت بلاول هائوس ۽ پ پ پ قيادت گهڻو ڪري تنقيد هيٺ رهيا. ان صورتحال تي وڌيڪ تنقيد تڏهن ٿي جڏهن امداد حسيني، بدر ابڙي ۽ صنم ماروي جا اهي بيان سامهون آيا ته هنن کي سنڌ فيسٽيول جي ڪابه دعوت ناهي. ساڳي وقت فيس بوڪ جي دوستن ۾ اها ڪاوڙ ۽ پريشاني واري لهر اڀري جڏهن موهن جو دڙو تي رکيل افتتاحي اجلاس لاءِ اسٽيج ۽ پنڊال جي تيارين لاءِ اتي موجود تاريخي کنڊرن مٿان ڪم ٿيڻ واريون تصويرون شيئر ٿيون. آصف رضا موريو، اسحاق انصاري، نثار ميمڻ، مشتاق راڄپر، نصير ميمڻ، ذوالفقار هاليپوٽي، حسين بخش ٿيٻي، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام، رائيزنگ سنڌ، يوٿ آف سنڌ سميت هزارين دوستن اهڙي رويي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ته هزارين سالن جي تاريخي ورثي کي سنڌ فيسٽيول جي نالي تي تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. فيس بوڪ تي اٿاريل مهم کانپوءِ سول سوسائٽي به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڳالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ تائين وڃي پهتي، جنهن کانپوءِ بلاول ڀٽو ۽ شرميلا فاروقي موهن جو دڙو پهتا ۽ ڪم جو جائزو وٺندي اطمينان جو اظهار ڪيو پر دانشور ۽ سول سوسائٽي پنهنجا خدشا پيش ڪندي رهي. سنڌ فيسٽيول جي افتتاحي رنگا رنگ تقريب به موهن جي دڙي ۾ ٿي جنهن ۾ رنگ برنگي رنگ ڏسڻ لاءِ مليا. سنڌ فيسٽيول جو فيس بوڪ پيج تقريب کي سنوارڻ لاءِ اپڊيٽ پيش ڪندو رهيو آهي.

    نصير ميمڻ، اسد چانڊيي ۽ ٻين ڪيترن دوستن سنڌ يونيورسٽي ۽ شاهه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلرز تي ڇتي تنقيد ڪندي لکيو ته 25 سالن جي پي ايڇ ڊي محنت بجاء هاڻ صرف وزارت حاصل ڪريو ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيو. فيس بوڪ تي سلجهيل دوست حيران ۽ پريشان هئا ته سيد قائم علي شاهه، نثار کهڙي، خورشيد شاهه، آغا سراج دراني ڪهڙي علمي يا ادبي ڪم تي ان قابل بڻيا جو انهن کي يونيورسٽين پاران اعزازي پي ايڇ ڊي جون ڊگريون مليون. اسد چانڊيي لکيو: سنڌُ يونيورسٽي، سنڌُ ۾ تعليم پکيڙڻ لاءِ ”انقلابي قدم“ کڻي ڏيکاريو آهي. اسان جي مادرِ علمياڄ ”ميٽر ريڊر“ کي ”اعزازي ڊاڪٽريٽ“ ڏئي ڇڏي آهي. سنڌُ يونيورسٽي بلڪل صحيح فيصلو ڪيو آهي، سنڌ ۾ ”ڪاپي ڪلچر وارين جعلي ڊگرين“ جيان ” اعزازي ڊگريون“ به جعلي ماڻهن کي ڏيڻ ضروري هو.

    سنڌي سنگت دبئي جي آشا چاند جو اسٽيٽس انڪري اهم ۽ قابل بحث رهيو جو ان ۾ هندستان ۽ ٻاهر رهندڙ سنڌين لاء سنڌي تعليم ۽ سنڌي سکيا بابت رايا طلب ڪيل هئا. هن لکيو ته “ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي سدائين قائم رهندي جو اُتي سنڌين وٽ پنهنجي زمين آهي. ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو وڃي پيو گهٽبو۽ سنڌي ٻوليءَ جي گم ٿي وڃڻ جو ڊپُ سڀني جي من ۾ آهي. ڀارت ۾ سنڌي سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ کان بهِ ڪيٻائين ٿا”. ان سلسلي ۾ سنڌي سنگت دبئي کي هدايت بلوچ ۽ سنڌ سلامت سميت ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ جو چيو. ان سلسلي ۾ انتظار آهي ته اڳتي ڪهڙا قدم کنيا ٿا وڃن.

    هن هفتي تعليم بچايو سنڌ بچايو سلوگن سان فيس بوڪ تي هڪ بهترين مهم هلي آهي، جنهن ۾ مختلف دوستن سٺي انداز ۾ مشورا ڏنا آهن. سوشل ميڊيا جي سنڌي حلقي ۾ هن هفتي سنڌ جي هڪ نياڻي فضا علي ميراڻي جي اها تصوير سڀ کان وڌيڪ شيئر ٿي جنهن ۾ هو هڪ پوسٽر کڻي اها اپيل ڪري رهي آهي ته “مان سنڌ ڌرتيءَ جي نياڻي اپيل ٿي ڪريان تعليم بچايو سنڌ بچايو”. اها تصوير گهڻو ڪري سڀني ساڃاهه وند گروپس ۽ پيجز تي هلي آهي ۽ ان تي هزارين رايا آيا آهن. هوڏانهن عبدالواحد آريسر جو ايم ڪيو ايم جي حق ۾ آيل اهو بيان ته “الطاف سنڌ جو حلالي پٽ آهي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ سان سدائين وفا ڪئي آهي” هڪ نئين تڪرار جو سبب بڻيو. ڇو ته اڳ ئي اياز لطيف پليجي پاران هڙتال جي واپس ورتل سڏ تي مٿس شديد تنقيد ٿي هئي.

    هوڏانهن فيس بوڪ جي عالمي سنڌي ادبي تنظيم “سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن فيس بوڪ (ساوا)” جي ٽين سالگرهه جي سلسلي ۾ پڻ سوشل ميڊيا تي مهم جاري آهي. هوڏانهن سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پاران سنڌي اي بوڪس کي نيٽ تي آڻڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هن هفتي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا (جامي چانڊيو)، روشنيء جون اکيون (پريم پتافي)، روشني ئي روشني (جوهر بروهي)، ٻري جن ٻاري (خان محمد پنهور)، اسان پنڌ پريئن ڏي (عبدالحئي پليجو)، سوشلزم ڇا آهي (سيد رشيد احمد)، ڏات ڏيئا ٻاريا (لاڙڪاڻي جي 14 شاعرن جي شاعري) سميت ٻين ليکڪن جا ڪتاب به ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ آندا ويا آهن. هن هفتي فيس بوڪ تي جميل سومري جي شاعريءَ جي نئين ڪتاب ريشم جهڙا خواب جي ڇپجڻ سبب خوب شيئرنگ ٿي رهي آهي.

    ٻئي طرف سنڌي شاعري جي مختلف گروپن، ڊزائن ٿيل شاعري سان گڏ ڪهاڻي ڪارنر ۾ پڻ ادبي ۽ تخليقي حوالي سان شاعر ۽ ليکڪ دوستن جون لکڻيون پيش ٿينديون رهيون آهن. فيس بوڪ تي سٺي لکڻين ۽ مثبت بحث مباحثي سبب پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا پڻ فيس بوڪ طرف توجهه ڏيڻ شروع ڪيو آهي ۽ اتان ملندڙ ترت خبرن ۽ رپورٽن جي تصديق ڪري خبرون ۽ رپورٽون پنهنجي ميڊيا جي زينت بڻائي رهي آهي. هوڏانهن سنڌ جي آرڪائيز ڊپارٽمينٽ ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ پڻ فيس بوڪ تي پنهنجي پيجز ۾ سرگرميون شروع ڪيون آهن.

    روزانه عوامي آواز 4 فيبروري 2014
    ___


    [​IMG]
    فيس بوڪ رائونڊ اپ 1

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 2

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 3

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 4

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 5

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 6

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 7

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 8

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 9

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 10
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 اپريل 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    بهترين سلسلو۔۔۔
    مون کي انٽرنيٽ تي ويهڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن کان وقت گهٽ پيو ملي۔۔۔ جيڪو وقت ملي اهو سنڌ سلامت ۽ فيس بوڪ تي گذري پر ان کان به گهڻو وقت سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڊيولپمينٽ سمجهڻ ۽ سکڻ ۾ گذري ۔۔۔ ان ڪري سوشل سرگرمين کان اڪثر واقفيت نه ٿي رهي۔۔۔ وري جيڪڏهن فيس بوڪ ڏانهن لاڙو ٿئي ته وسيع سرگرمين جي حامل فيس بوڪ تان ڪم جي ڳالهين تي نظر پوڻ يا ڳولڻ به مشڪل ٿيو وڃي۔۔۔
    ۽ جيئن ته پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان وڌيڪ اڄ جو نسل سوشل ميڊيا تي سچائيء جي ڳولا ۾ آهي ته اهڙي وسيج پليٽ فارم تي سنڌ، سنڌيت ۽ سنڌي ازم بابت ڄاڻ وٺڻ ضروري ٿيندو پيو وڃي۔۔۔ توهان جي هفتيوار رائونڊ اپ جي سلسلي مان ڪافي معلومات ملڻ جي اميد آهي ۔۔۔ انڪري گذارش ته سلسلي کي جاري رکندا جو ان جي واقعي به ڪافي کوٽ آهي۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    نصير ميمڻ، اسد چانڊيي ۽ ٻين ڪيترن دوستن سنڌ يونيورسٽي ۽ شاهه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلرز تي ڇتي تنقيد ڪندي لکيو ته 25 سالن جي پي ايڇ ڊي محنت بجاء هاڻ صرف وزارت حاصل ڪريو ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيو. فيس بوڪ تي سلجهيل دوست حيران ۽ پريشان هئا ته سيد قائم علي شاهه، نثار کهڙي، خورشيد شاهه، آغا سراج دراني ڪهڙي علمي يا ادبي ڪم تي ان قابل بڻيا جو انهن کي يونيورسٽين پاران اعزازي پي ايڇ ڊي جون ڊگريون مليون

    کريون ڳالهيون سچيون ڳالهيون۔۔۔۔ اسان هنن ڳالهين سان اتفاق ٿا ڪريون​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو