سنڌ سلامت فيڊس اسٽريمنگ ۽ ڳولا

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستن جو انتهائي مشڪور آهيان جن منهنجي جنم ڏينهن تي مون کي دعائون ۽ نيڪ تمنائون پيش ڪيون۔۔۔ سندن لفظن سان نه رڳو منهنجو حوصلو وڌايو آهي۔۔ پر سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ جي پنن تي پکيڙڻ جي مشن کي وڌيڪ سهنجو بنائڻ لاءِ هڪ ٽانڪ طور پڻ ثابت ٿيا آهن۔۔۔
    سنڌ سلامت دوستن جي اهڙن جذباتي احساسن جي موٽ ۾ پنهنجي جنم ڏينهن تي سندن لاءِ سنڌ سلامت وڌيڪ سهل بڻائيندڙ ٽن پروجيڪٽس مان ٻيو جوابي تحفي طور پيش ڪجي ٿو۔۔۔ (پهريون ۽ ٽيون ڏسو)

    سنڌ سلامت فيڊس اسٽريمنگ ۽ ڳولا
    هوئن ته هر دوست پنهنجي پسند جي برائوزرس سان لڳائو رکندڙ رهي ٿو پر اڪثريت گوگل ڪروم جي شيدائي آهي جنهن جا سبب تيز رفتار برائوزنگ، استعمال ۾ آسان ۽ سڀ کان اهم انهن لاءِ گوگل اسٽور تي موجود بي شمار ايڪسٽينشن ۽ ايپليڪيشنس پڻ آهن۔۔۔ جن ۾ هاڻي ته سنڌ سلامت طرفان پڻ ڪجهه پيش ڪيل آهن۔۔۔
    سنڌ سلامت جا دوست گوگل ڪروم جي مختلف ٽيبس کولي يقينن انٽرنيٽ سرفنگ ڪندا رهندا آهن۔۔ ۽ گڏو گڏ سنڌ سلامت کي به بار بار ريفريش ڪندي نواڻ ڳوليندا رهندا آهن۔۔۔ سندن هن ڪم کي وڌيڪ سولو بڻائيندي هڪ گوگل ڪروم جو ايڪسٽينشن تيار ڪيو ويو آهي۔۔۔ جنهن ذريعي هاڻي توهان انٽرنيٽ جي ڪهڙي ويب پيج تي رهندي يا سنڌ سلامت کولڻ يا ريفريش ڪرڻ بنا ئي سنڌ سلامت نواڻ معلوم ڪري سگهندا رڳو ايترو ئي نه پر مخصوص لفظ لکي سنڌ سلامت تي موجود مواد جيڪو هاڻي هڪ ئي سائيٽ تي سنڌي زبان جو سڀ کان گهڻو مواد پڻ بڻجي چڪو آهي ڳولي سگهو ٿا۔۔۔ ۽ اهو سڀ ڪجهه بس رڳو هڪ ٽڙڪ ذريعي ۔۔۔۔
    هي آهي SSFeeds نالي گوگل ڪروم جو ايڪسٽينشن
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    هن جي فيچرس ۾ شامل آهن:
    • تڪڙو کلندڙ پاپ اپ ونڊو
    • سنڌي امبيڊيڊ فونٽ (سنڌي فونٽ ڪمپيوٽر ۾ انسٽال نه هجڻ باوجود سنڌي اکرن جو درست نظر اچڻ)
    • سنڌ سلامت مواد ڳولڻ لاءِ سرچنگ ٽيڪسٽ ايريا (جنهن تي ايندڙ ورجن ۾ سنڌي ايڊيٽر فعال بڻايو ويندو)
    • سنڌ سلامت تي اپڊيٽ ٿيندڙ 10 لنڪڊ موضوع (فعال موضوع)
    • سنڌ سلامت فورم ڏانهن وٺي ويندڙ مائڪرو لوگو

    سنڌ سلامت طرفان تيار ڪيل هي ڪارآمد ايڪسٽينشن گوگل اسٽور جي هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 فيبروري 2014
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه واه تمام زبردست پروجيڪٽ۔هن سان آساني سان مواد ڏسي سگهبو
    ٽين به پروجيڪٽ جو انتظار رهندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو