ٻولي ڪانفرنس ”پاڪستان ۾ قومي ٻولين جا حق ۽ انهن جا مسئلا”

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ آرٽس ڪائونسل جي سهڪار سان 8 فيبروري تي ٻولي ڪانفرنس ”پاڪستان ۾ قومي ٻولين جا حق ۽ انهن جا مسئلا” جي عنوان سان ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ منعقد ٿي رهي آهي.

    دوستن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ڪراچي (رپورٽ: وقار شر) ملڪ جي نامور دانشورن ، قلم ڌڻين ۽ محققن چيو آهي ته اردو ٻوليءَ کي پاڪستان جي ”لاڳاپي واري ٻولي“ بڻائي ملڪ جي اصلوڪين ٻولين سنڌي، پنجابي، سرائڪي، بلوچي ۽ پشتو کي چئن ئي صوبن ۾ قومي ٻولي بڻايو وڃي ۽ ٻولين جي لاءِ جيڪي به قانون موجود آهن انهن تي عمل ڪرايو وڃي ۽ سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ مادري ٻوليون لازمي پڙهائڻ سميت صوبائي اسمبليون پنهنجي قانونسازي ڪن. ڪالهه آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ملڪي سطح تي سنڌي ادبي سنگت،سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ آرٽس ڪائونسل جي گڏيل سهڪار سان ”پاڪستان ۾ قومي ٻولين جا حق ۽ ان جا مسئلا“جي عنوان هيٺ ”ٻولي ڪانفرنس“ منقد ڪئي وئي . ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي جنرل سيڪريٽري مشتاق ڦل چيو ته پاڪستان جي چئني وحدتن جي قومي ٻولي کي سندن قانوني حق ڌيارڻ لاءِ ادبي سنگت پاران جاگرتا مهم هلائي پئي وڃي.هن چيو ته ملڪي آئين جي فقري ۾ مادري ٻولي کي قومي ٻولين واري حيثيت ڏني وئي آهي پر ان جي باوجود ان ٻولين کي قانوني تحفظ ڏيڻ کان لنوايو پيو وڃي،هن چيو ته سنڌي عوام کي پنهنجي ٻولي جي تحفظ جي حوالي سان تمام گهڻا خدشا آهن، تقريب ۾ بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته پاڪستان جي برٽش قانون تحت ٻولين تي صوبائي رياست قرار ڏنو ويو ،جڏهن بنگالين ڌٺو ته اسان جي ٻولي سان ناانصافي ٿي رهي آهي ته انهن جدوجهد شروع ڪئي ۽ چيائون ته اسان ٻولين جي حق لاءَ وڙهنداسين ۽ اهڙي طرح 1956ع ۾ اردو ۽ بنگالي ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو. جامي چانڊيو چيو ته هي جديد زمانو حڪمت عملي جو آهي. هي ڪهڙي رياست آهي جيڪا پنهنجي پابندي مڙهيل تنظيم سان امن ڳالهيون ڪرڻ نڪتي آهي اهڙي رياست کان قومي ٻولي جو سوال ڪرڻ اجايو آهي اسان جون ٻوليون قائم ۽ دائم آهن انهن کي ڪهڙو به خطرو ناهي ڇو ته ماءءُ جي زبان ڪڏهن به مرندي ناهي.هن چيو ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي ۾ سڌو سنئون پ پ ملوث آهي جيڪا نٿي چاهي ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو درجو حاصل ڪري.هن چيو ته سنڌي ٻولي جي تباهي ۾ سنڌي اخبارون به ملوث آهن جيڪي ٻولي جي بگاڙ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.هن چيو ته اسان سڀنن کي ٻولين جي مامري بابت هڪ ٿيڻو پوندو ڇو ته وطن کان سواءِ قومون رهي سگهن ٿيون پر قومن کانسواءَ وطن نٿا رهي سگهن. خيبر پختونخوان جي ليکڪ ۽ دانشور سليم راز چيو ته پشتو زبان 5 هزار سال قديمي آهي ان ڪري اسان جو سڀ کان پهريون حق بڻجي ٿو ته ان زبان کي قومي درجو ڏنو وڃي،هن چيو ته اردو کي قومي زبان نه پر صرف رابطي جي زبان قرار ڏنو وڃي،هن چيو ته پاڪستان جو وجود قومن سان ٿيو آهي ان ڪري رياست کي گهرجي ته اهي صوبن ۾ گهڻي ڳالهائيندڙ زبانن کي قومي ٻولي طور تصور ڪري ان کي منظور ڪن. تقريب ۾ منظور اڄڻ چيو ته ٻولين واري ماملو اسان جو قومي مسئلو آهي ان کي حل ڪرڻ کانسواءَ جمهوريت واري رواتيون پختيون نه ٿيون ٿي سگهن.ان موقعي تي پنجابي ٻولي جي ليکڪ ۽ دانشور افضال بيلا چيو ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي نصاب آهي ،اخبارون،چينلزآهن پر اسان پنجاب وارا ان حساب کان بدنصيب آهيون جو 10 ڪروڙ آبادي واري صوبي ۾ پنجابي ٻولي کي ڪا به اهميت ناهي .هن چيو ته پنجاب ٻولي 2 هزار سال پراڻي آهي پر اسان وٽ وڏو الميو اهو آهي ته اسان جي ٻولي پوءِ به ويچاري پوئتي پيل آهي اهو جائز مطالبو آهي ته وحدتن جي قومي ٻولين کي سندن جائز حق ڏنو وڃي.بشرا ناز چيو ته اسان جي پنجابي ٻولي کي انگريزن به تسليم ڪيو، بابا فريد کان شاهه حسين تائين پنجابي ۾ شاعري موجود آهي، هن چيو ته اسان سنڌي ادبي سنگت جا شڪر گذار آهيون جنهن ملڪي ليول تي ٻولين جي حقن لاءِ هيءِ گڏجاڻي ڪوٺائي آهي. عوامي آواز جي ايڊيٽر ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته سنڌي ٻولي سان ناواجبيون ٿيون پر ان سان زيادتين ۾ سرڪار سان گڏ اسان جو پڻ هٿ رهيو، 1947 ع کان پوءِ هر سرڪار ۽ ان جي حڪمرانن ٻولي جي مسئلي کي حساس ته ٺهرايو پر انهن کي حل ڪرڻ لاءِ هميشه لنوايو آهي. ترقي پسند بزرگ ليکڪ مسلم شميم چيو ته ٻولين جو مسئل جمهوريت سان جڙيل آهي، هن چيو ته سڀني مذهبن جو بنياد سيڪيولرزم آهي، جيڪڏهن ٻولين وارو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته پوءِ ملڪ ۾ جمهوريت به ڪڏهن مضبوط نه ٿي سگهندي.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو