هڪ خدا ترس انسان جو لاڏاڻو

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2014۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    هڪ خدا ترس انسان جو لاڏاڻو
    ( استادالعلما حضرت مولانا عبداللطيف پٺاڻ)
    اسان جي گهوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ ۽ عالم استادالعلما حضرت مولانا عبداللطيف پٺاڻ صبح جو گهوٽڪي با پاس تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو۔
    مولانا عبداللطيف ولد حاجي محمد ولد ڪوڙو ولد خير محمد ولد عبدالغني جي ولادت سنه اپريل 1942ع ۾ ڳوٺ غلام حيدر خان پٺاڻ تعلقه وضلع گهوٽڪي ۾ ٿي سندس اصل وطن سبي(بلوچستان) هو.
    قرآن شريف جي ناظره تعليم ۽ فارسي جا بتدائي ڪتاب پنهنجي والد وٽان حاصل ڪيائين ان کان بعد ارشادالصرف،نحومير،شرح مائة عامل،هداية النحو ۽ عربي جا ٻيا ڪتاب مولانا عبدالمجيد ڀيو وٽ پير ڳوٺ(تعلقه اوٻاوڙو) ۾ حاصل ڪئي.ان کان بعد مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪي ۾ استادالعلماءِ مولانا مظهرالدين انڍڙ وٽ مختصر المعاني،بيضاوي شريف،فوزالڪبير،هدايہ 3 جلد.صحيح بخاري اول ۽ ابودائود پرايائين ان کان بعد استادالعلماءِ مولانا عبدالهادي ميمڻ (ٺيڙهي واري) وٽ بخاري اول ،ترمذي،شرح معاني الاثار۽ ميراث پڙهيائين.مولانا صاحب 26 رجب 1384ھ ۾ دستار ٻڌي،مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪي ۾ مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ جو هم سبقي ۽ مدرسه مدينة العلوم پنوعاقل ۾ دوره حديث به گڏپڙهيو.
    پاڻ هن وقت مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪي ۾ استاد جي حيثيت ۾ درس و تدريس ۾ مشغول هئا۔
    ياد رهي ته مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ ۽ مولانا مرحوم دوره حديث مدرسه مدينته العلوم پنوعاقل ۾ گڏ پڙهيا هئا۔
    سندس جنازي نماز ۾ مائٽن،عزيزن،علامن،طالبن ۽ شهر جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔جنازي نماز پاڪستان جي مشهور عالم مولانا نعيم الله ڪوٽ سبزل واري5: 20 منٽن تي شام جو پڙهائي۔
    سنڌ جي مشهور عالم،استادالعلما،فقيه السنڌ،پير طريقت حضرت مولانا علامه مفتي عبدالوهاب چاچڙ ۽ سندس فرزند مولانا مفتي عبدالواحد چاچڙ پڻ شرڪت ڪئي۔
    وفات: 8 فيبروري سنه 2014ع تي گهوٽڪي با پاس تي۔
    الله تعالي کان دعا آهي ته مولانا عبداللطيف پٺاڻ کي جنت ۾ جڳهه ڏئي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 فيبروري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انا الله و انا اليه راجعون ۔۔۔۔ ڏکائتي خبر
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    نئون انا الله و انا اليه راجعون
     
  4. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    انا الله و انا اليه راجعون

    الله تعالى کيس مغفرت فرمائي، اعلى درجي تي رسائي. آمين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو