سائين عبدالماجد ڀرڳڙي کي سندن جنم ڏينهن تي خوبصورت تحفي سان ڀيٽا

'جنم مبارڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪي ماڻهون جنم ته هڪ دفعو وٺندا آهن پر انهن کي سندن ڪارنامن ڪري جنم جنم ۾ ياد ڪيو ويندو آهي۔۔ ۽ اهڙي طرح اهي ماڻهون هميشه لاءِ زنده رهندا آهن۔۔۔ سائين محترم عبدالماجد ڀرڳڙي به انهن ماڻهن مان هڪ آهي۔۔ سنڌي ٻولي لاءِ سندن ڪيل شروعات کان پوءِ سفر کڻي گهڻو تيز رفتاري سان ناهي هليو پر رڪيو پوءِ به ناهي۔۔۔
    پاڻ مسقتبل جي سنڌين لاءِ فرمائين ٿا۔۔۔
    ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ اڄ جا اهم ترين ٽُول آهن جن جو استعمال اڻٽر آهي. هر دور ۾، ترقي لاءِ، ان دور جي ٽُولز جو سگھارو ۽ ڪارآمد استعمال نه ڪبو ته اها قوم يا ٻولي پٺتي رهجي ويندي. ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي به اهڙو ٽُول آهي جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ لاڀ پرائڻ لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ استعمال ازحد ضروري آهي. انهيءَ طريقه سان اسان پاڻ کي جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪري ان کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري سگھون ٿا. سنڌي نوجوان ڪامياب ٿي سگھن ٿا، پر ٿيندا يا نه اهو سندن همت ۽ محنت تي دارومدار رکي ٿو. مان چوندس ته انشاالله ٿيندا جي همت ڪندا۔۔
    سنڌي نوجوان جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ هميشه سنڌ سلامت هڪ قدم اڳتي وڌي پاڻ پيش ڪيو آهي ۔۔ جتي ننڍا وڏا مسئلا سندن اڳيان پيش آيا آهن۔۔ سنڌ سلامت جي نسخن سان اهي مسئلا مسئلا نه رهيا آهن۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر کين همٿائڻ ۽ انٽرنيٽ تي ويهندي وقت کي فضول وڃائڻ بجاءِ سنڌيت ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترغيب ڏيندي رهي آهي۔۔۔ کين همٿائڻ جي سلسلي ۾ سنڌي بلاگنگ جي نه صرف سکيا بلڪه بلاگن کي خوبصورت بڻائي سنڌي بلاگن ٺاهڻ جو به زور ڏنو ويو آهي ته جئين وڌ کان وڌ مواد انٽرنيٽ جي ويب پيجز تي پکڙجي ۽ موٽ ۾ وڏا ادارا گوگل ۽ مائڪروسافٽ سنڌي ٻولي کي اڳتي آڻڻ لاءِ سهولتون پيش ڪن۔۔۔ ۽ مٿي اقتباس ورتل سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن جي لفظن ۾ به اهو ئي خواب سجايل لڳي ٿو۔۔۔
    سنڌ سلامت طرفان سنڌين کي همٿائڻ جو سلسلو جاري آهي۔۔۔ سنڌي بلاگنگ جي بنيادي سکيا کان پوءِ هاڻي کين ايڊوانس سکيا طرف وٺي وڃڻ جون ڪوششون ڪيو وينديون۔۔۔ ۽ دوستن کي سمجهايو ويندو ته بلاگز کي خوبصورت بنائڻ سان گڏ اهي ڪهڙا ٽولز آهن جن کي شامل ڪري سرچ انجنز کي پاڻ طرف مائل ڪري سگهجي ٿو يا وري ڪهڙي طرح پنهنجي بلاگز تي اشتهار لڳائي ڪنهن جي مدد يا بلاگنگ جو خرچو ڪڍي سگهجي ٿو۔۔ گڏ کين سمجهايو ويندو ته بلاگ جي خوبصورتي سان گڏو گڏ مواد جي خوبصورتي ۽ وزيٽرس کي وڌ کان وڌ ڪهڙيون سهولتون ڏجن جو هو توهان جي بلاگ تي گهڻو وقت گذارين۔۔۔
    مون کان اڪثر دوست پڇندا آهن ته آخر ڪهڙي طرح پنهنجو بلاگ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي سائيٽ وانگر خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو۔۔ سندن اهڙن سوالن کي نظر ۾ رکندي ۽ مٿين ٻڌايل فائدي وارن نقطن کي ذهن ۾ رکندي هڪ ٽيمپليٽ تي ڪجهه ڏينهن کان وٺي ڪم ڪري رهيو آهيان۔۔ جنهن جو نظارو پيشِ خدمت آهي۔۔۔


    [​IMG]


    هي آهي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي سائيٽ کان متاثر ٿيندڙ بلاگر ٽيمپليٽ جنهن جو نالو به سائين سان منصوب ڪندي ”ڀرڳڙي سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ“ رکيو آهي۔ هن ٽيمپليٽ اضافي خصوصيتن ۾ شامل آهن۔۔:
    • هڪ ئي وقت ٽي سنڌي فونٽ امبيڊ ڪيل
    • سنڌي لکائي لاءِ ٽيڪسٽ ايڊيٽر
    • سنڌي ڪيمين ورچوئيل ڪيبورڊ
    • اشتهار لاءِ بينر وڊجيٽ
    • بلٽن ان سرچ انجن آپٽيمائيزر
    • ڊائنامڪ ميٽا ڊسڪرپشن ٽيگ
    • ٽائيٽل ۽ پوسٽ پيجز لاءِ ڊيٽا ويريئيبل
    • سادي ايڇ ٽي ايم ايل ڪري مواد کي ڳولڻ آسان جنهن ڪري سرچ انجنز جي ايندڙ روبوٽس کي مواد انڊيڪس ڪرڻ ۾ سولائي
    • ڪيٽيگريون، تبصره ۽ محفوظ ڪيل لنڪس کي سرچ انجنز روبوٽس جي پهچ ۾ بنائڻ لاءِ آساني
    • اسپيمرز کان بچڻ لاءِ تبصري جو سسٽم وڌيڪ طاقتور
    • لوڊ ٽائيم کي ذهن ۾ رکندي گوگل ٽول ماسٽر جي گهرج مطابق
    • هر تحرير تي سوشل شيئرنگ بلٽ ان بار
    • مختصر لفظن ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي سمورن گرن سان سينگاريل ۽ SEO فيچرس سان سهيڙيل هڪ جامع ٽيمپليٽ
    اڄ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي جنم ڏينهن تي مان پنهنجي هن ڪوشش کي سندن نانء منصوب ٿو ڪريان ۽ اميد ٿو ڪريان ته هي ٽيمپليٽ سائين جن جي لفظن کي هٿي ڏياريندڙ ثابت ٿيندي۔۔۔
    رليز ڪرڻ کان اڳ دوستن کان مشورن ۽ صلاحن جي آڇ ڪجي ٿي ان کان پوءِ هن ٽيمپليٽ تي ايندڙ ٽيڪنيڪل ايررس کي فڪس ڪري ٽيمپليٽ کي جلد از جلد رليز ڪيو ويندو۔۔۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    سائين جو ڪم تمام بهترين آهي ۽ اوهان ان کي چار چنڊ لڳايا آهن تمام بهترين بلاگ ٺاهيو اٿئو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جيڪي ماڻهو ڪمپيوٽر کي صرف هلائي ڄاڻن ٿا انهن لاءِ متان هي ڳالهه اهم نه هُجي ته خوبصورت فونٽ سان سجائڻ جي اهميت ڇا آهي؟ گهڻن کي ايمبيد فونٽ جي به خبر نه هوندي۔ پر جيڪي ڪمپيوٽر جا ڪُجهه داءُ پيچ سمجهن ٿا تِن کي ايمبيڊ فونٽ جي اهميت جي خبر هوندي۔ ايمبيد فونٽ مان مُراد آهي ته ڪنهن ويب سائيٽ تي پنهنجي پسند جي ٻولي جا ۽ پنهنجي پسند جا فونٽ رکيا وڃن جيڪي ڏسندڙ جي ڪمپيوٽر ۾ نه هُجن ته به اوهان کي نظر اچن۔ انهيءَ لاءِ تصوير جي صورت ۾ ته رکي سگهجي ٿو پر ڪاپي ٿي سگهندڙ ايڇ ٽي ايم ايل ۾ اهو فونٽ لڳائڻ ٻارن جي راند ناهي۔
    اهو ڪم ڪيترو ڏُکيو آهي انهيءَ جو اندازو انهيءِ مان لڳايو جو رادو جي هزارين ويبسائٽس تي به عام نه ٿي سگهيو آهي جيڪي اسان کان ڪمپيوٽنگ ۾ ڪيترا اڳتي آهن۔ سنڌي ۾ ڪاوش جهڙي وڏي اداري جي ويبسائٽ به فونٽ لاءِ انسٽال ڪرائڻ تي مجبور آهي۔ ڇو ته ايمبيڊ فونٽ ٺهي به وڃي ته هر برائوزر سان انهيءَ جي مطابقت ڪرائڻ به ڪو آسان ناهي۔

    پر اهو ذيشان رشيد سمون ئي ڪهڙو جيڪو اهڙا چئلينج نه قبولي۔ هن ايمبيڊ فونٽ وارو مسئلو ته گهڻو اڳ ئي حل ڪري ڇڏيو هو جڏهن اُميدون ڪڏهن مرڻيون ناهن جي نعري سان هن اُميدون نالي هڪ بلاگ جوڙيو ۽ اسان جهڙن ڪيترن پنهنجي بلاگ کي ايمبيڊ فونٽ سان سجايو پر تازو هن هڪ نئون چئلينج قبوليو۔ جنهن ۾ رڳو هڪ نه پر هڪ ئي وقت ايمبيڊ فونٽ سان سجائڻو هو۔ گوگل ڪروم ۾ ته اهو ڪم ڪڏهوڪو ڪري ويٺو پر ايمبيڊ فونٽ سان فائر فاڪس جي گنجي ۽ پاڪي واري لاڳاپي کيس ڪافي ٽف ٽائم ڏِنو۔ ڪيئي دفعا منهنجي لئپٽاپ ۾ ٽيم ويئر ذريعي اچي فائرفاڪس ۾ اهو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي (جنهن کي ڏسي سکڻ جي ڪوشش ڪيم پر ڏٻي ۾ ٺِڪريون)۔ پر نيٺ هڻي هنڌ ڪيائين ۽ اڄ هي اسان جي سامهون آهي۔
    اُميد ته هي ٽيمپليٽ جلد ئي رليز ٿي اسان وٽ استعمال لاءِ موجود هوندو۔ ۽ ها اُميدون ٽيمپليٽ ۾ مٿين بار ۾ هلندڙ هڪ ميسيج واري پٽي جو راز به هاڻي راز نه رهندو۔ ;)
    ڇو ته اها پٽي لڳائڻ جو راز ان جي مؤجد وٽ هو جيڪو هُن پنج ڊالز ۾ ويٺي پئي کپايو۔ رشيد اهو وٺڻ بجاءِ پاڻ تيار ڪري ورتو ۽ سخاوت جو مظاهرو ڪندي هن ٽيمپليٽ جي رليز ڪرڻ وقت اسان کي فري ۾ پيش ڪندو۔
    [​IMG]
    ٽيمپليٽ جو فائر فاڪس ۾ ڏيک​

    [​IMG]
    ٽيمپيلٽ جو ايڪسپلورر ۾ ڏيک​
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 فيبروري 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    283
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو
    جي اهي ڪوششون سنڌيت جي جذبي آڌار جاري رهيون ته تمام جلد اسان جي پياري ٻولي به دنيا جي جديد ٻولين سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي سًگهندي۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جيتوڻيڪ اوهان جو اڳيون ٽيمليٽ اميدون به زبردست هيو ۽ اسان ان کي فالو ڪري رهيا هئاسين ۽ پنهنجا بلاگ ان ئي ٽيمپليٽ تي سجايل هئا پر هن قسم جي ٽيمپليٽ جي شديد ضرورت هئي جنهن ۾ فونٽ به امبينڊ ٿيل هجن۔

    تمام سهڻو بلاگ آهي جنهن لاء اوهان جي ڪهڙي تعريف ڪجي جو اوهان جو ڪم هاڻي تعريف کان مٿاهون لڳندو آهي۔ انتظار هوندو آهي ته هر هفتي ڪو نئون پراجيڪٽ ضرور ملندو۔ اوهان کي جس هجي ۽ اها اميد ته جلد هي ٽيمپليٽ اسان کي به استعمال لاء ملندو۔

    جڙيا هجو ۽ ٻولي ۽ ڌرتي سان پنهنجو پاڻ ملهائيندا رهو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه تمام بهترين بلاگ ٽيمپليٽ ٺاهيو اٿئو۔
    رليز ڪريو ته جيئن مان به پنهنجي بلاگ تي اپلائي ڪريان۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    بلاگ ٽيمپليٽ واقعي تمام خوبصورت آهي ليڪن انجي خوبين خامين کان تڏهن مڪمل آگاهي ٿيندي جڏهن ان تي ڪو بلاگ پرٽيڪلي اپلوڊ ڪيو وڃي اميد ته اهائي آهي ته 100 في صد ڪاميابي حاصل ٿيندي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    نئين اپڊيٽ مطابق ... مواد جي ڳولا لاءِ ٽيڪسٽ باڪس ۽ سنڌي نويس ٽيب ۾ سنڌ باڪس تي سنڌ سلامت ايڊيٽر ڪاميابي سان انٽيگريٽ ڪيو ويو آهي...
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    تمام سهڻو بلاگ آهي جنهن لاء اوهان جي ڪهڙي تعريف ڪجي
     
  10. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جيڪا سنڌي ٻولي جي خدمت ڪئي آهي انهن جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ سونن اکرن سان لکيو ويندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو