رحيمداد خان مولائي شيدائي : مؤرخ، محقق، اديب ۽ شاعر
محمد عثمان ميمڻ
سنڌ جو ناليوارو مؤرخ، محقق، اديب ۽ شاعر رحيمداد مولائي شيدائي ولد شير محمد خان بروهي 1894ع ڌاري سکر شهر ۾ پيدا ٿيو. مولائي شيدائيءَ جا وڏا اصل بلوچستان جا رهاڪو هئا. جتان سندس ڏاڏو لڏي اچي سنڌ ۾ پهريان سيوهڻ ۽ پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ ويٺو. جتي مولائي شيدائيءَ جو والد محترم ڄائو. جيڪو بعد ۾ سکر ۾ اچي آباد ٿيو. مولائي شيدائي ابتدائي تعليم سکر جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ ورتي. انگريزي پڙهڻ لاءِ سکر جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. هو مئٽرڪ ۾ پهتو ته سندس والد جيڪو ريلوي کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو، رٽائر ٿيو. هن کيس تعليم اڌ ۾ ڇڏرائي ريلوي کاتي ۾ ”سن ڪوٽا“ تحت نوڪري وٺرائي ڏني. 1913ع ۾ ڀرتي ٿيل رحميداد ترقي ڪري گارڊ جي عهدي تي پهتو, جتان 1939ع ۾ رٽائر ڪيائين.
مولائي شيدائي کي تعليم واري زماني ۾ ئي مطالعي جو شوق هوندو هو ۽ ملازمت دوران به سندس اهو شغل جاري رهيو. هن باقاعده لکڻ جي ابتدا 1934ع ۾ ڪئي ۽ هڪ تاريخي نيم افسانوي رنگ جو مضمون ’ممتاز محل‘ جي نالي سان لکيو. هن اهو مضمون مولانا دين محمد وفائي کي ڏيکاريو. جنهن نه رڳو اهو مضمون پسند ڪيو پر رسالي ”توحيد“ ۾ شايع ڪرڻ جو خيال ڏيکاريو. مسئلو ليکڪ جو پيدا ٿيو. سرڪاري ملازمت ۾ هئڻ سبب ليکڪ پنهنجي نالي سان ’توحيد‘ رسالي ۾ ڇپجڻ نوڪري لاءِ خطرو پئي سمجهيو، آخر ’ستاره سنڌ‘ جي دفتر ۾ هڪ علمي تقريب ۾ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي ۽ مولانا وفائيءَ جي باهمي مشوري سان سندس قلمي نالو ”مولائي شيدائي“ تجويز ڪيو ويو. اهڙي ريت ”ممتاز محل“ نالي سان سندس پهرين ڪاوش 1934ع ۾ ”توحيد“ رسالي ۾ شايع ٿي ۽ هڪ نئون محقق ۽ مورخ ”مولائي شيدائي“ جي نالي سان سنڌي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ روشناس ٿيو. اڳتي هلي چرچي چرچي ۾ رکيل اهو قلمي نالو، سنڌ جي سڀيتا ۽ ساهت ۾ ساڀيان وارو نالو ٿي اڀريو ۽ مشهور ٿيو. ان بعد مولائي شيدائي مسلسل لکندو رهيو. سندس تربيت ۾ مولانا وفائي ۽ راشدي برادران جو وڏو هٿ رهيو. اهڙي طرح پاڻ ستاره سنڌ، سنڌ زميندار ۽ توحيد اخبارن ۾ لکندو رهيو. ان کانپوءِ سنڌ جي سڀني ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس هزارين مقالا شايع ٿيندا رهيا.
نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ کيس صحافت جو شوق ٿيو ۽ صحافتي زندگيءَ جي شروعات مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جي ادارت هيٺ ڪراچيءَ مان جاري ٿيل اخبار ”آزاد“ کان ڪئي. بعد ۾ ”ڪاروان“ حيدرآباد ۽ ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو. ڪجهه وقت هلال پاڪستان اخبار سان به وابسته رهيو. صحافت مان رٽائر ڪرڻ کانپوءِ سکر جي هڪ پر رونق ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي زندگيءَ جا ڏينهن اچي ڪٽڻ لڳو ۽ ان پرسڪون ۽ دلفريب ماحول ۾ مطالعي ۽ تحرير جو عمل جاري رکيائين. مولائي شيدائي ٿوري ٿڪي شاعري پڻ ڪئي. باقي نثر ۾ ته واهڙ وهائي ڇڏيائين. خاص ڪري تاريخ نويسي جي ميدان ۾ سندس ڪيل خدمتون هميشه ياد رهنديون. تاريخ جي موضوع تي هن وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪيترائي مستند ڪتاب لکيا. سندس تاريخي، تحقيقي ۽ تنقيدي مقالن ۽ ڪتابن جو سرمايو ايترو ته گهڻو آهي جو هوند پاڻ يورپ ۾ هجي ها ته کيس يقينن ڪنهن وڏي اعزاز سان نوازيو وڃي ها. مولائي شيدائي جي لائبريري به علم ۽ ادب جو ڀنڊار هئي. جنهن ۾ رڳو تاريخ جي موضوع تي ئي انگريزي سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ اٺ سؤ ڪتاب هئا. مولائي شيدائي خوش خط به ڪمال جو هو! هُن لڳ ڀڳ اڌ صدي جو عرصو سنڌ جي تاريخ لاءِ عرق گڏ ڪندي ۽ سنڌي ادب لاءِ نور نچوڙيندي گذاريو. سندس اڪيچار مضمونن کانسواءِ هيٺيون تصنيفون آهن. جن ۾ ڪي ڇپيل ته ڪي اڻ ڇپيل صورت ۾ آهن. جن ۾: جنت السنڌ 1958ع، تاريخ بلوچستان 1941ع، تاريخ تمدن سنڌ 1959ع، تاريخ خاصخيلي 1961ع، موسوين جي تاريخ، تاريخ بکر، تاريخ سکر، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ، روضت السنڌ، سفينت النوح، تاريخ هندستان (ترجمو) اقاليم اسلام، تاريخ ٽالپر، تاريخ سنڌ، شعر بلوچستان، تاريخ قلات (اردو انسائيڪلو پيڊيا آف بلوچستان (سنڌي)، تاريخ اسلام، سنڌ جا مقديم شهر، تاريخ ترڪستان، مقالعت شيدائي ۽ مئخانه شيدائي (خط) قابل ذڪر آهن. سنڌ جي هن برک شاعر 12 فيبروري 1978ع تي وفات ڪئي. افسوس جو سنڌ جي هن نامور محقق جا ڪيترائي مسودا اڄ به قلمي صورت ۾ پيل آهن ۽ منظر عام تي اچي ناهن سگهيا. مولائي شيدائي سنڌي ادب ۾ ڪافي اهميت جو حامل آهي. پر اها وقت جي ڪيڏي نه ستم ظريفي چئبي جو اهڙي تاريخ ساز شخصيت جي تربت به شهر جي حد دخلين جي ڪري مسمار ٿيڻ واري آهي. اختيارين کي گهرجي ته مولائي شيدائي جي تربت تي ڪم ڪرائي تربت کي ثقافت کاتي جي تحويل ۾ آندو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ سندس ڇپجڻ کان رهجي ويل ڪتاب پڻ شايع ڪرايا وڃن، جن جي اشد ضرورت آهي.
____
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: