ريسپانسوِ ته سمجهه ۾ آيو باقي رفتار جي سٺي هجڻ بابت توهان کي ڪنهن مشورو ڏنو...

ڳالهه دراصل هي آهي ته جنهن سسٽم جي ريم سوائي هوندي آهي جهڙوڪ 4 گيگا بائيٽ يا مٿي ان مان درست فائدا ونڊوز 64 ذريعي حاصل ڪري سگهجن ٿا.. ان سان رفتار بهتر ٿئي نه ٿئي پر هڪ ئي وقت کوڙ ساترا پروگرام هلائيندڙ دوست ڪمپيوٽر جي هينگ ٿيڻ جي شڪايت نه ڪندا.. ڇو ته 64 بٽ آپريٽنگ سسٽم ميموري کي هڪ ئي وقت ۾ گهڻو کڻندي هڪ ئي وقت ۾ هلندڙ سافٽويئر جي گهرج پوري ڪري وٺندو آهي...
64 بٽ آپريٽنگ سسٽم کڻي ڪيترو به ڀلو هجي پر جيڪڏهن توهان جي سسٽم جي ريم گهٽ هجي ته مسئلا ڪندو ٻيو ته گهڻي قدر سافٽويئر ٺاهيندڙ ڪمپنيون 32 بٽ تي پروگرام بڻائينديون آهن... ۽ جيڪي ڪمپنيون 64 بٽ تي سافٽويئر ٺاهينديون به آهن ته اڪثر ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ 32 يا 64 جي فرق کي ڏسڻ کان بنا ئي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ شروع ڪندا آهن... اهڙن پروگرامن مان ڪافي ته ڪمپيٽيبلٽي ڪري مورڳو هلڻ کان ئي نابري واريو ويٺا هوندا آهن... خاص طور ڪروم برائوزر جا شوقين دانهون ڪندي نظر ايندا آهن جهڙوڪ اسان جو دوست
عبدالحفيظ لغاري ڇو ته ڪروم جو 64 بٽ ورجن اڃان تائين ٺاهيو ئي نه ويو آهي...
هاڻي جڏهن گوگل جهڙي طاقتور ڪمپني به 64 بٽ لاءِ پروگرام نه ٿي ٺاهي ته اسان جي دوست
راجا تنيو جو تيار ڪيل جامع سنڌي لغات سافٽويئر ڪيئن 64 بٽ ورجن تيار ٿيندو..

هوئن به پاڻ هاڻي ان فيلڊ کان هٽي پنهنجي بزنس طرف توجا ڏئي رهيا آهن... کائن هڪ دفعو اهو سوال ڪيو ته هيم پر ڪو تسلي وارو جواب نه مليو هو... ان ڪري مون کي لڳي ٿو ته ڪنهن طرح سان سنڌي لغات جو سافٽويئر هلائي به وڃو ته به مسئلا ختم نه ٿيندا..
هاڻي جيڪڏهن توهان به منهنجي
هڪ دوست وانگر فريڪونٽلي ونڊوز ڪندڙ آهيو ته رفتار جي سوچ ذهن مان ڪڍي ڪري نئين ڀيري ونڊوز 32 بٽ تي ئي رکجو جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ جامع لغات جهڙي سافٽويئر مان فائدو ته حاصل ڪري سگهندو..