فيس بوڪ اشتهارن ۾ پاڻ کي استعمال ٿيڻ نه ڏيو

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه ڏينهن کان جيڪڏهن توهان نوٽ ڪيو هوندو ته فيس بوڪ نيوز فيڊس ۾ توهان جي ڪنهن دوست کي ڪنهن برانڊ يا پيج کي لائيڪ ڪندي ڏيکاريو ويندو آهي... هي دراصل هڪ قسم جو اشتهار هوندو آهي جنهن ۾ ڪمپني سوشل ايڊ ۽ توهان جي دوست کي استعمال ڪندي پنهنجي فين پيجز کي پروموٽ ڪندي آهي.. اهڙي اشتهار جو نمونو ڏسو..

    [​IMG]
    هاڻي هن اشتهار کي ڪمپنيون ڪجهه اهڙي طرح بنائيديون آهن جو جڏهن توهان جو دوست ڪنهن برانڊ جي ڪمپني کي پسند ڪندو آهي ته ان جي سمورن دوستن ڏانهن اهڙو اشتهار نيوز فيڊ ذريعي متعارف ڪرايو ويندو آهي.. اهڙي طرح جڏهن توهان جي دوست کي ڪنهن ڪمپني جي پروڊڪٽس يا فين پيجز کي پسند ڪندي ڏسندا آهيو ته توهان به ان کي فالو ڪندي پيجز کي لائيڪ ڪري ڇڏيندا آهيو ان طرح ڪمپنين جي پيجز فينز ۾ اضافو به ٿيندو آهي ۽ اهي پنهنجي پراڊڪٽس جي معلومات پڻ گهڻن رڪنن تائين پهتي ڪندا آهن...
    ڳالهه رڳو اتي ختم نه ٿي ٿئي.. ڪئي دفعا بي خيالي ۾ يا وري غلطي سان ڪي اهڙا پيجز به لائيڪ ٿي ويندا آهن جن کي لائيڪ ڪندڙن ۾ توهان پنهنجو نالو ڏسڻ نه چاهيندا آهيو... پر فيس بوڪ پرائيويسي کي درست طريقي سان نه سمجهڻ ڪري اڪثر دوست ٻين اڳيان خفگيءَ جو شڪار ٿي پوندا آهن...
    جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان پنهنجي لائيڪ ڪيل برانڊ پيجز، ڪمپني پيجز يا ڪنهن به دلچسپي واري پيجز کي اهڙي طرح پسند ڪريو جو توهان جي فرينڊ لسٽ ۾ موجود سنگت کي ڄاڻ نه رهي ته ان لاءِ توهان پنهنجي پراوئيويسي کي وڌيڪ سخت بڻايو...
    ان لاءِ سڀ کان پهريان ابائوٽ پيجز صفحي تي اچو ۽ اسڪرول ڪندا هيٺ لائيڪز سيڪشن تي اچي هر سيڪشن جي مٿان ساڄي پاسي پين جي نشان يعني ايڊٽ تي ڪلڪ ڪريو ۽ Edit Privacy چونڊيو ..

    [​IMG]


    توهان اڳيان هڪ ننڍي اوور لي پاپ اپ جي صورت ۾ کلي ايندي.. جنهن توهان پسند جي سيڪشنس جي پراويسي تبديل ڪندي Only Me تي آڻيو.. جيڪڏهن سڀني سيڪشن جي پرائيوسي تبديل نه ڪرڻ چاهيندا هجو ته گهٽ ۾ گهٽ Other ۽ Interests جي ته ضرور تبديل ڪريو..

    [​IMG]
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    يار ڪم جي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيئي منهنجي وال تي ته الائي ڪهڙي قسم جا اشتهار اچي ٿا وڃن بس ٻڌائڻ جهڙا نه آهن ............. ڪيانس ٿو مي اونلي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    هاڻي انهن مان جان چٽي پوندي.
    مهرباني ٽپ شيئر ڪرڻ جي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب ... لاڀائتي صلاح
     
  5. جاويد گھوٽو

    جاويد گھوٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    62
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    سماجي ڪارڪن
    ماڳ:
    گهوٽڪي
    بس ادا ! واقعي اهو ئي آزار آهي ، اميد ته هاڻي ڪجهه عزت جي رهجي ويندي ! سدا خوش ۽ خوشحال هجو ، جيئندا وتو ، سکيا ستابا رهو سڀيئي سنڌي پنهنجي سنڌي ثقافت ساڻ !آمين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    283
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو
    اهي ٽپس توهان ئي ٻڌائي سگهو ٿا....
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڏاهو ٿي ابا... اشتهارن جي ڏسڻ ۾ عزت سنڀالي رکندو ڪج..;)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    واهه واهه، انهن اشتهارن اصل تنگ ڪري ڇڏيو هو، وڏي مهرباني جو اوهان اها کوجنا ڪئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو