• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڌرتي منهنجو گهر : ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1900066_10202939544907830_91553961_n.jpg

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ستر (70) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ڌرتي منهنجو گهر“ سائنسي حوالي سان اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ مدلل انداز ۾ شين کي سولو ڪري سمجهايو ويو آهي. هن اهم ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آهي.


اسين ٿورائتا آهيون ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ رياضت ٻرڙي صاحب جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.

ڌرتيءَ جيان سج جا ٻيا گرهه به پنهنجي سرائي تي چوڌاري ڦرندي رهندي سج چوڌاري چڪر هڻندا رهن ٿا. سڄو سج-منڊل وري کير-پٽي جي وچ (مرڪز، سَرائيءَ) چوڌاري چڪر هڻندو رهي ٿو. ڌرتيءَ کي سج جي چوڌاري چڪر هڻڻ ۾ هڪ ورهه لڳي ٿو، ته سج کي پنهنجي کير-پٽي جي مرڪز جي چوڌاري چڪر پورو ڪرڻ ۾ 2200-لک سال لڳي وڃن ٿا.

سڄي کير-پٽي ۾ کوڙ ننڍا ننڍا پَٽا آهن جن مان هر هڪ ۾ لکين تارا آهن. انهن ننڍن پَٽن کي گس سڏينداسون. جنهن گس ۾ اسان جو سج-سرشتو آهي اهو اونهاري جي رات جو “اڀ” ۾ سولائيءَ سان ڏسي سگهون ٿا.



 
Back
Top