اوهان جو اصطلاح اردو برائوزرس سمجهه ۾ نه آيو. شايد اوهان چوڻ چاهيو پيا ته اردو ويب سائٽس. اصل ۾ اوهان جنهن لکڻي جي ڳالهه ڪريو پيا اها لکي سنڌي ڪي بورڊ سان وئي آهي پر اردو ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جيئن ته فيس بُڪ تي اهي فونٽ فيس بُڪ طرفان نه پر سنڌ سلامت پاران سيٽ ڪيا ويا آهن جيڪي صرف ٻه فونٽ ئي سپورٽ ڪن ٿا. اردو وارين ويب سائٽس ۾ ايڊمن جا پاور انهن وٽ آهن تنهنڪري انهن اُتي انهي مسئلي جا حل رکيا آهن. اوهان فونٽ انسٽال ڪريو مسئلو حل ٿي ويندو
يار مون وٽ 33 ورجن آهي ... وڏي مشڪلن سان اختيار ورتا هئا ۽ پراڻي شايد 22 ورجن کي اپڊيٽ ڪيو هيم .... هاڻ وري مونسان به ساڳيو مسئلو آهي. مان سمجهان ٿو ته اپليڪيشن يا ايڪسٽينشن 33 ورجن سان مطابقت نه ٿي رکي.
ونڊوز 8 جو 64 بٽ تي هُجڻ ڪري پنهنجو گوگل ڪروم سان ياري ختم ٿي چُڪي. فائرفاڪس ۾ وري هي پگ ان سؤلو ڪم ڪون ڪري. پاڻ ئي ڄهُڳاڙ ڪري هي ڪيو اٿم. هاڻي ايڇ ٽي سي واري سيٽ جيان فونٽ نظر اچن ٿا.
اسلام عليڪم ادا منهنجي ڪمپيوٽر ۾ به اهو ساڳيو مسئلو آ ڪالهه کان ايڪسٽينشن به ڊيليٽ ڪري وري اين ايبل ڪري ڏٺي آ پر مسئلو حل ڪون ٿيو ڪنهن وٽ ته حل هوندو
دوستن کي عرض ته ڪروم جو ليٽيسٽ ورجن سنڌ سلامت جي موجوده ايڪسٽينشن سان مطابقت نه پيو ڏيکاري... جيسين ان مسئلي سلجهائجي ساٿين کي عرض ته گوگل ڪروم جي موجوده ورجن کي ان انسٽال ڪري پراڻو ورجن نمبر 32 هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪن..