ميزبانن جا مهمان ٿيا ميزبان!

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اوهان کي هن ليک جو عنوان پڙهي حيرت ٿي هوندي. پر اصل ۾ ايئن آهي ته اڳ هتي هڪ همراهه اونيور ۽ سندس گهرواري جو ذِڪر ٿيو هو جن سان آسٽريا ۾ اسان جي مُلڪ جي ڪنهن فئملي ڀلو ڪيو ۽ هاڻ هو بدلي ۾ اسان لاءِ تُرڪي ۾ ساهه ٿا ڏين. انهن سان آئي ڏينهن ملڻ پيو ٿيندو آهي ڇو ته اونيور جي رسرچ ۾اڃان ڪم ڪافي ڪم رهي ٿو جنهن جي سلسلي ۾ کيس گهُربل مدد لاءِ مون وٽ اچڻو پوي ٿو. اونيور جي ئي ڊپارٽمينٽ (ڪيميڪل فاريسٽري) جي هڪ ڇوڪري عائشه به اڪثر اسان وٽ ڪئمسٽري ۾ ايندي آهي ۽ اڪثر پئي ڪئمسٽري جا سوال ڪري ڪُجهه سکندي آهي.

    ڪُجهه ڏينهن اڳ ڳالهه ڪيائين ته يورپ کان درجن کن ڇوڪرن/ڇوڪرين جو جٿو اچي پيو هڪ باهمي پروجيڪٽ لاءِ. پروجيڪٽ اهو آهي ته خِطي ۾ وڌندڙ بي روزگاري کي ڪيئن منهن ڏجي. بيروزگاري جا سبب ڪهڙ ا آهن ۽ ڪيئن حل ٿي سگهن ٿا. ان جا ڪهڙا نتيجا آيا اهو ڪنهن ٻي دفعي لکبو فلحال هڪ دعوت جو ذڪر.

    عائشه ٻُڌايو ته مهمانن کي اسان ترابزون جي وڏي هوٽل ۾ ڊنر ڪرائڻ جو رٿيو آهي. ڪُجهه هتان جا مهمان به هوندا اوهان به اچو. مون چيو هڪڙا يورپ جا ماڻهو جن لاءِ اسان جي مُلڪ ۾ ڪنهن چڱي ماڳ جي ڀيٽ ئي ايئن ٿيندي آهي ته ”فلاڻو پاسو ڏِسي آياسين صفا جهڙو يورپ“. ٻيا اوهان تُرڪ جن لاءِ يورو ايشيا جو اصطلاح پيو استعمال ٿئي. انهن وچ ۾ اسان لاڙ پڇاڙ جا ڪٿي فٽ ٿينداسين. پر عائشه اهو عُذر نه قبوليو ڇو ته سندس سپروائيزر مسز سيميل جو به ضد هو ته حفيظ کي اچڻو آهي ته جيئن انهي بهاني ملاقات ٿي وڃي هونئن ته هُنن وٽ مون کان وڃيو نه ٿو ٿئي.

    انهي شام ستين بجي اسان کي اونيور زوري اچي کنڀي کنيو. ذهني طرح تيار نه هُجڻ ڪري مون ۽ سؤٽ عبدالقيوم پنهنجي ليب ۾ ئي ويٺي ڪم ڪيو ۽ اونيور کي اُتي ئي اچڻو پيو. جهڙا هئاسين اُهڙا نڪتاسين. شُڪر ٿيو جو دير سان نڪتاسين ۽ پارڪنگ جلدي نه ملڻ ڪري ويتر وڌيڪ دير ٿي. نه ته اونيور به پنهنجي پر ۾ تيار ٿي آيو هو سندس گهر واري صالحه به بيوٽي پارلر تان فيشل ڪرائي اچي لٿي هئي. اسان بس ڪيميڪل هاڻا هٿ ڌوئي لئپٽاپ بئگ ڪُلهن تي کنيو پُهتاسين. ڪافي لوڪل مهمان هليا ويا هئا. هتي جي مشهور ”اڪچابت ڪوفتن“ سان تواضع ڪئي وئي. جيڪي کائڻ لاءِ سواءِ ڊبل روٽين جي ٻيو ڪُجهه ڪونه هو. دنيا ۾ جيئن جيئن اوڀر کان اولهه وڃ ڀاڄين جو سخت ٿيڻ، پچايل ماني جو رواج گهٽ ٿيڻ شروع ٿيو وڃي اهڙا ذڪر الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ ملن ٿا ۽ هتي خوب تجربو ٿيو آهي (تفصيل ڪنهن ٻي ڀيري). اسان ماني (بلڪه رڳو ڀاڄي) کائي يورپين سان فوٽو سيشن ۾ شريڪ ٿياسين. ۽ سوچيوسين هاڻي هلبو پنهنجي پنهنجي گهر پر عائشه ٻُڌايو ته پولينڊ کان آيل گروپ اسان لاءِ هڪ ننڍي پارٽي رکي آهي. مون چيومانس.

    ”اوهان جو ته خير آهي پر اسان ڪهڙي کاتي ۾ هلون؟ اسان اوهان جا مهمان. هو وري اوهان جا مهمان ٿي ڪري اوهان جي ميزباني پيا ڪن. اسان جو اسٽيٽس ڪهڙو ٿو بيهي؟“

    عائشه کلي چيو ”فلحال اهو ڇڏ. هل ته هلي سندن پارٽي اٽينڊ ڪريون. اسٽيٽس جي فڪر فيس بُڪ تي ڪجان“.

    اسان هڪ دعوت کائي ٻي پارٽيءَ لاءِ ليپٽاپ جا بئگ وري ڪُلهن تي رکيا.

    فاريسٽري فئڪلٽي جو شهر جي صدر ۾ ڪو ننڍو ڪئمپس آهي اسان جو مرڪز ان جو هڪ ننڍو حال هو. پُهتاسين ته اسان کي ٻاهر ورانڊي ۾ ئي روڪي بيهاريندا ويا. چوڻ لڳا ته اسان مهمانن جي آجيان پنهنجي مُلڪ پولينڊ جي روايتي انداز سان ڪنداسين. جڏهن سڀ مهمان پُهچي چُڪا ته پولينڊ جي ميزبانن (جيڪي پاڻ هتي مهمان هئا) اسان کي ٻُڌايو ته اسان جي گروپ جي هڪ ڇوڪري اسان جي ثقافتي ڊريسنگ ۾ ايندي ۽ اوهان سان گلي ملي ٻه دفعا ڳل ڳل سان ملائي هٿ ڏيندي ۽ ان کان پوءِ هڪ ٻي ڇوڪري (جنهن الاءِ ڪهڙي عجيب ثقافتي ڊريسنگ سان گڏ ڪنڌ ۾ اسان وارن جوڳين جهڙو گول مڻڪن جو هار به پاتو هو) آجيان به ڪئي ٿي ته گڏوگڏ ڊبل روٽي جا ٽُڪرا لوڻ هڻي کائڻ لاءِ به ڏِنا ٿي. اونيور جي زال صالحه مون کي چيو:

    ”توکي خبر آهي ته پولينڊ وارا ڪيئن Hug (ڀاڪر) پائي آجيان ڪندا آهن؟“

    مون ته ٺهه پهه نه ڪئي. ڇو ته آئون ڪهڙو يورپ ويو آهيان جو ڀاڪرن جي انداز جي به خبر هُجي.

    چيومانس ”ڪهڙو به هُجي مون کي ڪَس ڪانهي“ صالحه کِلي چيو.

    ”ها ڪَس ته کڻي مون کي به ناهي ڇو ته آجيان ڪندڙ ڇوڪري آهي پر جي مرد هُجي ها ته ٿوري فِڪر ٿئيم ها“

    مون کي حيرت ۾ ڏِسي پاڻ ئي ڳالهه وڌائيندي وضاحت ڪيائين.

    ”هر مُلڪ جي پنهنجي روايت هوندي آهي. مثال طور برازيل وارا ڀاڪر پائي پُٺي تي هٿ ضرور ٺپريندا آهن. برطانيه ۾ رڳو هٿ ملائڻ کان ويندي ڀاڪر پائڻ هلي ويندو آهي. پر حال پُڇڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي ۽ اڳئين کي ضرور (رسمي ئي سهي) ٺيڪ آهيان چوڻو آهي. پوءِ ڀلي کڻي همراهه چار ڏينهن کان بيماري جي بستري تي ئي ڇو هُجي. اهو رواج ايترو گهڻو آهي جو ڪو ماڻهو رڳو ڪنهن ذاتي يا گهري دوست کي ئي چئي سگهي ٿو ته ٺيڪ ناهيان. ۽ ٻُڌو اٿم ته برطانيه جي زيرِ اثر رهندڙ مُلڪن ۾ اڄ به اهو رواج قائم آهي.“

    دل ئي دل ۾ تسليم ڪيم ته ايئن ته بلڪل آهي. اسان وٽ ڪهڙا حال آهن جو جواب ”ٺيڪ آهيان“ سان ئي ڏِنو ويندو آهي پوءِ ڀلي ڪهڙي به تڪليف هُجي خاص ڪري انگريزي ۾ پُڇيل هائو آر يو جو جواب ته بس هڪ ئي آهي آئم فائن ٿئنڪ يو.

    ”خبر اٿئي روس وارن جو ڪهڙو انداز آهي؟“

    ”نه مون کي اسان جي برطانوي غلامن جي پوئواري ڪندڙ پنهنجي مُلڪ جي ماڻهن کان سواءِ ڪنهن جي به خبر ناهي“ وراڻيم

    صالحه مُسڪرائي ڳالهه اڳتي وڌائي ”اهي نڀاڳا ٻه دفعا ڳل ڳل سان ملائي ٽيون دفعو چپ چپ تي رکندا آهن“.

    هاڻي سمجهه ۾ آيو ته صالحه کي ايڏي فڪر ڇو هئي. پر خير هاڻي اسان جي اڳيان آهستي آهستي حال ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهن سان هُن ڇوڪري جي ملڻ جي انداز کي ڏِسي اها فڪر ختم ٿي چُڪي هئي ڇو ته ٽئين دفعي تي رشيا وارن کان قطعي مختلف انداز سان رُڳو هٿ ملائڻ تي آجيان پوري پئي ٿي.

    هڪ ڀاڪر ٻن ڳل ڳل سان ملائي ڏنل مٺين ۽ زوردار هئنڊ شيڪ واري آجيان کان پوءِ اندر وڃي ڊبل روٽي جو ٽڪرو لوڻ سان کائي اڳ کاڌل ڪوفتن جي ذائقي جي مزي سان بي واجبي ڪرڻي پئي پئِي. پر ڳالهه اڃا هتي ختم نه ٿي. پولينڊ جي ميزبانن مان هڪ ڇوڪرو گلاس ۾ اڌ ڍُڪ جيترو پاڻي کنيو بيٺو هو. مون اڳيان هلندڙ ماڻهن جي پوئواري ڪندي هٿ وڌائي ورتومانس ته همراهه منهنجي مُنهن مُهانڊي مان سمجهيو ته هي نه رُڳو مسلمان آهي پر تُرڪ به ناهي.

    ”اوهان شراب پيئندا آهيو؟“ مون سندس پُڇڻ جو مقصد سمجهي گلاس واپس ڪري جواب ڏيئي ڇڏيو. هُن مُسڪرائي ساڳيو گلاس وڏي اعتماد سان منهنجي پُٺيان ايندڙ صالحه کي ڏيڻ چاهيو ڇو ته تُرڪي ۾ توڙي جو اڌ کان گهڻي آبادي شراب کي بُرو سمجهي ٿي پر حڪومت شراب تي پابندي ناهي لڳائي. جنهن جو هڪ وڏو دليل اهو ڏنو ويندو آهي ته سگريٽ جيان اهو نشو به جنهن کي ڪرڻو آهي اهو ڪندو. پابندي لڳائڻ سان اجايو غير قانوني مافيا اهو مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندي. ماڻهن تي خرچي جو بار پوندو. ناڻي جو نقصان ٿيندو. جنهن کي ڌوڙ پائڻي آهي سو هونئن ئي نه رهي سگهندو. قانوني ڇوٽ ڏيئي ڇڏي اٿن ته اهو ڪم آرام سان پيو هلي. خير پولينڊ جي همراهه جو اهو جام مون کان پوءِ صالحه، سندس مُڙس اونيور ۽ مون واري سؤٽ عبدالقيوم کان ٿيندو چوٿين همراهه جي مٿي ۾ لڳو جيڪو شايد لوڪل تُرڪ هو پر شراب پيتائين ٿي. هن اهو خوشي سان ورتو پر پوءِ ضرور پڇتايو هوندائين ڇو ته آخر ۾ پولينڊ وارن پنهنجي پيش ڪيل شراب جو به تعارف ڪرايو. ٻُڌايائون ته اها شراب هونئن ته ڏسڻ ۾ پاڻي وانگي بي رنگ هوندي آهي پر هن ۾ اسان هڪ ڪک وجهندا آهيون جنهن تي بِسن نالي هڪ جانور وڏي عرصي تائين پيشاب ڪندو آهي. اهو ڪک هن بوتل ۾ وجهڻ سان هن جو رنگ سائو ٿي ويندو آهي. انهي کي هو bison-urine vodka سڏيندا آهن.
    اندر پُهتاسين ته اسان کي پهريان هنن هڪ ليڪچر سيشن ۾ پولينڊ جي تاريخ ٻُڌائي. پولينڊ جيڪو جاگرافيائي طور يورپ جي اُترين پاسي سويڊن ۽ ناروي کان هيٺ بيٺل آهي تنهن تاريخي طور ڏاڍا ڏکيا دؤر ڏٺا آهن. ايستائين جو ارڙهين صدي کان وٺي ويهين صدي جي شروع تائين هن مُلڪ جو نالو ئي مٽجي ويو هو پر پوءِ به هنن همت نه هاري ۽ بار بار بغاوت ڪري قابض کان مُلڪ ڇڏايو. سندن چوڻ هو ته جيئن ته مُلڪ جي ٺهڻ جو وڏي ۾ وڏو بنياد ثقافت هوندي آهي جيڪا اسان جي الڳ هئي. اسان وٽ مسلمان، ڪرسچن (انهن ۾ به رڳو ڪيٿولڪ نه پر آرٿاڊاڪس پڻ)، هندو توڙي ٻين مذهبن جي لاءِ آجيان هئي/آهي. اسان ۾ مذهبي بنياد تي اڄ به ڪا ڇڪتاڻ ناهي. پر ثقافت جي بنياد تي اسان پنهنجي هڪ الڳ سُڃاڻ قائم رکڻ چاهي ٿي جيڪا اسان پهرين ۽ ٻين جنگِ عظيم ۾ حاصل ڪري ورتي. اُهي ڏينهن هي ڏينهن اسان جي مُلڪ جي هڪ هڪ فرد مُلڪ کي ٺاهڻ ۾ ڪوشش ڪئي آهي. اوهان اچي ڏسندؤ ته اوهان کي يقين ايندو هن بار بار مقبوض بڻيل مُلڪ کي اسان ڪيئن ٺاهيو سنواريو آهي.

    انهيءَ کي وڌيڪ سؤلو سمجهائڻ لاءِ هُنن اسان کي پروجيڪٽر تي هڪ مُختصر اينيميٽيڊ ڪلپ به ڏيکاري جيڪا هن ليک جي آخر ۾ اوهان سان به ونڊيندس. انهي وڊيو کان پوءِ هنن پنهنجا ڪُجهه ٻيا ثقافتي عنصر نمايان ڪرڻ لاءِ به وڊيو ڏيکاريا.

    آخر ۾ ڪُجهه وڌيڪ فوٽو ڪڍيا ويا انهن مان جيڪي هٿ لڳا هتي ڏيان ٿو. اونيور الائي ڪيئن سڃاڻي هڪ پاڪستاني ڇوڪري کي به وٺي آيو. پر کيس اردو نالي ماتر ٿي آئي ڇو ته سندس ڏاڏو ورهاڱي کان گهڻو اڳ برطانيه لڏي ويو ۽ هي اُتي ئي ڄائي. پوءِ به اسان سان ڪچهري ڪري حال احوال پُڇيائين پاڻ هڪ اڌ دفعو شايد وئي به آهي راولپنڊي (پنهنجي اباڻي ڳوٺ). ايئن هڪ سري لنڪن جي اصليت رکندڙ اٽلي جي ڇوڪري به ملي. اهڙن خاندان جون اُڻويهين ۽ ويهين صدي ۾ اولهه ڏي لڏڻ جا قصا الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن ۾ کوڙ ملن ٿا.



    [​IMG]
    عائشه ۽ سندس سُپروائزر سيميل سان گڏ جنهن جي دعوت تي وياسين
    [​IMG]
    مُرڪن ۽ چُمين سان آجيان ڪندڙ پولينڊ جون ڇوڪريون

    [​IMG]
    اونيور، سندس زال صالحه عبدالحفيظ لغاري ۽ سؤٽ عبدالقيوم

    [​IMG]
    پولينڊ جي ميزبان سان گڏ. هڪ برطانوي پاڪستاني ڇوڪري
    [​IMG]
    يورپي جٿي جو گروپ فوٽو

    [​IMG]

    پولينڊ جي تاريخ هن مختصر اينيميٽيڊ وڊيو ۾​

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڏاهو ٿي يار .... ڇو ٿو اسان جا منصوبا مٽائين... پاڻ ته رشيا گهمڻ کان اڳ ترڪي گهمڻ جوسوچيو هو... ;)

    ابول ... معنى ته اهڙي خوراڪ سندن لاءِ قابلِ فخر آ... ابا هوشياري وٺجان... ڪاٿي کائڻ جي حلال شين ۾ به ملاوٽ نه هجئي.. ان کان ته هتان جي ملاوٽ ڀلي....

    [​IMG]

    وڏا توڙي جو هتي اسان عزت، غيرت ۽ مردانگي جي بهتر اظهار لاءِ سڄو زور شهپرن تي ئي لڳائيندا آهيون... پر هاڻي توکي به “جهڙو ديس تهڙو ويس” چوڻي تي سوچڻ گهرجي;)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڄاڻ ۽ مزاح ۽ تجسس سان ڀرپور ليک ... وڻيو ... پولينڊ وارا ڏسو ته ڪيئن نه پنهنجي ملڪ ۽ ثقافت جي اپٽار پيا ڪن، جو ڌارئين ملڪ ۾ وڃي به ميزباني ڪري انهن کي پنهنجي ملڪ بابت ڄاڻ ٿا ڏين. ملڪ ته اسان جو سنڌ به سهڻو آهي، وڏي تاريخ آهي پر ڪا اهڙي ڊاڪيومينٽري ورلي ئي ملندي جنهن ذريعي دنيا کي سنڌ بابت سمجهائي سگهجي.


    ڀاڳ وارو آهين جو اهڙا موقعا ٿا ملني .... موقعا ته هتي به ملن ٿا پر هتان جي ثقافتي اثر ۽ ماڻهن جي ڳالهين سبب ان ڪم کان ايئن ٿا ڀڄون جيئن گنجو پاڪيءَ کان يا ڪانءُ ڪمان کان.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ادا انهي سنگت کي شام واري چانهه جي منهنجي پاران دعوت ته ڏي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو