ايشيا ڪپ 2014 جي مئچن جا نتيجا..

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2014۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پهرئين ميچ:
    سري لنڪا مقابلا پاڪستان
    اڱارو 25 فيبروري 2014
    سري لنڪا ٽاس کٽيندي پهرئين بيٽنگ ڪئي،

    ٿرماني جي 102 رنسن ۽ سنگاڪارا جي 63 رنسن جي مدد سان سري لنڪا 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 296 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان عمرگل ۽ شاهد آفريدي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ سعيد اجمل هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي اهڙي طرح پاڪستان کي 297 رنسن جو ٽارگيٽ مليو.

    وڌندڙ رن ريٽ کي ڏسندي پاڪستان جي رانديگرن تيز کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي ڪري وقفي وقفي سان رانديگر آئوٽ ٿيندا ويا. هڪ موقعي تي عمر اڪمل ۽ مصباح جي راند (پارٽنرشپ 121 رنسن) کي ڏسي اهو لڳي رهيو هو ته پاڪستان مزي سان ٽارگٽ حاصل ڪري وٺندو پر عمر اڪمل (74) جي آئوٽ ٿيڻ بعد ڪو به رانديگر ڄمي کيڏي نه سگهيو. هر راند ۾ پنهنجي بيٽنگ ذريعي پاڪستان کي کٽرائيندڙ مصباح به (73) آئوٽ ٿيو.
    پاڪستان جي پوري ٽيم 48.5 اوور ۾ 284 رنسن تي آئوٽ ٿي.
    نتيجو: سري لنڪا 12 رنسن تان هي مقابلو کٽي ورتو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ٻيون ميچ؛
    انڊيا مقابلا بنگلاديش

    اربع 26 فيبروري 2014
    انڊيا ٽاس کٽي بنگلاديش کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
    بنگلاديش پنهنجي ڪيپٽن مشفق الرحيم جي 108 رنسن ۽ انعام الحق جي 77 رنسن سان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 279 رنسون ٺاهيون. انڊيا طرفان محمد شامي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون.
    اهڙي طرح انڊيا کي 280 رنسن جو ٽارگيٽ مليو.
    انڊيا اهو ٽارگيٽ ڪپتان ويرات ڪوهلي جي تيز سينچري (136 رنسون) ۽ ريحاني جي 73 رنسن سان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 49 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو. ريحاني ۽ ڪوهلي جي پارٽنرشپ 213 رنسن تي هئي جنهن جي ڪري انڊيا جي گرفت مئڇ تي مضبوط ٿي وئي
    مئچ جي خاص ڳالهه اها هئي ته ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن سينچري اننگز کيڏي.
    نتيجو: انڊيا 6 وڪيٽن تان هي ميچ کٽي ورتي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مئچ نمبر 3
    پاڪستان مقابلا افغانستان:

    27 فيبروري تي خان صاحب عثمان اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويو
    افغانستان ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
    پاڪستان عمر اڪمل جي تيز سينچري (102 رنسن) ۽ احمد شهزاد جي ففٽي (50 رنسن) جي مدد سان 8 وڪيٽن تي 248 رنسون ٺاهيون ۽ افغانستان کي 249 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. هڪ موقعي تي 117 رنسن تي پاڪستان جا 6 بهترين بيٽسمين آئوٽ ٿي چڪا هئا پر پوءِ عمر اڪمل جي ذميواري واري بيٽنگ سان پاڪستان 248 رنسن تي پهچي سگهيو.
    جواب ۾ افغانستان بهترين راند پيش ڪئي، هڪ موقعي تي افغانستان جي رانديگرن جي راند ڏسي پاڪستان جي هٿن مان ميچ نڪرندو ڏسڻ ۾ پئي آيو. نور علي زاردران 44 رنسون، اصغر ٽانڪزئي 40 رنسون ۽ نوروز مينگل 35 رنسن جي آئوٽ ٿيڻ بعد پاڪستان جي بالرن افغانستان کي 48هين اوور ۾ 176 رنسن تي آل آئوٽ ڪري ڇڏيو.
    محمد حفيظ 3، سعيد اجمل ۽ عمر گل 2،2 وڪيٽون ورتيون.
    پاڪستان افغانستان کي 203 رنسن کان اڳ ۾ آئوٽ ڪرڻ جي ڪري هڪ بونس پوائنٽ پڻ حاصل ڪري ورتو،
    نتيجو: پاڪستان 72 رنسن تان مئچ کٽي ورتو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مئچ نمبر 4:
    انڊيا مقابلا سري لنڪا

    28 فيبروري تي خان صاحب عثمان علي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويو
    سري لنڪا ٽاس کٽي (هوا ۾ گهم Dew فيڪٽر جي ڪري) پهرين بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
    انڊيا جي بيٽسمينن شروع ۾ سٺي راند پيش ڪئي، شيکر ڌون 94 رنسون ۽ ورات ڪوهلي 48 رنسون کان پوءِ ٻيو ڪو رانديگر وڏو اسڪور نه ٺاهي سگهيو.
    اهڙي طرح انڊيا 9 وڪيٽن جي نقصان تي 264 رنسون ٺاهيون.
    انڊيا طرفان مينڊس 4 وڪيٽون ۽ سينانائيڪي 3 وڪيٽون ورتيون.
    جواب ۾ سري لنڪا جي ٽيم به بيٽنگ ۾ ناڪام وئي پريرا جي ففٽي (64 رنسن) بعد هڪ موقعي تي 6 رنسن تي 183 رانديگر آئوٽ ٿي ويا پر ون ڊائون تي آيل سينگاڪارا جي شاندار سينچري (103 رنسن) سبب سري لنڪا آخري اوور ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو. هن مئچ ۾ گهم Dew جو فيڪٽر انتهائي اهم رهيو ۽ بعد ۾ بالنگ ڪندڙ ٽيم پريشاني جو شڪار رهي.

    نتيجو: سري لنڪا 2 وڪيٽن تان مئچ کٽي ورتو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مئچ نمبر 5:
    افغانستان مقابلا بنگلاديش
    1 مارچ 2014 تي ساڳئي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويو.
    افغانستان پهرين بيٽنگ ڪئي، افغانستان جي واريءَ جي خاص ڳالهه اصغر ٽانڪزئي ۽ سميع الله شنيواري جي تيز بيٽنگ هئي، محمد نبي جي آئوٽ ٿيڻ وقت 5 وڪيٽن تي افغانستان 90 رنسون ٺاهيون هيون ان کان بعد سميع الله شنواري پٺاڻن جي بيٽنگ جا اهي جوهر ڏيکاريا جيڪي آفريدي ۾ نظر ايندا آهن، سميع الله شنواري 69 بالن تي 81 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو ۽ اصغر ٽانڪزئي 90 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ٻنهي جي تيز پارٽنرشپ (165 رنسون) سبب افغانستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 254 رنسون ٺاهي سگهيو.
    جواب ۾ بنگلاديش جا بيٽسمين ٻوٽو نه ٻاري سگهيا ۽ وڌندڙ رن ريٽ سبب پريشر ۾ غلط شاٽ کيڏندي آل آئوٽ ٿي ويا. مومن الحق (50 رنسون)، ناصر حسين ۽ ضياءُ الرحمٰن 41، 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا ۽ پوري ٽيم 48هين اوور ۾ 222 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي.
    نتيجو: افغانستان 32 رنسن تان ميچ کٽي ورتي.
    هي ميچ افغانستان لاءِ ان لحاظ کان به اهم آهي جو انهن پهريون ڀيرو ڪنهن ٽيسٽ کيڏندڙ ٽيم کي شڪست ڏني.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ايشيا ڪپ 2014
    2 مارچ 2014
    مئچ نمبر 6
    پاڪستان مقابلو انڊيا.


    ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ جڏهن به ڀارت ۽ پاڪستان جو ميچ هوندو آهي ته پوءِ ڳالهه ميچ تائين نه هوندي آهي بلڪه اهو ڄڻ ته ٻن ملڪن جو مقابلو هوندو آهي، ٻنهي ملڪن جا رانديگر ۽ عوام ان ميچ کي راند گهٽ ۽ جنگ وڌيڪ سمجهندا آهن.. هر رانديگر راند کٽڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائيندو آهي، ڇو ته اهڙن مقابلن ۾ جيڪو پنهنجا جوهر ڏيکاريندو آهي، ملڪ جو عوام ان کي پنهنجي اکين تي ويهاريندو آهي ۽ هيرو بڻائيندو آهي.
    مزي جي ڳالهه ته هن ايشيا ڪپ ۾ بنگلاديش جي عوام پاڪستان کي هوم ڪرائوڊ وانگر سپورٽ ڏني...
    هن ميچ لاءِ جيڪا ڳالهه تبصرو ڪندڙن جي وات تي هئي ته هي ميچ ”پاڪستان جي بالرن ۽ انڊيا جي بيٽسمينن“ جو امتحان آهي

    پاڪستان جي ڪپتان ٽاس کٽي انڊيا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني (سبب : Dew فيڪٽر)

    دنيا ۾ بيٽنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ رکندڙ انڊيا جي رانديگرن پنهنجي روايتي طرز تي جارحاڻي بيٽنگ شروع ڪئي، پر پاڪستان جي ماهر بالرن وقفي وقفي سان رن مشينن کي قابو ۾ ڪري انڊيا کي وڏي اسڪور تائين پهچڻ کان روڪيو. انڊيا جي شروعاتي بيٽنگ ڏسي تبصرو هيو ته 300 کان وڌيڪ اسڪور ٺهندو پر هڪ مرحلي تي سندن 4 بهترين بيٽسمين 103 رنسن تي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ اسڪور 200 تائين پهچڻ به مشڪل پئي لڳو. اوپنر روهت شرما 56 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ان کان بعد آخري 10 اوورن ۾ رائيڊو 58 رنسون ۽ روينڊر جديجا تيز 52 رنسون ٺاهي انڊيا کي 245 جي محفوظ مجموعي تي پهچايو.

    اسپين جي بادشاهه سعيد اجمل 3 وڪيٽون ۽ محمد حفيظ توڙي طلحه 2،2 وڪيٽون ورتيون.

    جواب ۾ پاڪستان کي 246 رنسن جو ٽارگيٽ مليو.

    پاڪستان جي بيٽسمينن لاءِ مشهور آهي ته اهي جيڪڏهن صحيح بيٽنگ ڪن ته دنيا جو بهترين بالر به کين آئوٽ نه ٿو ڪري سگهي پر جيڪڏهن بيوقوفي تي اچن ته خراب کان خراب بال تي به وڪيٽ وڃائي ويهندا.. هن ميچ ۾ به ڪجهه ايئن ئي ٿيو.

    71رنسن جي سٺي اوپننگ ٿيڻ کان بعد پاڪستان جي بيٽسمينن جو آئوٽ ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته 113 تائين 4 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا، اوپنر شرجيل 42 رنسن جي سٺي اننگز کيڏڻ کان بعد آئوٽ ٿيو ته مصباح وري گذريل ميچ وانگر هن ميچ ۾ به رن آئوٽ ٿيڻ واري غلطي کي ورجايو. ان موقعي تي صهيب مقصود (38 رنسون) ۽ محمد حفيظ (75 رنسون) 87 رنسن جي سٺي پارٽنرشپ ٺاهي پاڪستان کي ميچ کٽڻ جي پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو. پر انهن جي آئوٽ ٿيڻ بعد وري وڪيٽن ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.

    هاڻي پاڪستان کي 5 بالن تي 11 رنسون کپي رهيون هيون، جنيد خان هڪ رنس ٺاهي شاهد آفريدي کي وارو ڏنو جيڪو پاڪستان جي کٽڻ جي آخري اميد هيو...


    آخري چار بال، پاڪستان کي کٽڻ لاءِ گهربل رنسون 10 ۽ انڊيا کي کٽڻ لاءِ گهربل هڪ وڪيٽ
    ان موقعي تي آفريدي ڇا ڪيو.. اهو اوهان پاڻ ڏسو هيٺ ڏنل وڊيو ۾....




     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان سمجهان ٿو پاڪستان جي کٽڻ جو هڪ سبب مصباح الحق جو جلد آئوٽ ٿيڻ به هيو .... ڇو ته جڏهن به مصباح 50 ڪندو آهي ته پاڪستان اها ميچ هارائي ويندو آهي.

    هن ميچ ۾ امپائرن به بگ ٿري جو ڀارت کي خوب فائدو ڏنو ۽ سڌا سنوان ٽي آئوٽ نه ڏنا.
    هن ميچ ۾ ڪپتانن جي ڪارڪردگي بهتر ڪانه رهي ... مصباح جو آخري اورن ۾ عمر گل کي بالنگ ڏيڻ جڏهن هو ڪُٽجي رهيو هو غلط هيو. عمر اڪمل کي پنهنجي نمبر تي کيڏائڻ گهربو هو.
    ڀارتي ڪپتان ڪوهلي جڏهن ڏٺو ته پاڪستان جا 9 رانديگر آئوٽ ٿيا آهن ته جنيد خان کي سنگل رنس جو آسان موقعو فراهم ڪرڻ سوچ کان ٻاهر فيصلو هيو ... ان وقت سڀني رانديگرن کي سنگل روڪڻ لاء دائري ۾ هجڻ گهربو هو.

    هن ميچ کي کٽڻ ۾ حفيظ ۽ سهيب جي اننگز جو وڏو هٿ آهي، جن ميچ کي ٺاهيو.. باقي آفريدي جون ٻئي شاٽون جيڪي مس شاٽ ٿيون ۽ ٻئي ڇڪا ٿيا .... آفريدي وري هيرو بڻجي ويو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    ايشياڪپ جي 8 ميچ ۾ بنگلاديش جو پاڪستان کي پهرين اننگ ۾ ڪٽڪو مقرر 50 اوورن ۾ 3 وڪٽن جي نقصان تي326 اسڪور ڪري ورتو پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 327 جو ٽارگيٽ
     
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اردو ۾ چوندا آهن بڙي دير ڪر دي مهربان آتي آتي. . . . . .
    انهيءَ ڪُٽڪي مان نه ڪي پاڪستان کي نُقصان نه وري ڪو بنگلاديش کي فائدو.
     
  10. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    سائين بنگلاديش جي تاريخ ۾ اضافو ٿيندو جيڪڏهن اڃ هوڪميابي حاصل ڪن ٿا ته وري مونکي ياد آيو ته پوئين ايشيا ڪپ جو پلاند ضرور پورو ٿي ويندو جنهن تي بنگلاديش جون اکيون اڃ ڏينهن تائين روئي روئي گاڙهيون ٿي ويون هون.
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پلاند ڪرڻ جا خواب شيشي وانگر ڀورا ڀورا ٿي ويا،
    آفريدي جا ڇڪا لڳا ته ٽارگيٽ پورا پورا ٿي ويا.

    پاڪستان ون ڊي جي تاريخ ۾ پنهنجو وڏي ۾ وڏو ٽارگيٽ حاصل ڪري ميچ کٽي ورتو
     
  12. ڪولاچي عبدل

    ڪولاچي عبدل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    58
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ادا ا ج ت اڃان ڀي گهڻورنا آهن اڳي ميچ کان
     
  13. ڪولاچي عبدل

    ڪولاچي عبدل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    58
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ادا ا ج ت اڃان ڀي گهڻورنا آهن اڳي ميچ کان هاڻي ٻدايو ڀلا
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ايشيا ڪپ 2014
    مئچ نمبر 7
    سري لنڪا مقابلا افغانستان

    سري لنڪا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
    افغانستان جي گذريل ميچ ۾ ڪارڪردگي ڏسي اميد ڪئي وئي ته هن ميچ ۾ افغانستان سري لنڪا کي ٽف ٽائيم ڏيندو پر ايئن نه ٿي سگهيو.
    سري لنڪا کي پنهنجي بالنگ سان 253 رنسن تائين محدود رکندڙ افغانستان جي ٽيم بيٽنگ جي شعبي ۾ ناڪام وئي ۽ وڏي مارجن تان ميچ هارائي وئي.
    سري لنڪا طرفان اوپنر پريرا 33 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ سنگاڪارا گذريل ميچن جيان هن ميچ ۾ به عمده اننگز کيڏي 75 رنسون اسڪور ڪيون، ان کان علاوه سري لنڪا جو ڪو بيٽسمين ففٽي پلس اسڪور نه ڪري سگهيو، آخر ۾ ميٿيوز 45 رنسون ٺاهيون. اهڙي طرح سريلنڪا 6 وڪيٽن جي نقصان تي 253 رنسون ٺاهي سگهي.
    افغانستان طرفان ميروائز اشرف 2 وڪيٽون ورتيون.
    افغانستان کي کٽڻ لاءِ 254 ٽارگيٽ مليو.
    گذريل مئچن ۾ بيٽنگ ذريعي شائقين جا دل کٽيندڙ افغانستان هن ميچ ۾ بيٽنگ جو سبق وساري ويٺي ۽ هڪ ٻئي پٺيان سڀ بيٽسمين آئوٽ ٿيندا رهيا. 73 جي مجموعي تي 5 وڪيٽون ڪرڻ کان پوءِ نجيب الله ذادران (11) ۽ ڪپتان محمد نبي (37) 48 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي اسڪور کي 121 تائين پهچايو پر آخري 4 وڪيٽون اسڪور ۾ 3 رنسن جو اضافو ڪري سگهيون. اهڙي طرح 39هين اوور ۾ افغانستان جي سڄي ٽيم 124 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.
    سري لنڪا طرفان مينڊس ۽ پريرا 3، 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته سنگاڪارا کي مين آف دي ميچ ايوارڊ مليو.

    نتيجو: سري لنڪا هي ميچ 129 جي وڏي مارجن تان کٽي ورتو ۽ اضافي بونس پوائنٽ جي مدد سان فائنل ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي ورتي.
     
  15. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ها ادا.. قسم سان ويچاريون ڏاڍيون رنيون، سڀني ڏٺو....

     
  16. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    شاهد آفريدي جي دهوان دار بيٽنگ سان ڪالھ ميچ کٽيو.
    واه پٺاڻ واه.
    هر ميچ ۾ احتياط سان کيڏي ته دنيا ۾ شاهد آفريدي جو ڪوبه رانديگر ناهي.
    مون کي ڪالھ ڏاڍو مزو آيو آفريدي جي راند مان.
     
  17. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ايشيا ڪپ 2014
    ميچ نمبر 8
    4 مارچ 2014

    پاڪستان مقابلا بنگلاديش
    هي ميچ ايشيا ڪپ توڙي ون ڊي ڪرڪيٽ جي يادگار ميچن مان هڪ هو. بنگلاديش پاران رنسن جو جبل بيهارڻ وري پاڪستان جي رانديگرن پاران ان جبل کي فتح ڪرڻ جو هي عمل دلچسپ رهيو..

    ٽاس کٽڻ بعد بنگلاديش جي ڪپتان پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

    ٽي ميچن جي بندش کان بعد بنگلاديش جو اهم آل رائونڊر شاڪيب الحسن پڻ ٽيم جو حصو هيو، جنهن جي ڪري بنگلاديش جا حوصلا بلند هيا.پهرين بيٽنگ جي فيصلي کي درست ثابت ڪندي بنگلاديش جي رانديگرن پنهنجي ٽيم جو ون ڊي ۾ وڏو اسڪور 326 ٺاهي ورتو. اوپنر اُمراءُ القيس جو پهرئين اوور ۾ ڪيچ ڊراپ ٿيڻ بعد ٽيم پوئتي مڙي نه ڏٺو ۽ ٻنهي اوپنرن 150 رنسن جي اوپننگ پارٽنرشپ ڏئي وڏي اسڪور جو بنياد رکيو. انعام الحق (100)، اُمراءُ القيس (59) رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا ۽ مومن الحق 51 رنسون ٺاهيون. مشفيق الرحيم ۽ شاڪيب آخري 4 اوورن ۾ پاڪستان جي بالرن کي بيوس ڪندي اسڪور کي ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 326 رنسن تائين پڄائيو.

    پاڪستان کي ان موقعي تي هڪ ٻيو ڌڪ اهو رسيو ته اسپيشلسٽ بالر عبدالرحمان کي اوور ۾ مسلسل ٽي بيمر (نو بال) ڪرائڻ تي ميچ ۾ وڌيڪ بالنگ ڪرڻ کان روڪيو ويو ۽ پاڪستان پارٽ ٽائيم بالرن (فواد عالم ۽ صهيب مقصود) کان بالنگ ڪرائي. سعيد اجمل 2 ۽ محمد طلحه هڪ وڪيٽ ورتي.
    اهڙي طرح پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 327 رنسن جو ٽارگيٽ مليو، جيڪو آخري اوور جي 5ين بال تي حاصل ڪري پاڪستان فائنل ۾ پنهنجي جڳهه پڪي ڪري ورتي.
    پاڪستاني اوپنرن 97 رنسن جي اوپننگ پارٽنرشپ فراهم ڪئي، محمد حفيظ (52) جي آئوٽ ٿيڻ بعد 2 وڪيٽون ٻيون به ڪريون جنهن جي ڪري ٽيم دٻاءُ ۾ اچي وئي. مصباح الحق 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ته وري صهيب مقصود امپائر جي غلط فيصلي جو شڪار ٿي 2 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو. موقعي تي اوپنر احمد شهزاد (103) ۽ فواد عالم (74) بهترين راند کيڏندي 105 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي. احمد شهزاد جي آئوٽ ٿيڻ بعد عبدالرحمان به 225 رنسن تي آئوٽ ٿي چڪو. ان موقعي تي آفريدي آيو. ان وقت 54 بالن تي 103 رنسون گهربل هيون پر آفريدي جي شاندار اننگز راند جو نقشو مٽائي ڇڏيو.

    پنهنجي فتح جو يقين رکي خوشيون ملهائيندڙ بنگلاديش جي مجمعي تي خاموشي طاري ٿي وئي... آفريدي 7 ڇڪن جي مدد سان 28 بالن تي 59 رنسون ٺاهيون ۽ رن ريٽ کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪريو. سندس ففٽي 18 بالن تي پوري ٿي. آفريدي کي 3 ناقابلِ يقين چانس مليا. سندس هڪ ڪيچ ڊراپ ٿيڻ تي بنگلاديش جي ڇوڪرين جي روئڻ جو سين بار بار ٽي وي تي ڏيکاريو پئي ويو.
    آفريدي جي آئوٽ ٿيڻ بعد فواد عالم 2 لڳاتار ڇڪا هڻي رن ريٽ جوفرق ختم ڪيو. فواد عالم 74 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ته پاڪستان کي آخري 2 بالن تي 2 رنسون گهربل هيون. عمر اڪمل وننگ شاٽ تي چوڪو هڻي پاڪستان کي هڪ بال اڳ ۾ ئي ٽارگيٽ پورو ڪري ڏنو.

    نتيجو: پاڪستان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 329 ٺاهي ميچ کٽي ورتي.
    هي پاڪستان جو ڪنهن به ون ڊي ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ حاصل ڪيل ٽارگيٽ آهي، آفريدي کي سندس بهترين راند تي مين آف دي ميچ ايوارڊ ڏنو ويو..

    شاهد آفريدي جا 7 ڇڪا جن ميچ کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.


     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 مارچ 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ميچ کٽڻ جو هڪ اهم سبب هو مصباح جي ففٽي نه ٺاهڻ.

    بنگلاديش بهترين بيٽنگ ڪئي. جيتوڻيڪ شروع جي اورن ۾ ئي امپائرن حفيظ جي بالنگ تي هڪ آئوٽ نه ڏنو جڏهن ته سهيب مقصود کي بلڪل غلط آئوٽ ڏنو ويو.

    هڪ دفعو وري نوجوانن بهتر راند ڪئي خاص ڪري احمد شهزاد، فواد عالم ۽ حفيظ ۽ رهيل ڪسر آفريدي پوري ڪري ورتي.

    بنگالي جادوگرن به وڏو وس ڪيو ۽ الائي ڇا ڦوڪي پهريان آفريدي ۽ پوء فواد عالم کي منڊو ڪيو.

    بنگالي عورتون ۽ نوجوان آخر ۾ خوب روئندا رهيا.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هههههه، سائين گهڻن جو ئي اهو خيال آهي ته مصباح ففٽي نه ٺاهي ته ٽيم کٽيندي آهي،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ابا مست ڀلا فائنل جو حال احوال به موڪل
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو