جي تو اڃا نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي .... شيخ اياز

'شيخ اياز' فورم ۾ محمد بخش لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2014۔

  1. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    283
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو
    جي تو اڃا نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي،
    تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي!

    آيو ويو سڪندر، سيوهڻ اڃا اتي آ،
    هو کيرٿر کڙو آ، ويندا رهيا وناسي.

    لالڻ! نوان لڪن ۾، نڪتا نياڻ آهن،
    ايندا جتي لُڪن ۾، پانڌيئڙا پياسي.

    هي شام جو مياڻي، هي سون رن پاڻي،
    تڙ تي ٻه چار ڏيئا، نڙ تي ٻه چار لاسي!

    منهنجي اڪير ڇا هي؟ هي چٽ چيت من ۾،
    مندر، اداس ڏيئو، اڌ رات، ديوداسي.

    جي وک کي وڌائين، اڄ ماڳ ڏور ناهي،
    ڏونگر ڏري پيو آ، ساهس ته ڌار ساسي!

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد رفيق بليدي

    محمد رفيق بليدي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    61
    ڌنڌو:
    وڪالپ
    ماڳ:
    حيدراباد

هن صفحي کي مشهور ڪريو