عڪرا مان مليل مُسَودو Manuscript Found in Accra پائلو ڪوئلهو جي نئين ناول جو سنڌي ترجمو.عوامي آواز

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ faheemquest طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2014۔

  1. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    عڪرا مان مليل مُسَوِدو

    هن ڀيري به ائين ئي ٿيو جيئن هميشھ کان ٿيندو ٿي آيو؛ پائولو ڪوئلهو جو هڪ ڪتاب پڙهڻ کان پوء سندس ٻئي ڪتاب جو انتظار. اهو ساڳيو انتظار جيڪو ننڍڙو ٻار پيء جي رانديڪي وٺي ڏيڻ واري واعدي کانپوء ڪندو آهي. سندس پوئين ڪتاب “الف – Aleph” جو انتظار به ائين ئي ڪيو هئم. “الف” ۾ پائولو ڪوئلهو پنهنجي وجود جي ڳولا (Self Discovery) لاء ڪيل دنيا جي ڊگھي ۾ ڊگھي ريل جي پٽڙيء (Trans-Siberian Railway) تي سفر دوران سفري وارتائن بابت پنهنجي ئي خاص انداز ۾ اهڙي ته نموني بيان ڪيو آهي جو پڙهڻ واري کي پيو لڳندو ته هو ڪو ساڻس گڏ هجي. “الف” پڙهي پورو ڪرڻ کانپوء نئين ڪتاب جي اچڻ تائين پاڻ کي پائولو ڪوئلهو جي دنيا ۾ غرق رکڻ لاء سندس ئي هڪ ڪتاب “ڪيمانگر – The Alchemist” جو سنڌيء ۾ ترجمو شروع ڪري ڏنم، جيڪو ڪن سببن جي ڪري ڇپجي ته نه سگھيو پر دل گھرين دوستن جي مدد سان ان جو مُفت اِي-بُڪ انٽرنيٽ تي موجود آهي. جيئن ئي اهو ترجمو پورو ٿيو ته خبر پئي ته سندس هڪ نئون ڪتاب “عڪرا مان مليل مُسَوِدو -Manuscript found in Accra” اصل پُرتگالي ٻوليء ۾ مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. ٿوري آٿت ٿي ته بس اِجھو ئي ٿو ان جو انگريزي ۾ ترجمو ڇپجي. ان ڳالھ کي ڪجھ ئي مهينا گذريا ته ان ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو، جيڪو “مارگريٽ جل ڪوسٽا – Margaret Jull Costa” ڪيو، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪجھ ملڪن ۾ پڌرو ٿي ويو. اچي مَنَ ۾ مانڌاڻ مَتي ته بس ٻي گھڙي نه ٿئي ۽ اهو ڪتاب مون وٽ هجي. گھڻئي هٿ پير هنيم پر ڪتاب نه مليو، حالانڪه اميزن Amazon تي ته دستياب هو پر شپمينٽ ڪتاب جي قيمت کان تقريبن پنجوڻ تي هئي.

    آخرڪار، هارپر ڪولن وارن اهو ڪتاب برطانيه ۾ پڌرو ڪري ڇڏيو. برطانيه ۾ ڪو به ڪتاب هارپر وارا اڃا مَسَ رِليز ڪن ۽ انڊيا نه پهچي، ائين ٿي ئي نه ٿو سگھي. هفتي کن ۾ هي ڪتاب انڊيا به پهچي ويو، جتان وري “يُو رِيڊ ڊاٽ ڪام – uread.com” تان آنلائن آرڊر ڪيم. انڊيا کان شپمينٽ سستي ٿي پئي سو بس هفتي کن ۾ ڪتاب مون وٽ دمام اچي پهتو، بس پوء وڃي ڪا اندر جي باھ جھڪي ٿي.

    حقيقت ۾ مصنف جي مهاڳ ۽ ڪتاب جي ٽائٽل مان اها ڳالھ واضح آهي ته هي ڪتاب مصنف جو پنهنجو لکيل ناهي. هي ڪتاب قبطيء (Copt - قديم مصري عيسائين کي Copts سڏيو وڃي ٿو. هن ڪتاب ۾ لفظ Copt هڪ شخص جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڪتاب ۾ صرف هڪ تاريخدان ڪري ڄاڻايو ويو آهي، باقي Copt عقيدي ڏانهن سندس ڪو لاڙو نظر نه ٿو اچي، يا ڪنهن دور ۾ رهيو به هجي جنهنڪري شايد کيس Copt يا قبطيء جو نالو ڏنو ويو آهي.) جي خُطبي جي مُسَوِدي جو ڇاپو آهي جيڪو 1974ع ڌاري قديم آثارن جي ماهرَ سَر والٽر وِلڪنسن Sir Walter Wilkinson مصر کان ڀر واري هڪ شهر عڪرا مان دريافت ڪيو هو. اهو مسودو اصل عربي، عبراني ۽ لاطيني ٻولين ۾ لکيل هو، جيڪو دنيا گُهمندو اچي پائولو ڪوئلهو جي هٿ لڳو. سَر والٽر ولڪنسن جي پُٽَ جي پائولو ڪوئلهو سان ياري دوستي هجڻ سبب هن ان مُسودي جو هڪ نسخو 2011ع ڌاري سندس حوالي ڪيو. پوء ظاهر آهي ته پائولو ڪوئلهو کي ان مسودي جي لفظ لفظ تي تحقيق ڪندي، ترجما ڪندي، ڇپرائڻ لاء اجازتناما ۽ قانوني ڪارروايون ڪندي ٻه کن سال لڳي ويا ۽ آخرڪار ڪتابي صورت ۾ 2013ع پهريان پُرتگالي زبان ۾ ۽ پوء انگريزيء ۾ شايع ٿيو.

    ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم. پهرئين ئي باب ۾ پڙهندي لڱ ڪانڊارجي ويا. اها پَڪَ ٿي ويم ته ان ڪتاب جو انتظار ۽ ڀڄ ڊُڪ اجائي نه هئي. “ڪيمانگر” جي ٽَڪَرَ جو ڪتاب مونکي هٿ لڳي ويو هو. بس پوء ته فيصلو ڪري ڇڏيم ته هي ڪتاب پڙهڻ سان گڏوگڏ سنڌيء ۾ ترجمو پڻ ڪبو هلبو.

    خير سان ترجمو به شروع ٿيو. هر ورق کي پڙهندي ائين ٿي لڳو ڄڻ منهنجي دماغ ۽ روح تي جيڪا ورهين جي دَزُ چڙهيل هئي سان هاڻ صاف ٿيندي پئي وڃي. جيئن جيئن اڳتي وڌندو ٿي ويس تيئن ئي اهو گمان يقين ۾ بدلجندو ٿي ويو ته واقعي ڪٿي هي ڪتان “ڪيمانگر” جي جاء نه وٺي وڃي.

    هن ڪتاب جو اصل جادو هي آهي ته، هر باب پڙهڻ دوران ائين لڳندو ته اها ڳالھ ته اساب بابت ٿي رهي آهي. ٽيويهن بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ ٽيويهن مختلف سماجي مسئلن جهڙوڪ؛ شڪست، ويڳاڻپ، خوف، خود اعتمادي، بي يقني، محبت، نفرت، ماضي، حال، مستقبل، خواهشون، اتحاد، نزاڪت، قسمت، معجزن ۽ ڳڻتين کي اهڙي دانائيء سان بيان ڪيو ويو آهي جو عقل دنگ رهجيو وڃي. مٿي بيان ڪيل اهي سڀ سماجي پهلو اسانجي جي روزمرھ جي زندگيء تي ڪڏهن ته منفي يا ڪڏهن وري مثبت انداز ۾ اثرانداز ٿيندا رهن ٿا. جن کي منهن ڏيڻ دوران انهن جي شدت سبب يا ته اسين سنئين راھ ڀُلجيو پئون يا وري همت هاري هر شيء کي جيئن جو تيئن ڇڏي ڏيندا آهيون. پر هن ڪتاب ۾ انهن سڀني پهلوئن سان گڏ زندگي گھارڻ جو اهڙو ته درس ڏنو ويو آهي جو پڙهڻ واري جا چارئي طبق روشن ٿيو پون. زندگيء ۾ پيش ايندڙ ننڍڙين ننڍڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ به هڪ فَنُ آهي. اهو فن انهن کي هٿ اچي ٿو جيڪي ان جا طلبگار آهن. ۽ اهو فن جيئن ته ڪتابن ۾ ڪو نه ملي تنهنڪري اسانکي ساڃھ وندن جي ڀر وٺڻ جي ضرورت پوندي آهي جيڪي اڄڪلھ ورلي ملن ٿا. پر هن ڪتاب ۾ هڪ اهڙي ساڃھ وند شخص جون سمجھاڻيون موجود آهن جنهن پنهنجي ساڃھ کي اڳتي پهچائڻ پنهنجو فرض سمجھيو. پوء ڪير ان مان سبق پرائي ٿو يا نه اهو سندس نصيب آهي. جيئن آءٌ هميشھ اهو چوندو آهيان ته “پڙهڻ وارا ته جام آهن پر سمجھڻ وارو ڪو ڪو آهي.”

    آخر ۾ هڪ ڳالھ واضح ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان ته، ڪجھ پڙهندڙن کي هي ڪتاب پڙهندي شايد اهو وهم ٿي پوي ته هي ڪتاب ته قبطيء جي پنهنجي عقيدن تي مشتمل آهي ۽ ڪٿي انکي پرهڻ سان اسانجي عقيدي کي ڪو ڇيهو نه رَسي. پر حقيقت ۾ ائين ناهي، هن ڪتاب جو مذهب يا عقيدي سان ڪو تعلق ئي ناهي. جيئن ڪتاب جي پهرئين ئي باب ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته، قبطيء جي ان خُطبي کي ٽنهي وڏن مذهبن جا عالم به دل وجان سان ٻُڌي رهيا هئا ۽ قبطيء پاڻ اها ڳالھ ڪئي آهي ته هو ان علم بابت ڳالهائي رهيو آهي جيڪو ڪتابن ۾ نه پر ساڃھ وندن جي دلين ۾ موجود آهي. جيئن هن ڪتاب ۾ هڪ جاء تي اهو لکيل آهي ته،“ اهو علم زندگيء ۽ موت جي حقيقت بابت نه پر روز مرھ جي مامرن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هي علم اهو ناهي جيڪو اسين ڪتابن مان پرائيندا آهيون، جنهن جو مقصد صرف حال ۽ مستقبل ۾ ٿيڻين ۽ اڻ ٿيڻين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ آهي، پر هي علم اهو آهي جيڪو ساڃھ وندن جي دلين ۾ موجود هوندو آهي.”

    تنهنڪري ڪتاب ۾ موجود قبطيء جي خطبي مان اها ڳالھ واضح آهي ته، ڀلي سندس مذهب ڪهڙو به هو، هو جنهن جي به عبادت ڪندو هو، پر سندس ڳالهين مان مذهب نه پر قديم يوناني سُگھڙائپَ نظر اچي ٿي.

    بلاگ
    [​IMG]


    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 مارچ 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪالهه ئي انعام عباسي سان ڳالهه ٿي ته ڪتاب جي ڪاپي گهرجي ... شايد اڄ ڪاپي ملي وڃي

    ۽ پوء ضرور پڙهي پنهنجي راء ڏبي.

    هڪ عرض به ڪبو ته ڀلي جلدي نه پر ڪجهه وقت کانپوءِ ان ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ضرور ڏجو، جيئن دوستن سان شيئر ڪجي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه وقت اڳ ئي ان جي اي پب ڪاپي هٿ ڪيئ هيم.. پر 155 صفحن تي مشتمل ان اي بوڪ ۾ زياده تر ڪتاب جا اقتباس ئي لکيل هيا..
    مون وٽ اڄ به اها اي پب ڪاپي موجود آهي.. ظاهر آهي ته رڳو اقتباسن تي مشتمل مواد کي پڙهي اهو مزو ته حاصل ڪري ئي نه سگهبو جيڪو مڪمل ناول پڙهڻ ۾ ايندو...
    پائلو ڪوئلهو جي لکڻي، لفظن جي چونڊ ۽ بيهڪ ايتري ته شاندار رهي آهي جو سندس جا سمورا ڪتاب پبلش ٿيندي ئي وڪامڻ ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ جا ريڪارڊ قائم ڪندا آهن.. سندس جا لکيل ڪجهه وڌيڪ ڪتاب جيڪي وري وري پڙهڻ تي دل گهرندي آهي سي آهن:

    The Alchemist
    The Pilgrimage
    The Valkyries
    By the River Piedra I Sat Down and Wept
    The Fifth Mountain
    Veronika Decides to Die
    Warrior of the Light: A Manual
    Eleven Minutes
    The Zahir
    The Devil and Miss Prym
    The Witch of Portobello
    Brida
    The Winner Stands Alone
    Aleph
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 مارچ 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    ضرور وساڻ صاحب، هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي اوهانجي حوالي جلد ڪندس..
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مون کي ياد پيو اچي ته اها گذارش ڪافي وقت اڳ کان ئي رکيل آهي ڀلي پنهنجو پروفائيل کولي ڏسو... :)
     
  6. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    ذيشان صاحب مونکي بالڪل ياد آهي. ڪتاب جي سافٽ ڪاپي اوهان ڏانهن جلد موڪلبي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو