• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يو ايس بي ۾ گم (هائيڊ) ٿيل فائلن کي ظاهر ڪريو.

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم سنڌ سلامت ساٿيو.
توهان وائرس جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ رکندا هوندا شايد اهو به ڄاڻندا هوندا ته ڪمپيوٽر ۾ وائرس ڇو ايندو آهي.
ڪمپيوٽر ۾ جيڪڏهن وائرس اچي ويندو آهي ته پو يو ايس بي ۾ پيل ڊيٽا به گُم ٿي وڃي ٿي، يو ايس بي ۾ پيل فائلون وائرس جي ڪري هائيڊ ٿيو وڃن ۽ ظاهر ڪرڻ لا مختلف طريقا استعمال ڪرڻا پوندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ته فائلون ظاهر ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺنديون آهن يا سافٽويئر انهن فائلن کي رِيڊ ناهي ڪندو.
خيئر ، اڄ آئون اهڙو اينٽي وائرس پيش ڪرڻ وارو آهيان جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي يو ايس بي ۽ هارڊ ڊسڪ ۾ هائيڊ ٿيل فائلن کي اَن هائيڊ (ظاهر) ڪري استعمال ۾ آڻي سگهو ٿا.
سڀ کان پهرين هتي ڪلڪ ڪري اينٽي وائرس ڊائونلوڊ ڪريو ۽ انسٽال ڪريو.
ياد رهي : اينٽي وائرس جي اسپيڊ ٻين جي ڀيٽ تيز آهي ۽ ميموري به گهٽ آهي.

طريقو: 1
28ugqo3.jpg

يو ايس بي ۾ وائرس ۽ هائيڊ ٿيل فائلن کي ڊٽيڪٽ ڪرڻ کان پو رزلٽ جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

n51u9w.jpg

سڀئي وائرس ڊليٽ ڪريو

fy00hc.jpg

گُم ٿيل فائلن کي ظاهر ڪرڻ لا اَن هائيڊ آل تي ڪلڪ ڪريو.

هاڻِي توهان پنهنجي يو ايس بي کوليو ، انشا الله توهان جي يو ايس بي ۾ گُم ٿيل فائلون واپس ظاهر ٿي وينديون.
 
ادا سچ ته اهو سافٽ ويئر واقعي به ڪم جو آهي ڇو جو مون وٽ هڊن فائيل جو تعداد ڪافي وڌي ويو هو

جنهن کي توهان جي ٻڌايل سافٽ ويئر جي مدد سان ان هائيڊ ڪري چڪو آهي

لاجواب ادا

سدائين گڏ
 
ادا تمام سٺو پر، اگر يو ايس بي ۾ موجود ڪجهه ڊيٽا جا فائل اگر شارٽ ڪٽ فائل شو ڪري ته ان ڊيٽا کي ڪيئن رڪور ڪري سگهجي ٿو. جيئن منهنجي يو ايس بي ۾ ڪجهه اهم ڊيٽا هئي مان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ لڳائي ته اهي سڀ فائلز شارٽ ڪٽ فائل شو ٿي رهيا هئي، وري مان اها ئي يو ايس بي ڪنهن ٻئي سسٽم ۾ لڳائي ته اهي فائل صحيح نظر اچي رهيا هئي، وري مان اها ئي يو ايس بي پنهنجي سسٽم ۾ لڳائي ته ساڳي ڪهاڻي هئي مطلب ته شارٽ ڪٽس فائل شو ٿي رهيا آهن. ادا ان جو ڪو طريقو هجي ته واه واه ٿي ويندي.
 
ادا مسئلو ڪمپيوٽر جو آهي جنهن ۾ وائرس گهر ڪري ويو آهي.
توهان مٿي ذڪر ڪيل سافٽويئر انسٽال ڪيو انشا الله بهتر نتيجا ملندا.

۽ محترم گورڌن ولاسائي جن جو ڏنل سافٽويئر به آزمائي ڏسو.
 
ادا سچ ته اهو سافٽ ويئر واقعي به ڪم جو آهي ڇو جو مون وٽ هڊن فائيل جو تعداد ڪافي وڌي ويو هو

جنهن کي توهان جي ٻڌايل سافٽ ويئر جي مدد سان ان هائيڊ ڪري چڪو آهي

لاجواب ادا

سدائين گڏ
جڏهن اسان وارو فقير زندهه هوندو هيو ته اهو اهڙيون ٽپس ڏيندو هيو هاڻ ته پان پيٺو ڪنهن جو انتظار ڪري

بهترين ونڊ
 
Back
Top