محترم ايازگل کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ شاهين لطيف ، سنڌي ، طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2014۔

  1. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    سنڌي ٻولي جهڙي مٺڙي شاعر
    محترم ايازگل
    کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون
    [​IMG]
     
  2. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    ڏک جي نه پوڄاڻي آ نئين ٽهي جو ديومالا شاعر اياز گل دل[​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    پنهنجي هن محبتن ڀري ڀون ۾ اياز نالي ڪيترن ئي شاعرن هن ڀلاري ديس جي مٽي تي جنم وٺي پنهنجي من جو آواز جو اظهاري ڪندي ڪندي وڏي منزل ماڻي پنهنجي شاعري واري فن سان لفظن جي مالها جوڙي عام خلق جي آئيني جيان چٽي پٽي ترجماني ڪندا رهيا آهن انهن مڙني برجستين ۽ مهان شخصيتين منجهان شيخ اياز ، اياز جاني ۽ ايازگل جو نالو ادبي دنيا ۾ نرالو نظر اچي ٿو سنڌ ڌرتي جي ٽين نمبر وڏي شهر سکر جي نيڪ مرد محترم رجب علي دل جي گهر ۾ 6 مارچ 1959ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن خوشين جا انڀار لڳي ويا ڇو جو ان ڏينهن سندس رب سائين هڪ گلاب جي گل جهڙو حسين جميل پٽ (اياز علي دل ) جي نالي سان عطاءَ ڪيو جيڪو اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ (اياز گل ) اڄ تائين سڄجندو رهي ٿو ، اياز گل نصابي ابتدائي تعليم سکر منجهان پرائي تعليم جو سڀئي سندون پنهنجي ذهانت ۽ شوق سان حاصل ڪندو رهيو پاڻ پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگري (سنڌي ادب ) ۾ ڪري گولڊ ميڊل سال 1980ع ڌاري ماڻيان ،تنهن بعد (آءِ _ آر ) بين الاقوامي تعلقات ۽ قانون جي اعلي ڊگري (ايل _ ايل _ بي ) به ڪيائين تنهن بعد هي با صلاحيت نوجوان اديب پڙهڻ پڙهائڻ واري ڪرت حاصل ڪندي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي سان سلهاڙجي سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين جتي پنهنجي شگف سان هن وقت تائين مصروف عمل نظر اچي ٿو پاڻ يونيورسٽي ۾ هن وقت سنڌي شعبي جو پروفيسر طور فرض سرانجام ڏيندي نظر اچي ٿو ، اياز گل دل ننڍي وهي کان وٺي ادبي لڏي سان سلهاڙيل آهي پاڻ اڃان شاگرد ئي هو ته هن جي دل ۾ شعر چوڻ جي اڻ تڻ ظاهر ٿي پوءِ سال 1971ع ڀاڳن وارو سال هو جو سنڌي ادب جي جهول ۾ شاعري واري صنف سان (اياز گل ) پنهنجي من جو آواز عام ڪرڻ واري جستجو ۾ محو ٿي شعر مٿان شعر جوڙيندو رهيو سندس جي پهريون من جو آواز شعر جي صورت ۾ ڪراچي مان نڪرندڙ رسالي (اديون ) جي زينت بڻيو ، ۽ پوءِ جلدي ئي عوامي مَقبوليت هن وقت تائين ماڻيندو رهيو سندس جو شمار نئين ٽهي جي ڀلوڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو اياز گل دل پنهنجي شاعري وسيلي دل جي ڳالهه ڪهڙي نه شاندار نموني جي ڪئي آ پاڻ چوي ٿو ته

    من ۾ ڪو مهممان ضروري آ پيارا ،

    دردن جو درمان ضروري آ پيارا ،

    دل روئي پر مرڪ چپن تي رکڻي آ ،

    دشمن تي دهمان ضروري آ پيارا ،

    ڪڏهن لڪائي رکجي پيار زماني کان ،

    ڪڏهن اهو اعلان ضروري آ پيارا ،

    ڄاڻا ٿو مشڪل آ گڏجڻ ۽ پرچڻ ،

    رکجي پر امڪان ضروري آ پيارا .

    اياز گل نئين ٽهي جي شاعرن واري صنف منجهان اعلي مقام ماڻي چڪو آهي پاڻ سنڌي شاعري جي (غزل ) واري صنف کي پنهنجن جذبن ، احساسن ۽ مشاهدي سان واهه جو نڀايو آهي اياز گل کي غزل چوڻ جو الله سائين واهه جو ڏان عطاءَ ڪيو آهي هوئين هن ديو مالا شاعر، شاعري جي مڙني صنفن جهڙوڪ ، گيت ، غزل ، وائي ، ڪافي ، بيت تي طبع آزمائي ڪندو رهيو آهي مڱر غزل چوڻ جو ڪوڏيو شاعر آ ، اياز گل ٻارڙن جو به شاعر آهي سندس ٻارڙن لاءِ به ڪيترائي شعر چئي پنهنجو نالو شاعرن ۽ عام خلق آڏو نروار ڪرايو اٿين اياز گل جي شاعري ۾ سڀئي خوبيون نروار ۽ نمايا آهن پاڻ نوجوانن جي جذبن ۽ احساسن جو ترجمان شاعر پڻ آهي ، هڪ غزل جي شتن ۾ رومانس لاجواب نظر اچي ٿو پاڻ شاعري واري زبان ۾ ٻڌائي ٿو ته

    چنڊ نه آهي ، ڇا آهي ، تارا جاڳن ٿا ،

    بلب گهٽين جا ، رستا جاڳن ٿا ،

    جنهن کي پنهنجو نه ڪنهن ڪيو هوندو ،

    خالي گلدان جيان پيو هوندو .

    اياز گل کي موسيقي سان دلي لڳاءَ پڻ آهي سندس گهر جي ڪمري ۾ آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽن ۽ تصويرن سان هڪ بهترين لائبريري سينگاريل آهي پاڻ ڦوٽو ڪڍڻ جو به فن رکي ٿو ، اياز گل جي شاعري موسيقيت سان به سر شار آهي سندس جي شاعري کي سنڌ جي ڪيترين ئي فنڪارن جهڙڪ سائڻ ميڊم عابدا پروين صاحبه ، برڪت علي ڀنڊ ، رحمان مغل ، رحمت علي ميرالي ، شازيه خشڪ ڳائي پنهنجو ۽ اياز گل جو نالو مشهور ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي سندس جو ڪلام سنڌ جي مڙني ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيندو رهيو آهي ، اياز گل کي شهريت جي بلندي تي سندس جي ڪلام (تو کان ٿيندي ڌار ،لڙڪ لڙي پيا لار ڪري ) مشهور ٿري راڳي( ٿر ٻاٻيهي )صادق فقير ڳائي ڏيهان ڏيهه مشهور ڪيو سندس جو هي گيت اڄ به ننڍي خواهه وڏي جي زبان تي گن گنايو ٿو وڃي . اياز گل صاحب پنهنجي پهرين شاعري جي مجموعي کي عام خلق ۽ ادبي لڏي جي ساٿين جي هٿن ۾ (گل ۽ تارا ) جي نالي سان سال 1979ع ۾ شايع ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو سندس جي مجموعي کي پارس اشاعت گهر سکر ڇپائي نروار ڪرايو اياز گل صاحب اڄ ڏينهن تائين سنڌي ادب جي سونهن ۽ زينت ۾ مسلسل اضافو ڪندي نظر آيو آهي سندس جي قلم جي نب منجهان هن وقت 9 ڪتابن جي گلدستن جو بهترين پورهيو سنڌي ادب جي وڌاري لاءِ ڏئي چڪو آهي ۽ اڃان انهي ڪرت سان سنڌي ادب کي پڻ نوازيندو رهندو سندس جي ادبي پورهي جو وچور هن ريت آهي سوچون سرها گل ، گل ۽ تارا ، پيلا گل پلاند جا ، ڏينهن ڏٺي جا سپنا ، توبن ڪهڙا ڇانورا ، دک جي نه پڄاڻي آ ، سکر جون يادگيريون ، پوان شل قبول ، روشن آسانجهي وغيره سنڌي ادب جي سونهن بڻيل آهن ، اياز گل صاحب سنڌ جي اديبن جي ادبي تنظيم ( سنڌي ادبي سنگت ) جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل واري منصب تي سال 1996ع کان 1998ع تائين اهم ذميواري تي نهايت شاندار نموني سان ڪم ڪندي نظر پڻ آيو پاڻ پنهنجي دوري ۾ سنڌي ادبي سنگت جي رسالي (سنگت ) جو بنياد رکڻ پڻ اهم ۽ بهترين قدم سمجهيو ويندو آهي پنهنجي هن جنت نماءِ سوني ڌرتي جي هن سرجڻهار ڪيترائي پنهنجي ڏات ۽ شاعري جي مالها پوئي انعام ۽ ايوارڊ حاصل ڪيا آهن پاڻ پهريان ته (گولڊ ميڊل ايوارڊ ايم _اي سنڌي ادب ۾ پهرين نمبر حاصل ڪرڻ تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ، ينگ رائيٽرس گلڊ ايوارڊ ، سگا پاران گولڊ ميڊل (ڪتاب ڏينهن ڏٺي جا سپنا ) سچل سرمت ايوارڊ ، پاڪستان ٽيليويزن پاران بهترين شاعر جو ايوارڊ ، شيخ اياز شيلڊ (حسن ڪارڪردگي ، کان علاوه ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون پڻ حاصل ڪري چڪو آهي سنڌ ڌرتي جو هي حساس طبعيت جو شاعر اياز گل صاحب پنهنجي جيون ساٿي مستور ۽ گلاب جهڙي گل پٽ پرين اياز سان گڏ زندگي جا پل سکر شهر ۾ گهاري رهيو آهي هن نماڻي شاعر جا وار چاندي نما ڏسجڻ ۾ اچن پيا پاڻ اڄ زندگي جي 59 سالگرهه جو ڪيڪ پنهنجي ادبي لڏي جي دوستن ۽ گهر وارن سان گڏجي ڪاٽيندو منهنجي هن ڀلوڙ سرجڻهار لاءِ رب سائين در دعا ته سٺي صحت ۽ عمردراز عطاءَ فرمائي جئين پاڻ سنڌي ادب ۽ شاعري واري صنف سان سنڌي ادب جي سونهن ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ڪندو رهي .پاڻ پنهنجي شاعري واري زبان منجهه عام خلق کي ٻڌائي ٿو ته

    ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڏک روئاريندو ناهي ،

    ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڀوڳ تي به پئبو آ روئي .

    ڏسپتو __ پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري 60616
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو