1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 45000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 45,000
    28000
  2. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  3. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ جي عورت

'تعارف' فورم ۾ عرفان احمد طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2014۔

  1. عرفان احمد

    عرفان احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مارچ 2014
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Jarwar, Sindh, Pakistan
    عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي عورت

    عرفان لُنڊ

    دنيا جتي روز ترقي ڪري رهي آهي، اُتي ماڻهو ٽيڪنالاجي جو سهارو وٺي ماڻهن خاص ڪري عورتن

    جو استحصال ڪرڻ کان وسان ڪين پيا گهٽائين، موبائيل فون جتي رابطي جو تيز ذريعو بڻيل آهي،
    ساڳئي وقت ڪي ماڻهو جن کي شڪاري سڏڻ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ان ئي موبائيل فون جي سهاري

    پنهنجي شڪار ڳولڻ ۾ وسان ڪون ٿا گهٽائين،

    ۽ ڪنهن حد تائين ان ۾ ڪامياب به وڃن ٿا، هو اڌڙوٽ عمر جو هوندي به روزانو شِيو سان گڏ
    ڪاٽن جو ڪلف لڳل وڳو مٽائي پنهنجي ڳوٺ کان ڪجهه مفاصلي تي موجود علائقي جي وڏي
    درگاهه تي پابندي سان ويندو آهي، پنجن نياڻين ۽ ٻن جوان پُٽن جو پيءُ هوندي به هو اڪثر درگاهه
    تي منت سانگي يا اڳواٽ فون تي رابطي سبب آيل ٻهراڙي توڙي شهر جي وچولي عمر جي عورتن جي

    تلاش ۾ رهي ٿو، جن کي هُو پنهنجي منفرد ۽ مخصوص شڪارين واري لهجي سبب حوس جي
    ڄار ۾ ڦاسائي انهن جو شڪار ڪندو رهي ٿو، ٽن سمن واري فون سان گڏ ٽي بيٽريون هميشه پنهنجي
    کيسي ۾ رکندڙ اڌڙوٽ جڏهن سگريٽن جي ڊگهن ڪشن سان گڏ پنهنجي حوس جا قصا مونکي ٻُڌائي رهيو هو ته ، الائي ڇو منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا جن کي هن شايد احساس محرومي سمجهي منهنجي ڪلهي تي زور ڏئي چيائين ته يار گهٻرائين ڇو ٿو، تو کي به مال کارائبو، منهنجو منهن ويتر لهي ويو،
    آءُ هن جي ڪچهري مان ڊگهيون ٻرانگهون کڻندي اتان هليو آيس، مون اهو ڏينهن ڪيو وري هن
    جي ڪيترائي دفعا سڏ ۽ فون ڪرڻ باوجود هن سان نه مليم، پر هو اڄ به پنهنجي ڪرت ۾ لڳل آهي،

    ان ساڳئي ئي علائقي ۾ اڪثر اهو ڌاڙيل خان به ڏسڻ ايندو آهي جيڪو ڪجهه سال اڳ دوکي سان اغوا ڪيل

    انهن نوجوان ڇوڪرين جو واپار ڪندو هو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مرداڻي فريب ۾ فاسي پنهنجو گهر ڇڏي اينديون هُيون، ۽ هو انهن جو وڪرو ڪندو هو، وڪرو ڇا ڪندو هو جڏهن به مٿان کيس ڪا نئين

    ڇوڪري هن کي ملندي هئي ، صورت آڌار هن جو ريٽ لڳائي تر جي وڏيرن کي هڪ رات لاءِ پهچائي
    ايندو هو، جيستائين هن ڇوڪري کي ڪو مستقل خريدار نه ملندو هو هن ويچاري سان اهو حشر هلندو هو،
    ۽ هُن هڪ وڏو ڪاٺ جو صندل به ٺهرايو هو جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن وڪري جي انتظار ۾ قيد ڪيل ڇوڪرين کي رات جو ننگو ڪري نچائيندو هو، ۽ انهن قيدي عورتن ۾ اڪثريت پنجاب جي ڇوڪرين جي هُوندي هُئي، هڪ دفعي هو پنجاب ويل هو ڪجهه آهڙن ئي ڪمن لاءِ ۽ واپسي ايندي ڪنهن چيڪ پوسٽ

    تي همراهه پڪڙجي پيو ، ۽ هن کي لاڪپ ۾ هڪ عورت اي ايس آءِ ڀلي سيکت ڏني ۽ هن ئي عورت
    اي ايس آءِ جي فرياد تي عدالت هن کي جيل ڀيڙو ڪيو، ڪاروباري حصيدارن جي ڪوششن سان ڏيڍ سال کانپوءِ

    ضمانت تي آزاد ٿي هو پنجاب جي ان ئي شهر ۾ رهي پيو، ۽ اتان جي هڪ ماڻهو جي مدد سان

    جيل مان آزادي جي ستاويهين ڏينهن تي رات جي وقت ان عورت اي ايس آءِ جي ور جي غير موجودگي ۾
    هي ٻئي ڄڻا گهر ۾ گهڙي ننڊ ۾ ستل ان ليڊيز اي ايس آءِ کي نشو ڏئي اغوا ڪري رات پيٽ ۾ ئي
    کڻي آيا ، بعد ۾ ان ويچاري عورت جي جيڪا تذليل ڪئي ويندي هُئي سا بيان نٿي ڪري سگهجي،
    هن ڪيترائي دفعا اتان ڀڄي نڪرڻ جي ڪوششن باوجود ڪامياب نه ٿي سگهي هر دفعي پڪڙجي پئي،

    ۽ هن پوءِ خودڪشي ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون هڪ دفعي زرعي جيت مار دوا اڃا پيئڻ جي ئي مس ڪيائين ته ان وحشي صفت جي ننڍي ڀاءُ کيس ڏسي ورتو، جنهن اوطاق تي ويٺل پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽ

    هن کي گهلي پهچايو، جنهن کيس ڪپڙن کان آجو ڪري پالتو جانور وانگر ڳچي ۾ رسو وجهي هڪ ٿنڀي

    سان ٻڌي ڇڏيو بغير پاڻي ۽ ماني جي،

    ٻئي ڏينهن صبح جو بيهوشي جي حالت ۾ مليل ان بد نصيب عورت

    کي پاڻي جا ڇنڊا هڻي کيس هوش ۾ آندو ويو، اوطاق تي ڪجهه خاص مهمان اچڻا هُئا انڪري ان کي ڪپڙا

    پهرائي گهر ڏانهن موڪليو ويو، گهر پهچندي ئي ان ويچاري گهر جي عورتن کي ڪمري مان ڄاري

    ۾ پيل قران پاڪ کڻي اچي ميڙ ڏنو ته کيس ماريو وڃي، ان وحشي صفت جوابدار جي ڏاڏي کي مٿس
    رحم اچي ويو جنهن گاسليٽ جو گيالن ۽ هڪ ماچيس کيس ڏني ،

    ان اڌ بيهوش عورت جلدي ۾ گاسليٽ پاڻ مٿان هاري پاڻ کي باهه ڏيئي ڇڏي،

    ساڍا ٽه مهينا بدترين غير انساني تشدد برداشت ڪندڙ ان مظلوم عورت جي موت جي خبر ڪنهن به اخبار

    ۽ انساني حقن جي تنظيمن توڙي ڪنهن به پوليس اسٽيشن ۾ درج نه ٿي،

    ان مظلوم ۽ بدنصيب عورت جي رک بڻيل ماس ۽ هڏن کي گهر ٻاهران واري جي دڙن ۾ ٻوري ۾ وجهي

    دفنايو ويو، اسانجي سنڌ ۾ آهڙا انساني تاريخ جا ڪيئي بدترين واقعا ٿين ٿا جيڪي اڄ جي تيز ترين

    ميڊيا جي دوءر ۾ به رپورٽ نه ٿا ٿين يا خوف سبب دٻايا وڃن ٿا،

    اسانجي سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ مرد جي هر چٽي ويچاري عورت ڀريندي آهي،

    مون آهڙا کوڙ علائقا گهميا آهن جتي عورت کي ته انسان ئي نه سمجهيو ويندو آهي،گهر جي ڪم کان وٺي

    ٻني جو ڪم وٺڻ باوجود روزانو مٿس تشدد به ڪيو ويندو آهي،

    اتر سنڌ ۾ ته اڄ به نوجوان ڌيئرن جي وڪري جي رسم هلي ٿي، رڳو وڪرو ئي نه پر ڄمندي ئي

    نياڻين جا مڱڻا ڪرايا ٿا وڃن، ۽ نڪاح مهل زوري انهن جو ڪنڌ لوڏرائي کين ها ڪرائي وڃي ٿي،

    بي جوڙ شادين جي نتيجي ۾ جيڪي الميا جنم وٺن ٿا انهن جي ڀوڳنائُن جي مرض اسانجي

    معاشري کي اُپاهج بڻائي ڇڏيو آهي، اين جي او کان ويندي نام نهاد دانشورن تائين سڀني مسئلن

    جي حل ڳولڻ بنا مسئلن کي ئي روزي روٽي بڻائي ڇڏيو آهي،

    سنڌ ۾ قومپرستن کان ويندي پاڻ کي روشن خيال سڏرائيندڙ ڪيترائي آهڙا اڳواڻ آهن ،جيڪي

    معاشري جي فرسودهه ريتن رسمن مان پاڻ کي اڃا تائين نه ڪڍي سگهيا آهن،

    اسين آهڙي سماج ۾ رهون ٿا جتي انڪار جي قيمت زندگي تان هٿ کڻڻ جي صورت ۾ اوڳاڙي

    ويندي آهي،

    سنڌ جي اصل وارث هندو برادري جا وري عورتن جي حوالي سان الميا ئي الڳ آهن،

    لکين رپين جي ڏاج جي گهرجن کان علاوهه اوچ نيچ جي فرسودهه فرق ڪرڻ جي نتيجي ۾

    ڪيتريون ئي معصوم ڇوڪريون بي راهه روي کان ويندي مذهبي ٺيڪيدارن جي ور چڙهيو وڃن

    جتي مذهب مٽرائڻ بعد سندن ساهراڻي گهر ۾ جنهن پيڙا کي منهن ڏيڻو پوين ٿو اها انتهائي ذلت

    ڀري زندگي هجي ٿي، ڪڏهن ڪڏهن تشدد کان علاوهه سندن هٿ جو تيار ڪيل کاڌو به نٿو کاڌو وڃي،
    ان کان علاوهه سندن اولاد کي مهڻا ڏنا ويندا آهن ته هي ته غير مسلم مائي جي اولاد آ،

    اڄ 8 مارچ کي دنيا عورتن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائي رهي آهي، ۽ اتي اسانجي

    هن سماج ۾ عورت انتهائي مظلوميت جي درجي ۾ ڀوڳي رهي آهي ،
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    480
    ورتل پسنديدگيون:
    841
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان جون عورتون خاص ڪري سنڌ يا بلوچستان جون عورتون ٽر (3) طرفي غلامي جو شڪار آهن هڪ( 1 ) سامراجي غلامي ٻيو ( 2) ملڪي غلامي ۽ ٽيون ( 3 ) قبائلي غلامي . ان سموري زيادتين جي قصر اهي پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي جنس کان به ڪڍن ٿيون . اهو سڀ ڪجه جهالت ۽ لا علمي ڪري ٿئي ٿو ۽ مردن جي هٺ ڌرمي جي ڪري به . جڏهين ڪي مرد اهڙين مظلوم عورتن جو خيال ڪري انهن کي تعليم ڏيارڻ ،اڳتي وڌائي معاشري ۾ صحي مقام ڏيارڻ جي جڏهين ڪوشش ڪن ٿا ، ته اهي عورتون جيڪي سانڊي (ڪرڙي ) يا ڪاڪروچ کان به ساه ويندو اٿن ، پنهنجي روشن خيال مردمن ۽ عورتن جي حقن جي حفاظت ڪندڙ مردن تي شير وانگر ڪڙڪي پونديون آهن . اهڙي حالت ۾ مرد ويچارا وڌيڪ مظلوم پنجڻ کان ڊڄڻ ۽ ڊپ ڪري وري کڻي ظالم مردن وارو روپ اختيار ڪندا آهن . تنهن ڪري عورت ۽ مرد زندگي جي هڪڙي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن ،انهن ٻنهي کي برابري جي بنيادن تي زندگي جو گاڏو گهلڻو بلڪ هلائڻو آهي . نه ته اها زندگي جيڪا جنت جهڙو روپ وٺي سگهي دوزخ جهڙو روپ وٺي ويندي .
     
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    480
    ورتل پسنديدگيون:
    841
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,186
    ورتل پسنديدگيون:
    2,174
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ماڳ:
    ڪراچي
    در اصل هر هڪ پنهنجي پنهنجي فطرت تي قائم رهي جيڪو ڪم عورت جو آهي اهو عورت ڪري جيڪو ڪم مرد جو آهي مرد ڪري ته مسئلا ئي پيدا نه ٿين اهي ڏينهن دنيا جا اهي سماج ملهائي رهيا آهن جن عورت جي آزدي جي نعري تي عورت جي عزت کي تار تار ڪيو آهي.وسلام
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,186
    ورتل پسنديدگيون:
    2,174
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ماڳ:
    ڪراچي
    رهي ادا عرفان اوهان جي مذڪوره ڪهاڻي جي اها حقيقت آهي يا ڪهاڻي ان تي ته بحث ئي ناهي ظلم ته ان کان به ڪيترا ڀيرا وڌيڪ ٿي رهيا آهن جن ظلمن جو کاڄ نه فقط هڪ عورت ٿي رهي آهي پر سماج جو هر هڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي. اهو ايسيتائين پيو هلندو جيسيتائين اسان ظلم تي خاموش آهيون ياد رهي
    ته

    ظلم جي ياراني ۾ جيترو نقصان ٿيندو آهي ان جي دشمني ۾ نقصان ڏهون حصو به ناهي ٿيندو اها هڪ حقيقت آهي.
    وسلام
     
  6. خاوند بخش سيال

    خاوند بخش سيال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مارچ 2015
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڀاءَ عرفان اوهانجي دل جي درد۽ سنڌ سان محبت جي دل سان احترام ڪندي اوهان جي ڪٿا تي ٻه لڙڪ به لڙي آيا ، لڙڪ ظلمن ۽ تذليل جي تصويرن تي نه پر پهنجي اڻڄاڻائي جي انڌير تي لڙيا، ڀاءَ اها جيڪا ڪٿا اوهان ٻڌائي واقعي اهڙن ظلمن جون ڪهاڻيون دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لاتعداد موجود آهن ، اوهان کي جس آهي اوهان اهڙن ڪردارن کي وائکو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي قون سان سچائي جو ثبوت ٿا ڏيو ، پر ڀاءَ ان داستان کي سنڌ ڌرتي يا سنڌي قوم سان گڏي ڪونه ٿو سگھجي ، سائين ان ۾ جنهن ڪردار جواوهان ذڪر ڪيو اهڙن ڪردارن جو ڪو مذهب ، ڪو ديس يا ڪا ٻولي ڪانه هوندي آهي اهي سماج جا اهي ٿوهر آهن جيڪي دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڻ مرادو جنم ٿا وٺن انهن کي سنڌسان ڳنڍڻ يا يا ان کي سنڌي سڏائڻ سنڌ ڌرتي سان نا انصافي آهي ، آءُ پنهنجي ناقص ذهن سان اوهان کي اوهان جي موضوع مان مثال ٿو ڏيان ته جيئن اوهان چيو ته جيل مان نڪرڻ کان پوءِ ان ڪردار پنجاب جي ان ئي علائقي ۾ رهي اتان جي مقامي ماڻهو جي مدد سان ان ڇوڪري کي کنڀيو جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ ان ڪردار کان وڌيڪ دلو ۽ دلال ته اهو پنجاب واسي آهي جنهن پنجاب جي نياڻي کي کنڀڻ ۾ ان جي مدد ڪئي پر ان جي ان ڪڌي ڪردار سان پنجاب کي غلط چوڻ به ناانصافي هوندي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ڪوٺن تي اڪثر اوهان کي پنجاب واسي ۽ سرحد جون مظلوم عورتون عصمت فراموشي تي مجبور ملنديون سي به پنهنجن جي ظلمن سبب ان ڪڌي ڪم لاءِ پاڻ ارپيون ويٺيون آهن پر انهن دلالن کي پنجابي ، سنڌي ، بلوچي ، پٺاڻ يا ڪنهن ٻي قوم جي گھٽتائي يا ڪمزوري چوڻ سراسر نا انصافي ۽ قوميت جي تذليل آهي ، پيارا ڀاءَ اهاانسان دشمن لابين جي منظم سازش آهي ته اهي اسان کي هڪ ٻي خلاف ڀڙڪائي اسان جي زباني اسان جي قوم ۽ علائقن کي ظالم ، جابر، ڪم ظرف لکرائي اسان جا حوالا ڏيئي اسان کي دنيا ۾ بدنام ۽ بي حس ثابت ڪن ، سنڌ ته اها تهذيب يافته ۽ غيرت جو گهوارو آهي جيڪا اڄ کان 5000 سالن کان به پهريان پنهنجي عزتن جي تحفظ لاءِ اوچي ڳاٽ واريون ديوارون کڻائي غيرن جي نظرن کان پاڻ بچايو ، سنڌي ته ان دور ۾ به غيرت مند ڪپڙا پائيندا هئا جڏهن دنيا جا باقي ماڻهو ڪپڙن کان ناآشنا هُئا اهي سڀ ڳالهيون آءُ پنهنجي طرفان ڪونه پيو مڙهان اهي سڀ ڳالهيون موئن جي دڙي جا اهي آثار ٿا ٻڌائين جيڪي اسان لاءِ درس آهن ، پيارا ڀاءَ خدارا ان ڳالهه کي پرسنل نه وٺجو نه ئي منهنجو مقصد اوهان جي دل آزاري آهي ، بلڪه مونکي ته فخر آهي سنڌ ڌرتي جي غيرتمند سپوتن تي جن لاءِ اڄ به نِاڻي ست قرآن آهي ، پيارا ڀاءَ تشدد ڪا رسم ڪونه آهي اها ته انساني رويا آهن جن کي اسين رسمن جو نالو ٿا ڏيون ، سنڌ جون رسمون ته عزت ۽ خوشين جا پيغام آهن ، سنڌ جي مهمان نوازي واري رسم ته ڏيه توڙي پرڏيه ملڪين مشهور آهي ، سنڌ ۾ ته اڄ به عورت کي مٿي تي هٿ رکي هٿ ڏيڻ جي رسم سان ان کي عزت جو احساس ڏياريو ٿو وڃي ، اڄ به نياڻي جي ميڙه ۾ خون بخشيا ٿا وڃن ، سنڌ جي غيور رسمن رواجن کان خوف زده عناثر سنڌ کي اُتر ، لاڙ ، ڪاڇي ۽ ٿر ۾ ورهائڻ لاءِ سازشون ٿا سٽن ته جيئن سنڌي قوم کي نقشي تان مٽائي دنيا ۾ بي حيائ جا دنگل ڪرائي سگھن ، رسمون ۽ رواج هرو ڀرو جنم ڪونه وٺنديون آهن انهن پويان ڪي حقيقتون لڪل هونديون آهن ، سنڌ اندر رهندڙ هر طبقه ءِ فڪر سنڌي آهي ۽ انهن جي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت اسان جو عين ايمان آهي ، اميد ته اسين سڀ سنڌي سنڌ ڌرتي لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين جدوجهد ڪندا رهنداسين ۽ تا قيامت اسين سنڌ دشمنن جي منهن تي موچڙو ثابت ٿينداسون. سنڌ سلامت ساٿ سلامت.
     
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,169
    ورتل پسنديدگيون:
    5,174
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    محترم ڀاءُ خاوندبخش سيال مان اوهانجي ڳالھ کان سئو سيڪڙو متفق آهيان ، لک قرب ، سدا سلامت هجو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو