ڪنهن در ڏجي دانهن

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪنهن در ڏجي دانهن
    ٿر اوهان کي پڪاري ٿو
    محمد سليمان وساڻ


    ميڊيا تي ٿر جي تازي ڏڪار واري صورتحال ۽ لڳ ڀڳ 150 جانين جي وڃڻ واري خبر ڏسي سچ پڇو ته ڏاڍو ڏکارو ٿي وڃجي ٿو. سوچي رهيو هوس ته هي ڏڪار واري صورتحال هڪدم ته نه آئي هوندي ۽ خبر به پئي ته ٽي مهينا اڳ کان ان قسم جي صورتحال سامهون اچڻ شروع ٿي چڪي هئي. پر افسوس جو نه ته پرنٽ ميڊيا ۽ نه ئي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ۽ نه وري حڪومتي سطح تي ان قسم جي حالتن جي ڪا صحيح نموني نشاندهي ٿي سگهي. ٻيو ته ٺهيو پر سوشل ميڊيا جيڪا خبرن جي معاملي ۾ تيز آهي اها به ڪا اڳواٽ صورتحال بابت آگاهي نه ڏئي سگهي. جڏهن فوتي ٻارن جو انگ سينچري جو اسڪور ڪري چڪو هو ته پوء اها خبر باهه وانگيا پکڙجي وئي. ڏک اهو ٿيو ته اهڙي صورتحال هوندي به اسان جي پارٽين پاران ڪا منصوبه بندي تحت ڪم جي شروعات ڪرڻ کان اڳ تنقيدي نشستون شروع ٿي چڪيون آهن ۽ اسڪورنگ پوائنٽ حاصل ڪري بهتر تنقيد جا رستا ڳوليا پيا وڃن.

    مان اهو به سوچي رهيو هوس ته شايد اسان وٽ تنظيمن ۽ صحافي لڏي ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ ٿي وئي آهي ڇا جو خبرن تي تڪڙي انداز جي رپورٽنگ ڪندي اهڙي ڏکيي صورتحال جو ڪو اڳواٽ جائزو پيش ڪن. افسوس واري ڳالهه اها به آهي ته حڪومت ۽ انتظامي معاملا ڄڻ ته سنڌ ۾ آهن ئي ڪونه ... ٻيو ته ٺهيو پر ٿر جي ماڻهن تي قابض گادين وارا، عوامي نمائنده به گم رهيا ... ڀلا اهو سڀ به ڇڏيو ٽئٽر جي شهنشاهه بلاول ڀٽي جو ڪو پيغام جيڪڏهن سڀني ميمبرن ڏانهن ئي هجي ته اهي سڀ ڪم ڇڏي ماڻهن جي واهر ڪن ته به ان کي سٺي ڪاوش سمجهجي ها. وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت ۽ ملڪ رياض جا اعلان ڪاش اعلان نه هجن ۽ ماڻهن جي صحيح نموني پرگهور لڌي وڃي.

    ٿر جي آبادي ايڏي گهڻي به ناهي جو اتي پهچي معاملن کي سلجهائي نه سگهجي پر ڳالهه آهي نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ جي. سوشل ميڊيا جي انهن سڀني دوستن کي به جس هجي جيڪي عملي ڪم ۾ لٿا آهن. جس هجي انهن سڀني ماڻهن کي جيڪي عملي طور ٿر پهچي ماروئڙن جي مدد لاء پهتا آهن. مان سوچيان پيو ته هاڻي ڪنهن در دانهن رکجي ... بس دوستن کي سلام جيڪي سندرا ٻڌي سچائي ۽ نيڪ نيتي سان خدمت جي ميدان ۾ لٿا آهن. مان سڀني سڄڻن کي اپيل ڪندس ته هي مهل ڪنهن ڏوراپن ڏيڻ ۽ ڳالهين ڪرڻ جي ناهي، دوستن جو ساٿ ڏيو ۽ ٿر جي سونهن ٿري عوام کي بچايو ، ٿري هوندا ته ٿر جي سونهن به رهندي، ته محبت ۽ سڪ به رهندي ۽ جڏهن سونهن رهندي ته سنڌ به سلامت رهندي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين سليمان صاحب اوهان ڏسجو وري جڏهن چونڊون ٿينديون ته اهي ئي ماڻهون چونڊجي ايندا. اسان جي ٽيڪس تي لجندڙ ڪامورا طبقا اسان غريبن تي غلامن جيان حڪمران آهن. جتي ظلم جي خلاف ڳالھ نه ڪئي وڃي ان سماج ۾ اهو ائين ئي ٿيندو آهي.

    منهن به پنهنجو هٿ به پنهنجو آهي سائين.

    جي ڪنهن باضمير يا غيرتمند سماج ۾ هي ظلم ٿئي ها ته اتان جا ڪامور استعفا ڏين ها ته حڪومت صرف انهن تته عوام صرف ان تي اتفاق نه ڪري بلڪه اتان جو سسٽم جوڊيشنل انڪواري ڪرائي انهن ڪردارن کي عبرت ناڪ سزا ڏئي ها پر اڄ هتي ڪامورا سڳورا برطرف ٽن مهينن کان پوءِ بحال.

    جن ايوانن ۾ قانون ٺهندو هجي ۽ اتان جا ميمبر شرابي هجن ته ان قانون تي عمل ڪير ڪندو جي ڪو کڻي چوي ته هي ڇاهي ته بيشرم چون اهو انهن جو ذاتي معاملو آهي ان کي نه اڇلائڻ گهرجي انهن شرابين ڪبابين جي جيڪا حڪومت هلندي ان ۾ اهو ئي ٿيندو ته ماڻهن تي ڇا وهي ٿو ڇا واپري ٿو انهن شرابين کي ڪهڙي خبر.


    ڪڀي تو اظهار ِ جرئت ڀي ضروري هي
    جو دن ڪودن نهين تو رات ڪورات تو ڪََهو

    ڪُڇ نا ڪهني سي ڀي ڇن جاتا هي احساسِ سُخن
    ظلمسهني سي ڀي ظالم ڪي مدد هوتي هي.

    وسلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو