ٿر ۾ ڏڪار غذائي کوٽ ۽ معصوم ۽ ننڍڙن ٻارن جي ٿيندڙ اموات

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ چندر طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2014۔

  1. چندر

    چندر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جولائي 2013
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    104
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    فزيشن
    ماڳ:
    ٿرپارڪر
    اڄڪلھ اسان جي اردو ۽ سنڌي نيوز چينلن تي ٿر ۾ ڏڪار غذائي کوٽ ۽ ان ڪري معصوم ۽ ننڍڙن ٻارن جي ٿيندڙ اموات بابت وٺ وٺان لڳي پيئي آھي. ذميوار ڪير ۽ ڪيترا به ھجن پر نزلو سڄو سول اسپتال جي انتظاميه خاص طور ڊاڪٽرن تي. ھتي منھنجو اھو مطلب ڪونھي ته ڊاڪٽر ھن الزام کان آجا آھن يقينن ڪي ماڻھو غلط ھوندا پر ڏٺو وڃي ته پوري ٿرپارڪر ۾ سول اسپتال مٺي واحد اسپتال آهي جيڪا نه صرف مٺي پر ننگرپارڪر کان نئون ڪوٽ تائين جيڪي به ننڍا وڏا شهر ۽ ڳوٺ اچي وڃن ٿا انهن سڀني پاسن جي مريضن کي منهن ڏئي ٿي. جيترا سيريس ٿيل مريض اتي پهچن ٿا انهي حساب سان اوترو نه ته عملو آهي نه ئي وري اوتريون سهولتيون موجود آهن جو هيڏي تعداد ۾ ايندڙ مريضن کي منهن ڏئي سگھجي سو لازمي ڳالھ آھي ته انهن حالتن ۾ ڪم جي ڪوالٽي ۾ ڦيرو ضرور ٿيندو. چوڻ جو مطلب ته سٺي علاج ۽ سٺي معائني لاءِ مخصوص ۽ مڪمل اسٽاف ۽ سورسز جي پڻ ضرورت آھي. صرف ٻه ڊاڪٽر ٻارن جا ھن وقت اسپتال ۾ موجود آھن جيڪي 24 ڪلاڪ ڪور ڏيڻ لاءِ ناڪافي آھن. نرسري لاءِ ٽرينڊ اسٽاف پڻ گھٽ آهي.
    اھا ته ٿي ھڪ ڳالھ. ٻيو ته ڪيترائي ٻار ويچارا گاڏين جي کوٽ ۽ مائٽن پاران پئسن جو بندوبست ڪرڻ جي چڪر ۾ دير سان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پھچن ٿا جن جو علاج مشڪل ٿيو وڃي ۽ بچڻ جو آسرو گھٽجي وڃي ۽ ڪي ٻار ته رستي ۾ ئي پورا ٿيو وڃن جيڪي رڪارڊ ۾ ئي ڪين اچن. ھتي جيڪڏھن ڳوٺن جي ليول تي قائم ڊسپينسرين کي بھتر بڻايو وڃي ۽ صحت مرڪزن کي اپگريڊ ڪري اتي جي سھوليتن جي واڌ ۽ اسٽاف جو تعداد وڌايو وڃي ته ڪافي حد تائين مسئلا حل ٿي سگھن ٿا ۽ ماڻھن جو اجايو پئسو پڻ ضايع ٿيڻ کان بچي ويندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. چندر

    چندر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جولائي 2013
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    104
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    فزيشن
    ماڳ:
    ٿرپارڪر
    سنگت کي سلام
    لڳي پيو ته غلط فورم ۾ پوسٽ ڪري ويو آھيان. پھريون دفعو آھي اميد ته معاف ڪندا ۽ صحيح جڳھ تي پوسٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندا.
    مھرباني.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا سڀ کان پهرين توهان پنهنجو مواد ڪاپي ڪري وٺو ۽ پو هتي ڪلڪ ڪري پيسٽ ڪريو.
    ۽ پو مواد کي محفوظ ڪريو. توهان جو مواد مختلف موضوع جي سيڪشن ۾ شامل ٿي ويندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جي پوسٽ منتقل ڪئي آهي.

    ٿر جي صوتحآل انتهائي ڏکائتي آهي. جيڪو ڪجهه ميڊيا تي ڏسون ٿا ان مطابق ته خراب صورتحال آهي پر پوء به اڃان صحيح طرح سان ڪا به خبر ڪانه پئي پوي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    واقعي ٿر جي جي حالت انتهائي سنگين آهي پر افسوس جو اسان جا ڪامورا صرف مال ميڙڻ جي چڪرن ۾ لڳا پيا آهن، ڪڻڪ گودامن م آهي پر غريبن لاءِ ڪونهي، اسپتالن ۾ دوائون آهن پر مريضن لاءِ ناهن، هاڻي جيڪا امداد ايندي اها به صفارش ۽ چٺي تي ملندي باقي غريب ساڳيا سورن ۾، ڪرپشن هاءِ ڪرپشن......
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو