سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ڪوٺايل سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جو 35 هون ساليانو ڪنوينشن

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ڪوٺايل سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جو 35 هون ساليانو ڪنوينشن

    (رپورٽ : محمد سليمان وساڻ، تصويرون بخش مريد روجهاڻي)

    سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن صوبي ۾ تعليم عام ڪرڻ ۽ تعليم جو معيار بهتر بنائڻ لاءِ جدوجهد کي پنهنجو نصب العين بڻايو آهي. هن وقت سگا جي انتظام هيٺ سڄي صوبي ۾ 24 روشن تارا اسڪول ڪم ڪري رهيا آهن جتي هزارين شاگردن کي معياري تعليم ڏني پئي وڃي ان کانسواءِ تازو سگا سنڌ حڪومت کان 30 سالن لاءِ پبلڪ اسڪول گڏاپ جو انتظام پڻ حاصل ڪيو آهي. اها ڳالهه سگا جي مرڪزي چيئرمين رفيق احمد جعفري روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ ڪوٺايل سگا جي 35 هين سالياني ڪنوينشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي هن چيو ته هن وقت صوبي ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو ڪرندڙ معيار سڀني سنڌ واسين لاءِ هڪ چئلينج بڻيل آهي. ان موقعي تي سگا جي گذريل 2 سالن دوران ڪيل ڪارڪردگي بابت رپورٽ پيش ڪندي سگا جي سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي ٻڌايو ته هن وقت صوبي ۾ سگا جون 113 شاخون ڪم ڪري رهيون آهن جتي 9 هزار کان به وڌيڪ گريجوئيٽس رضاڪار تعليم، صحت، غربت ۾ گهٽتائي، انساني حقن، عورتن جي ڀلائي ۽ سماجي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هن چيو ته گذريل 2 سالن ۾ روشن تارا اسڪولن جي شاگردن مئٽرڪ ۽ انٽر جي سالياني امتحانن ۾ نمايان ڪاميابي ماڻي آهي ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيا آهن. هن ٻڌايو ته گذريل 2 سالن دوران صوبي جي مختلف علائقن ۾ اکين جي بيمارين، چمڙيءَ جي بيمارين ۽ ڪاري ڪامڻ وغيره جي علاج لاءِ 24 ڪئمپون لڳايون ويون جتي هزارين مريضن کي مفت علاج ۽ آپريشن جون سهولتون فراهم ڪيون ويون. هن ٻڌايو ته سگا عالمي بئنڪ جي سهڪار سان 6 ضلعن جي 14 ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جون اسڪيمون پڻ لڳايون آهن. هن ٻڌايو ته سگا صوبي ۾ غيرت جي نالي تي بي گناهه عورتن جي قتل خلاف آواز اٿاريو آهي ۽ ان ڏس ۾ 100 کان وڌيڪ رضاڪارن کي انساني حقن بابت سکيا ڏني وئي آهي. هن ٻڌايو ته سگا پاران 2011 ۽ 2012 ۾ آيل ٻوڏ دوران سچل ڳوٺ، گڏاپ ۽ حيدرآباد ۾ ڪئمپون قائم ڪري هزارين ٻوڏ متاثرين جي سهائتا ڪئي. تقريب ۾ سگا سچل شاخ جي صدر علي انور بالادي پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ چيو ته سنڌ ۾ تعليم جو معيار بهتر بنائڻ کانسواءِ ڪنهن به صورت ۾ ڪاميابي ماڻي نٿي سگهجي. افتتاحي تقريب ۾ سگا جي باني چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، ولي محمد روشن، سگا اسلام آباد شاخ جي صدر محمد يوسف ميمڻ، کانسواءِ سنڌ جي ڪيترن ئي شاخن جي عهديدارن ۽ ميمبرن سان گڏ سول سوسائٽي جي ڪيترن ئي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

    سگا جي اها تقريب ٻه ڏينهن جاري رهي جنهن ۾ تنظيمي اجلاسن سان گڏڪارڪردگي رپورٽون به پيش ٿيون. ان سان گڏ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي بحث ٿيو ۽ خاص ڪري ٿر جي صورتحال ۽ سنڌ ۾ تعليم جي بگڙجندڙ صورتحال تي به ڳڻتي ڏيکاري ان جي حل ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

    ڪنوينشن جي پڄاڻيء تي مختلف ٺهراء ۽ قراردادون به پيش ٿيون جن کي اڪثريت راء سان منظور ڪيو ويو.

    ٺهراءُ

    1. سنڌ جي مختلف ضلعن دادو، سانگهڙ، گهوٽڪي، بدين، خيرپور، قمبر شهدادڪوٽ، ٿرپارڪر مان ملندڙ گيس، ڪوئلي ۽ چيني مٽيءَ تي سنڌ جي مڪمل مالڪيءَ جو حق تسليم ڪري، لوڪل بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي ۽ سڀني ڪمپنين کي سختيءَ سان ان لاءِ پابند ڪيو وڃي.

    2. سنڌ مان بدامنيءَ جو خاتمو ڪري، مختلف ضلعن مان اغوا ٿيل ماڻهن ۽ خاص ڪري کڏڙي جي معصوم احسن جوڻيجو کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ۽ ڦل پوليس طرفان گم ڪيل عمران جوکيو کي جلد آزاد ڪرايو وڃي.

    3. سنڌ جي تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر، خاص طور تي روڊن، اسڪولن ۽ اسپتالن جي نئين سر تعمير ۽ مرمت ڪري انهن کي استعمال لائق بنايو وڃي ۽ ميرپور خاص جي مير شير محمد ٽالپر پبلڪ اسڪول کي گرانٽ ڏني وڃي.

    4. سنڌ جي تباهه ٿيل تعليم جي بهتري لاءِ خاص قدم کنيا وڃن، بند پيل اسڪول کوليا وڃن، جاري تعليمي ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ لاءِ ميرٽ جي بنياد تي مقرريون ڪيون وڃن ۽ تعليمي ادارن توڙِي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي ڀلائي ۽ نگرانيءَ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو وڃي.

    5. سنڌ مان قبائلي تڪرارن ۽ مذهبي انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ واضح حڪمت عملي طئه ڪري قانون جي حڪمرانيءَ کي يقيني بنايو وڃي.

    6. سنڌ جي مختلف ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ يونيورسٽيز جون ڪئمپس قائم ڪيون وڃن، خاص طور تي گهوٽڪي ضلعي جي عوام جي مطالبي تي اتي ڪنهن يونيورسٽيءَ جو ڪئمپس قائم ڪيو وڃي ۽ نوشهروفيروز جي سيد الهندو شاهه ڪئمپس خلاف سازشون بند ڪري ان کي جلد فنڪشنل بنايو وڃي ۽ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج S.M.C جو اصل نالو سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي برقرار رکيو وڃي اتي سنڌي شاگردن کي هاسٽل الاٽ ڪئي وڃي.

    7. ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي سمورن سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌ ٻولي مادري زبان طور تي پڙهائڻ لاءِ ادارن کي پابند ڪيو وڃي.

    8. ڪراچيءَ جي سمورن سنڌي ڳوٺن کي ليز ڏئي جلد پڪو ڪيو وڃي.

    9. سنڌ ۾ وڻڪاري جي خاص مهم هلائي وڃي ۽ وڏي تعداد ۾ وڻ پوکيا وڃن، خاص طور تي سنڌ جي قومي وڻ نم ڏانهن توجهه ڏنو وڃي ۽ هر اداري طرفان لازمي طور پوکايو وڃي.

    10. سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيئي انهن جا ٺهرايل جعلي شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ ٻيا دستاويز رد ڪيا وڃن ۽ انهن جي نالي ٿيل ملڪيتون سنڌ جي اصل وارثن حوالي ڪيون وڃن.

    11. ريڊيو پاڪستان خيرپور کي ميڊيم ويوز تي بحال ڪيو وڃي.

    12. ڪراچيءَ ۾ موجود سمورن اهم تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن کي داخلائون ڏنيون وڃن.

    13. ٿر جي ڏڪار سٽيل ماروئڙن جي سهائتا لاءِ خصوصي پيڪيج ڏئي مسڪين ماروئڙن کي موت جي راڪاس کان بچايو وڃي ۽ ٿر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏنو وڃي.

    14. سنڌي سبجيڪٽ ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ اعلى تعليمي ادارن ۾ انٽري ٽيسٽ ۾ سنڌي سبجيڪٽ لاءِ مارڪون مقرر ڪيون وڃن ته جيئن سڀئي شاگرد سنڌي سبجيڪٽ ۾ دلچسپي وٺن.

    15. سڀني هائير سيڪنڊري اسڪولن کي مڪملSNE ڏني وڃي.

    ڪنوينشن جي ميزباني سگا سچل ڳوٺ شاخ جي ميمبرن ۽ عهديدارن سان گڏ روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جي اسڪائوٽس احسن طريقي سان نڀائي. سگا مرڪز جي عهديدارن ۽ عملي به پاڻ ملهائيندي ڪنوينشن کي ڪامياب بڻايو.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وڌيڪ تصويرن لاء فيسبوڪ جي هن البم جو ڀيرو ڀريو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو