آخر هي 3جي ڇا آهي؟

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ALI AKBAR SHAR طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2014۔

  1. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ۾ ٿري جي لائسنس جي نيلامي جو ڳالهيون هلي رهيون آهن هاڻ تي حڪومت جي اعلان مطابق 3 جي سان گڏ 4 جي لائسنس به جاري ڪيو پيو وڃي. پر آخر هي 3 جي ۽ 4 جي آهي ڇا؟ ۽ ان ٽيڪنلوجي جي اچڻ سان پاڪستان جي عوام کي ڪهڙو فائدو ملندو.
    [​IMG]
    3جي جي باري ۾ ڄاڻڻ لاءِ پهرين هي سمجهجي ته اصل ۾ هي جي ڇا آهي؟ ان سان مراد موبائل ٽيڪنلوجي جنريشن آهي ٽاور ۾ لڳل سامان ۽ موبائل فون ٻئي شامل آهن. 1980 ۾ وائرليس موبائل ٽيڪنلوجي جي پهرين نسل متعارف ڪرائي وئي. 1جي ۾ اينالاگ ٽيڪنلوجي جو استعمال ڪيو ويو. ۽ هوا جي ذريعي صوتي پيغامات موڪلڻ جي سهولت سڀ کان پهرين جاپان ۾ فراهام ڪئي وئي.

    1991 ۾ فن ليڊ ۾ 2جي ٽيڪنلوجي جو آغاز شروع ڪيو ويو ان ۾ ڊجيٽل سي ڊي ايم اي ۽ جي ايس ايم ۽ ٻيو موبائل ڪميونيڪيشن جي بناد رکي وئي.

    2جي ۾ صاف آواز ڪال سان گڏ گڏ ايس ايم ايس، پيڪيجز ۽ ايم ايم ايس، جهڙيون سهولتن جو به آغاز ٿيو. پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ اڃ به موبائل ڪميونيڪيشن جي هي ٽيڪنلوجي استعمال ٿي رهي آهي.
    بعد ۾ موبائل انٽرنيٽ جي وڌندڙ مقبوليت کي ڏسندي تيز رفتار جي پي آر ايس ۽ عيج سروس متعارف ڪرايون ويون جنهن جي بدولت موبائل تي انٽرنيٽ جي زياداه رفتار حاصل ڪئي وئي. انهي کي عام طور تي 3جي ۽ 2جي جي درميان واري ٽيڪنلوجي طور ڄاڻيو وڃي ٿو ۽ ان جو نالو 2.5جي رکيو ويو. پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ عيج سروس دستاب آهي. ان وقت جي پي آر ايس سروس جي ذريعي صارفين کي 15 کان 20 ڪلو بائيٽ في سيڪنڊ جي رفتار فرهام ڪئي ويندي آهي
    [​IMG]
    3جي ٽيڪنلوجي جو آغاز 2001 جاپان ۾ ڪيو ويو. پراڻي ٽيڪنلوجي جي مقابلي 3جي جي زياداه رفتار ٽرنسفر ۽ بهتر نيٽ ورڪ سروسز فرام ڪندي آهي.

    3جي جي ذريعي صارفين کي تيز رفتار براڊبينڊ انٽرنيٽ فراهام ڪيو ويندو آهي. انهي ٽيڪنلوجي جي مدد سان موبائل فون تي ويڊيو اسٽريمنگ لائيو ٽيلي ويزن ويڊيو ڪانفرنس تيز رفتار انٽرنيٽ برائوزنگ ۽ ڪيتريون سرويز حاصل ٿي سگهن ٿيون. ايوو ۽ وائي ميڪس به دراصل 3جي ٽيڪنلوجون آهن.

    3جي جي مدد سان صارفين کي 512 ڪي بي پي ايس کان 3.1 ايم بي پي ايس تائين انٽرنيٽ اسپيڊ فراهام ڪري سگهجي ٿي. يعني جيتري اسپيڊ پي ٽي سي ايل جي ايوو سروس توهان کي فراهام ڪري رهي آهي توهان ايتري اسپيڊ پنهنجي موبائل تي حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ ان جي مدد سان اسڪائپ وائبر ۽ ٻين سروس کي بنارڪاوٽ استعمال ڪري سگهو ٿا.
    [​IMG]
    4جي هن وقت سب کان تيز رفتار موبائل ڪميونيڪشن ٽيڪنلوجي آهي. ان ٽيڪنلوجي جي ذريعي جتي ريواتي ڪالز ايس ايم ايس ايم ايم ايس جهڙيون سهولتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون اتي 100 ايم بي پي ايس تيز رفتار موبائل براڊبينڊ جي سهولت ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿي. 4جي ۾ ائي پي بيسڊ وائز ڪال آن لائن گيمنگ ۽ ايڇ ڊي اسٽريمنگ جا فيوچر به شامل آهن. هي سروس هن وقت دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ دستياب آهي. ۽ ان جي تحت صارفين زياداه تر موبائل انٽرنيٽ سروس هي استعمال ڪن ٿا.

    هتي هي ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته هن نئين موبائل جنريشن جي لاءِ موبائل ٽاورس ۽ موبائل فون اپ گريڊ ڪرڻ لازمي آهي. جيڪڏهن توهان وٽ 3جي فون آهي ته توهان 4جي ٽيڪنلوجي استعمال نه ٿا ڪري سگهو. پر جيڪڏهن توهان وٽ 4جي فون جئين آئي فون ايس 5 يا گليڪسي ايس 4 آهي ته توهان ان کي صرف 4 جي نيٽ ورڪ پر 3جي يه جي پي ايس سان گڏ به استعمال ڪري سگهو ٿا.

    پاڪستان ۾ ان وقت موجوداه جي پي آر ايس ۽ نئي اچڻ واري 3جي 4جي ٽيڪنلوجي ۾ انٽرنيٽ رفتار جو اندازو ان چارٽ ۾ ڏسي سگهو ٿا.
    [​IMG]
    ان وقت 3جي سروس دنيا جي گهٽ ۾ گهٽ 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ موجود آهي پر 4جي سروس فرام ڪرڻ واري ملڪ ڪجهه آهن. پاڪستان ۾ ان وقت ٽئي ٽيلي کام ڪمپنيون فوري طور تي 3جي سروس شروع ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.

    هتي هي ڳالهه ذهن ۾ رکڻ لازمي آهي ته نئي سروس کان صارفين کي فائدو ته پوچندو پر سروس سستي نه هوندي. جهڙي طرح براڊبينڊ انٽرنيٽ پهرين ڪافي ميهنگي هوئي اهڙي طرح 3جي جي پيڪيجز جا به ريٽ ڪافي زياداه هوندا.
     
    23 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مير ماجد نوناري

    مير ماجد نوناري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪيلفورنيا.
    واه ڙي اڪبر صاحب واه!
    صفا مجه لاهي ڇڏئي! شابس!
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هڪ اهڙو ليک جيڪو جواب آهي هر ماڻهو جي سوال جو ته آخري 3 جي آهي ڇا؟
    سُٺي ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني ۽ آئنده به ڏيندا رهجو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    بهترين معلومات ڏيڻ جي مهرباني.
    اسان سوچيو ته ”جِي“ صرف گورنمينٽ اڳيان ”جِي“ ڪرڻ لا هوندي پر هِي واقعي به اسان عوام جِي ئي آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    بهترين ليک آهي سائين ... جس هجيو !!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سٺي ڄاڻ
    شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    سائين ڇا ڪجي هاٿ خاموش رهن ڪون ٿا سو ڪجهه نه ڪجهه مڙائي انٽرنيٽ تان ڳولي ڳولي ان ٿورو گهڻو اضافو ڪري توهان جي سامهون حاضري ڀريون ٿا. جئين توهان دوستن کي خبر پوءِ ته اڪبر اڃان هن جهان تي زنداهه آهي باقي هي ڳالهيون ته روزانو اسان جي اڳيان ڪيترائي ڀيرا گذرن ٿيو.
    دوستن جي موٽ جي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وقت جي ضرورت ۽ عام ماڻهن سان لاڳاپيل سوال جا سهڻي نموني سمجهايل تفصيل ... اوهان جي شيئرنگ سچ ته ڏاڍي وڻي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ٽيليڪام جي حوالي سان هي سوال گهڻن ئي ماڻهن جي ذهن ۾ اٿندا رهيا آهن، تازو 3جي جي باري ۾ حڪومتي اعلانن بعد گهڻن جي ذهن ۾ جيڪي سوال هئا، اوهان جي هن ونڊ ۾ انهن جا جواب موجود آهن.... بهترين

    [​IMG]
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ”3 جي“ سروس جي پاڪتان ۾ اڃان تائين لائونچ نه ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب هتان جي مارڪيٽنگ ۽ مقامي انتظاميه پڻ آهي، پاڪستاني حڪومت سوچي ٿي ته هن سروس لائسنس مان ڪهڙي طرح وڌيڪ پئسو ٺاهجي ۽ جڏهن جيڪي ڪمپنيون وڌيڪ پئسو ڀري هي لائسنس حاصل ڪنديون ته ڇا اهي گهٽ پئسن ۾ اها سروس پنهنجي صارف کي ڏينديون ؟
     
  11. سجاد علي خاصخيلي

    سجاد علي خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2013
    تحريرون:
    76
    ورتل پسنديدگيون:
    133
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    هڪ سٺي نوڪري جي ڳولا
    ماڳ:
    نواب شاه
    واهه سائين واهه.... تمام سٺي معلومات آهي
     
  12. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب ادا

    زبردست معلومات ونڊ ڪئي آهي توهان

    جاري رکجو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
    سُٺي ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني ۽ آئنده به ڏيندا رهجو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    بهترين معلومات اهڙي شيئرنگ جاري رکو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو