اهو ته هڪ ماهر پائلٽ ۽ انهيءَ فيلڊ جو وڏو ڄاڻو ئي تفصيلي طور ڄاڻي ٿو ته جهاز اُڏارڻ کان وٺي لاهڻ تائين انهيءَ جو پائلٽ ڪيئن سڄي سفر جو تعُين ڪري ٿو. هزارين فُٽن جي اوچائي تي اُڏارڻ مهل هو ڪيئن رستا سمجهي ٿو جڏهن ته کيس رات جو ته ڇا پر ڏينهن جو به گهڻو ڪري سواءِ ڌُنڌ جي ٻيو ڪُجهه به نظر ناهي اچي رهيو هوندو. پر آسان لفظن ۾ سمجهڻو هُجي ته ايئن چئي سگهجي ٿو ته جهاز هلائڻ لاءءِ هڪ پائلٽ لاءِ رُڳو رستي کي ڏِسڻ ئي نه پر هوا جي دٻاءُ کي سمجهڻ به هڪ وڏو مٿي جو سور هوندو آهي. بلڪه وڏو ۽ اصل اهم ڪم آهي ئي اهو. طرف جو تعين ڪرڻ لاءِ ته وٽس ريڊار جي مدد کان ويندي مقناطيسي سُئي (هڪ عام طرف ڏَسڻي) تائين سڀ ڪُجهه هوندو آهي جيڪا کيس طرف ڏَسيندي رهي ٿي. پر جيئن ته جهاز جو مٿي اُڏرڻ هوا جي نسبت سان آهي. ايئن جيئن ماڻهو جو پاڻي ۾ ترڻ. جيڪڏهن پاڻي بيٺل آهي ته ترڻ آسان. پر پاڻي جو وهڪرو اُبتو آهي ته مصيبت ۽ سُبتو آهي ته ڪافي آسان. ڪُجهه ايئن .ي ئي جهازن سان به هوندو آهي. پر جيئن ته جهاز سان ڪُجهه ٻيون مجبوريون به هونديون آهن ته وٽس ڪٿي به بريڪ نه هوندو آهي. ڪٿي به ڪنهن ڏُکي هنڌ تي ڦاسڻ تي واپس موٽڻ ايڏو آسان ناهي هوندو نه وري وٽس تيل کُٽڻ تي رستي تي هلندڙ گاڏين جيان بيهه تيل جي بندوبست ٿيڻ تائين انتظار جو آپشن. تنهنڪري جهاز اُڏارڻ کان پهرين هر لحاظ کان اها تسلي ڪئي ويندي آهي ته ڪنهن به مسئلي جي صورت ۾ ڪهڙا ڪهڙا اُپاءُ هُجڻ کپن. خاص ڪري انهن جهازن لاءِ جن کي وسيع سمنڊ مٿان سفر ڪرڻو هوندو آهي ته انهن جي روٽ جو تعين اهڙي ريت ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن به مسئلي تي هو واپس موٽي اچڻ يا ڪنهن ويجهي مُلڪ ۾ لهي سگهڻ جيترو تيل ضرور رکندا هُجن. اهو به لازمي آهي ته ڪُجهه اهڙن هنڌن تان جهاز نه گُذرن جتي موسمي مسئلن جي گهڻائي ڪري سگنل جو مسئلو هوندو هُجي ۽ رابطن ۾ ڏُکيائي ٿئي. ڪٿي ته وري برمودا ٽرائي اينگل جهڙين زميني هنڌن مٿان گُذرڻ ته نا ممڪن آهي جتي زميني حالتون اهڙيون آهن جو عام ڪشش ثقل کان وٺي ٻي فزڪس جي سڄي ٿيوري فيل آهي ۽ هر شئي گُم ٿيو وڃي. اهڙن سڀني احتياطن باوجود جهازن سان حادثا ٿيڻ بعيد ناهي. اهڙو ئي هڪ ڪيس تازو ملائيشين ايئر سسٽم جي جهاز ايم ايڇ 370 سان ٿيو جڏهن اهو جهاز 8 مارچ تي آڌي رات جو ڪوالالمپور مان بيجنگ لاءِ اُڏاڻو جنهن کان پوءِ هڪ يا ٻه ڪلاڪن جي اندر ساڻس رابطو ٽُٽي ويو. جڏهن جهاز پنهنجي مقرر وقت صبح جو ساڍا ڇهه بجي تائين بيجنگ نه پُهتو ته ٻنهي طرفن ڏانهن ڳڻتي وڌي وئي. پهريان ته اهو سوچيو ويو ته جهاز ڪٿي سمنڊ ۾ ڪريش ٿي ڪري پيو. ڇو ته جهاز سان ڪو مسئلو هُجي ها ته انهيءَ وقت ويجهي ۾ ويجهي مُلڪ ويٽنام جي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي ضرور ٻُڌائي ها. پر جيئن ته پائلٽ پاران اهڙو ڪو به رابطو نه ٿيو هو تنهن ڪري اهو ئي مڃيو ويو ته جهاز ڪٿي سمنڊ ۾ ڪري پيو آهي. پر آخر ڪِٿي؟ ڇو ته هن جديد دؤر ۾ سيٽلائٽ ذريعي زمين جو انچ انچ ڏسڻ ممڪن ٿي پيو آهي ته جهاز جي ڪرڻ جو هنڌ معلوم ڪرڻ ته ڪو ايڏو ڏُکيو نه هو. پر وقت گُذرندو ويو ۽ معاملو پيچيده ٿيندو ويو. وچ ۾ توڙي جو اهي اطلاع آيا ته ويٽنام جي عملي سمنڊ تي تيل جي تهه ڏٺي جنهن مان اهو اندازو ٿئي ته اها ان جهاز جي تيل جي هئي پر ايئن نه هو. وري هڪ دفعو اهو اطلاع به آيو ته جهاز واپس مُڙيو هو. تنهنڪري وڌيڪ امڪان آهن ته جهاز ۾ فني خرابي ٿي هئي پر هو ڪٿي پُهچڻ کان پهرين ڪِري پيو. پر جلد ئي ملائيشيا جي آفيسرن انهن ٻنهي اطلاعن کي غير تصديق قرار ڏنو ڇو ته ٻنهي ڪيسز ۾ جهاز جو ملبو ملڻ گهُرجي ها جيڪو نه مليو. انهيءَ کان علاوه به ڪيئي ڪوڙيون سچيون افواهون نيٽ تي مختلف خبرن جي ايجنسين ۾ گردش ڪنديون رهيون ته اهو جهاز ميزائل سان اُڏاري زرا زرا ڪيو ويو. ڪڏهن اهو ته جهاز هائي جيڪ ٿي اهڙي هنڌ پُهتو آهي جيڪو لوڪيٽ نه پيو ٿئي. هڪ اطلاع اهو به ته ڪُجهه مسافرن جا فون آن آهن پر ڪال رسيو نه پيا ڪن. اهڙين سڀني ڳالهين تي نيچرل نيوز جي ايڊيٽر مائيڪ ايڊمز هڪ ڇه نُقاطي خيال پيش ڪيو آهي جيڪو سمجهه ۾ به اچي ٿو ۽ انتهائي حيران ڪندڙ به آهي، هن جو چوڻ آهي ته پهرين ڳالهه اها ته هر جهاز (بوئنگ 777 ۾ پڻ) هڪ انتهائي محفوظ بليڪ باڪس هوندو آهي جنهن ۾ پائلٽ روم (ڪاڪ پِٽ) جي هر ڳالهه رڪارڊ ٿيندي آهي. ٻي ڳالهه ته اهو بليڪ باڪس جهاز جي تباهه ٿيڻ کان پوءِ به سلامت رهي ٿو ۽ جهاز ڀلي سمنڊ ۾ ڪِري تڏهن به هڪ مهيني تائين اهو بليڪ باڪس ريڊار جي رينج ۾ هوندو آهي. مطلب ته ريڊار آساني سان بليڪ باڪس جي موجودگي جي نشاندهي ڪري سگهي ٿو. ٽين ڳالهه اها ته جهاز جا ڪيئي حِصا (خاص ڪري سيٽون) پاڻي ۾ ترنديون آهن. ايڏي وڏي تعداد ۾ ترندڙ شئي نه لڀڻ هڪ نه مڃڻ ڄوڳو مفروضو ئي ٿي سگهي ٿي. چوٿين ڳالهه اها ته جيڪڏهن جهاز ميزائل سان به تباهه ڪيو وڃي ها ته جهاز نه سهي ميزائل ته ريڊار کان ڳُجهو نه هُجي ها. پر اها به حقيقت آهي ته اڄ تائين ڪو اهڙو ميزائل ٺهيو ئي ناهي جو هڪ بوئنگ 777 جهڙي وڏي جهاز کي آسمان ۾ ئي زرا زرا ڪري ڇڏي. پنجين ڳالهه اها ته ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرول وٽ اها مُڪمل ڄاڻ هوندي ته اهو جهاز رابطي ٽُٽڻ مهل ڪٿي هو؟ جنهن کان پوءِ تباهه ٿيڻ تي انهيءَ جو ملبو ڪٿي ڪِري سگهي ٿو اهو اندازو لڳائڻ مُشڪل ناهي. جيئن ته اندازي سان تعين ڪيل ته ڇا پر انهيءَ جي آسپاس هڪ سؤ فيصد وڌيڪ ايريا به ڏسجي چُڪو آهي پر جهاز جو ڪو به حِصو ناهي ڏِساڻو. ڇهين ۽ آخري ڳالهه جيڪا انتهائي ڇِرڪائيندڙ آهي ته جهاز اغوا به ناهي ٿيو. ڇو ته جهاز اغوا ٿي سگهي ٿو. ڪي انتهائي هوشيار هائجيڪرز پائلٽ کي اهڙو سوگهو به ڪري سگهن ٿا جو هو ڪوڊ ورڊ ۾ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي به اطلاع نه ڏيئي سگهي. پر هُنن لاءِ اهو ڪرڻ نا ممڪن آهي ته هو جهاز کي ريڊار جي پُهچ کان لڪائي سگهن. هو جهاز کي ڪٿي به کڻي وڃن پر ريڊار تي اهو جهاز لوڪيٽ ٿيندو پيو. ڇو ته اڄ تائين اغوا ٿيل سڀني جهازن کي آرام سان لوڪيٽ ڪري ڏَسيو ويو آهي ته اهي فلاڻي هنڌ بيٺا آهن. انهي ڳالهه جي هائجيڪرس کي به خبر هوندي آهي ۽ هو بجاءِ جهاز لِڪائڻ جي يا دير ڪرڻ جي جلدي پنهنجا مُطالبا ظاهر ڪندا آهن. انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ ايڊمز اها تَت ڪڍي ٿو جهاز ڪنهن ماوراءِ فطرت شئي ئي عائب ڪيو آهي. ڇو ته اغوا ٿيو ناهي. ملبو مليو ناهي ته ٽين ڪا صورت بچي ئي نه ٿي. اطلاع اهي به آهن جهاز تي موجود ڪو اهڙو شاطر شخص هو جنهن ڪمال مهارت سان جهاز جو فني نظام اهڙي نموني ڄاڻي واڻي خراب ڪيو جو هاڻ اهو ڪٿي به ڊٽيڪٽ نه پيو ٿئي. ايئن هُجي به ته انهيءَ پُٺيان ان جا ڪهڙا مقصد ٿي سگهن ٿا اهو هڪ الڳ مُنجهارو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هاليووڊ جي فلمن ۾ ڏيکاريندا آهن ته ڪي خفتي بنا ڪنهن غرض جي بس پاڻ کي وڏو تيس مار خان ظاهر ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪندا آهن. پر هي ڪم ڪنهن جهڙي تهڙي جو نه ٿو لڳي. پر جيئن ته مسٽر ايڊمز جو رايو آهي يا ملائيشيا جي ايئر ڪنٽرول اٿارٽي به هيستائين جهاز جي غائب ٿيڻ کي هڪ معمو ئي قرار ڏِنو آهي ۽ جيڪڏهن خُدا نه ڪري واقعي ايئن آهي ته اهو هڪ انتهائي خطرناڪ اسرار هوندو ته هن ڌرتي تان 239 ماڻهو کڻي اُڏامندڙ وزني جهاز غائب ڪري سگهندڙ ڪا قوت به موجود آهي؟؟ يا وري هن ڌرتي تي ڪو ٻيو برمودا ٽرائي اينگل هُجڻ جو انڪشاف ٿيڻ وارو آهي.
برمودا ٽرائنگل واري معمي کي الطاف شيخ صاحب پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ Myth قرار ڏنو آهي.جيئن ڪتاب هٿ آيو ته هتي شيئر ڪندس.ان باري ۾ توهان تحيق ڪري پنهجي را ٻڌائيندا.
سائين لک جي شئي ۾ رَتي هضم ڪجي ته ڀلي. ادا سنڌي ٻولي ڏاڍي وسيع آهي. انهيءَ تي علاقائي اثر به آهن. ڪي لفظ هاڻي ٿوري بگاڙ سان لکت جو حصو به ٿين پيا ڪي اڃان نه ٿيا آهن. جيڪڏهن صحيح گرامر کي وٺو ته لفظ ڏُکن، سُکن به غلط آهن. ڏک ۾ اکر ک تي زبر هُجي ته جمع جيڪڏهن پيش هُجي ته واحد. پر ڳالهائڻ ۾ ڏُکن سُکن ايترو ورجايو ويو جو هاڻي لکڻ ۾ به اچي ويو. منهنج مطالعو ايترو گهڻو ناهي جو پنهنجي لکيل هر لفظ جي تصحيح ۽ تصديق ڪريان. پر هي لفظ خالد ڪنڀر جي ليک ۾ پڙهيو اٿم جيڪو پڻ اسان جي لاڙ پاسي جو آهي. ٿي سگهي ٿو هي لفظ اسان وٽ ڳالهائي ويندڙ سنڌي مان لکت ۾ اڃان عام نه ٿيو هُجي.
سائين تر جي گٿي سئو..... ٻڌو اٿو نه ؟؟؟؟ پر اسان توهانجي لک ته ٺهيو پر رتي جي شئي کي به لک جيترو سمجهو ٿا.... توهان ماڻهون هي اهڙا آهيو.
برمودا ٽرائينگل به الڳ معمو آهي جنهن کي به ڪير ناهي سمجهي سگهيو. ان جا ڪافي سارا وڊيوز يوٽيوب تي به موجود آهن. هيڏي وڏي آفت کي گلوبل اک کان لڪائي سگهڻ هون ته ممڪن بي ناهي.
سوشل ميڊيا تي ته ڪيئي ڳالهيون پيون هلن ۽ اهو به شوشو ڇڏيو ويو آهي ته اهو جهاز پاڪستان ۾ اغوا ڪري آندو ويو هوندو ۽ اها ڳالهه به آمريڪي ميڊيا پئي ڪري ... پر جهاز ۾ ايترو ٻارڻ به ناهي جو هو پاڪستان پهچي سگهي .... پر سائنسي دور جو هي واقعو واقعي ئي حيرت ۾ وجهندڙ آهي.
ٽرائينگل بابت مولانا عاصم عمر جي ڪتاب ۾ وڏي معلومات ڏني اٿس ، ڪتاب جو نالو ”برمودا تڪون اور دجال“ آهي. ڪتاب هر هنڌ ملي وڃي ٿو. ڳوٺ منهنجي لائبريري ۾ به پيل آهي. وقت ڪڍي ان جي ڪجهه صفحن جو سنڌي ترجمو انشا الله سنڌ سلامت تي شيئر ڪندس.