ڪچهريءَ جا مور ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

'لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ٻاهتر (72) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ڪچهريءَ جا مور ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو لکيل آهي، جڏهن ته حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي.

    لوڪ ادب ثقافت جو اهم جُز آهي. لوڪ ڏاهپ، ثقافت، ٻوليءَ جا ٺيٺ لفظ، روايتون، ريتون ۽ رسمون وغيره ان ذريعي نه رڳو سفر ڪن ٿيون ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿين ٿيون بلڪه محفوظ به ٿي وڃن ٿيون. اسان جا سُگهڙ ان سلسلي ۾ مُک ڪردار ادا ڪن ٿا. هُو مڪتبي تعليم نه هوندي به وڏا ڏاها ۽ ڄاڻو آهن. ڊاٽر ڪمال ڄامڙي پنهنجي هن ڪتاب ۾ 55 سگهڙن جا تعراف ۽ ڪلام شامل ڪرڻ سان گڏ سگهڙن جي تنظيمن ۽ سگهڙن جي ڇپيل ڪتابن ۽ ڪلام کي سهيڙي ڪارائتو ڪم ڪيو آهي، جنهن تي کيس جس هجي.

    اسان ٿورائتا آهيون مانواري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.




     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي لوڪ ادب جو جاکوڙي ڪردار [​IMG]ابراهيم لاشاري

    پنهنجي ديس جي سرزمين قدرت جي سمورن رنگ سان قديم زماني کان وٺي سر شار لڳي پئي آئي ۽ هميشه سرسبز ۽ ستائبي نظر ايندي رهندي ، پنهنجي وادي مهراڻ جي خيرپور ضلعي جي وڻندڙ خوبصورت خوشبوءَ واري مٽي جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي جو معزز شخصيت محترم لونگ خان ڄامڙي صاحب کي اهو اعزاز رب سائين کان حاصل آهي ته پهرين آگسٽ سال 1972ع اڱاري ڏهاڙي اڄ کان 46 سال اڳ هڪ موتين جهڙي پٽ جي نعمت سان نوازيو جنهن جو والدين ڇٺي جو نالو ( ڪمال ) رکيو اڳتي هلي هي سانوري جسم جي سگهاري ۽ ذهين انسان سنڌي ادب ۾ پنهنجي نالي جي حيٽيت کي اجاگر ڪندي واقعي اڄ ڏينهن تائين سنڌي ادب ۽ سنڌي لوڪ ادب ۾ ڪمال جهڙو عظيم ڪم ڪري ڏيکاريو آهي سندس ادبي ڪيل ڪم جو جديد دور ۾ ڪو مٽ ثاني نظر نٿو اچي خيرپور جي درازا حضرت سچل سرمت جي نگري ڀر سان راڻيپور جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ موجود گورنمينٽ پرائمري اسڪول کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته جڏهن ڪمال الدين ڄامڙو صاحب پڙهڻ واري وهي پهتو ته هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ واري اسڪول منجهان پنج درجا وڏي شوق سان پڙهي پورا ڪيا ، ڌرتي جي مورن جهڙي هن ذهين اديب ، شاعر ، محقق ، لوڪ ادب جو ڏاهو ، لطيف سرڪار جو پارکو ، محنت سان مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس جو امتحان راڻيپور منجهان پاس ڪري وڌيڪ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اباڻا ڪک ڇڏي وڃي ڪراچي وسايائين پڙهائي سان وڌيڪ شغف رکندي (بي _ اي آنرز ) جي سند ڪراچي يونيورسٽي منجهان حاصل ڪيائين تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ادب منجهه (ايم _ اي سنڌي ) پڻ ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪري ورتو بعد ۾ هن سنڌي ادب جو جاکوڙي ڪردار سال 1998ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽي منجهه شاهه لطيف چيئر ۾ (ريسرچ آفيسر ) رهي لطيف سائين جي ڪلام تي جهجي انداز ۾ وڻندڙ ۽ ڪمال جو ڪم ڪري پنهنجو نالو سنڌي ادب ۾ نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو سال 2000ع نئين صدي جي شروعات وارن ڏينهن ۾ سنڌي ادب جي محقق ، ليکڪ ، شاعر لطيف شناس پڙهڻ پڙهائڻ واري شعبي سان سلهاڙجي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري آگسٽ 2000ع ۾ (اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچي ) ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر پڻ ٿيو جتي هن محنت سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو تنهن بعد هن ذهين محقق ، ناليواري اديب لوڪ ادب تي هڪ بهترين مقالو ( سنڌو جا گيت ) لکي ڪراچي يونيورسٽي منجهان (پي _ ايڇ _ ڊي ) واري ڊگري پڻ حاصل ڪري سنڌي ادب جي جهول ۾ زبردست ڪمال جهڙي ڪوشش سان زينت ۾ وڌارو ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪيو سندس جو اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي سال 2008ع ۾ ڇپائي پڻ پڌرو ڪيو محترم ڪمال ڄامڙو صاحب جا سوين تحقيقي مقالا ، مضمون ، ۽ شاعري سنڌ جي مڙني اخبارن ۽ رسالن ، ميگزينس جي زينت بڻجندا رهن ٿا هو مسلسل سنڌي ادب کي پنهنجي قلم جي نب سان ڪيترائي ڪتاب اڄ ڏينهن تائين ڏيندي ٿڪاوٽ محسوس نٿو ڪري هن سنڌ جي برجستي ليکڪ ،اديب ، محقق ڏهن ڪتابن کان مٿي سنڌي ادب جي جهول دنيا ۾ ڪتاب ڏيندو رهي ٿو سندس ڪتابن جي فهرست هن طرح جڙي ٿي شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر ، سنڌي ثقافت جا امر آواز ، لطيف ذهني چٽا ڀيٽي ، سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت ، مقالا سومرن جي دور قومي ادبي ڪانفرنس ، ڪراچي جا اديب ۽ شاعر ، تو لکيو مون پڙهيو ، سرڪيڏاري بابت لکيل مقالا ، سنڌو جا گيت ، رسالو ڳجهارت، لوڪ رنگ لقمان جا ، ڪتيم ڪينڪي ، شاهه عبدالطيف ڀٽائي اينڊ صوفي پوئٽس آف پاڪستان لنگوئيج ، ۽ سنڌي ثقافت ڪا نيا دور ،۽ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن سان هن وقت تائين سنڌي ادب کي آسودي ڪرڻ ۾ پاڻ ڪمال جو ادبي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي سنڌ جو هي ڏاهو اديب ڪيترن ئي اخبارن رسالن ، ميگزين جو ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر واري ڪم سان به نڀائيدو پيو اچي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب پاڻ هڪ بهترين براڊڪاسٽر پڻ آهي ڪيترائي ورهن هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان پنهنجي مٺڙي آواز ۽ ڏات سان ثقافتي، ادبي پروگرام ڪندي نظر پڻ آيو آهي پاڻ هن وقت سنڌي ثقافت ۽ لوڪ ادب لاءِ راتو ڏينهن پاڻ پتوڙيندي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب نظر اچي ٿو سنڌ ڌرتي جو هي ڏاهو اديب محقق هن وقت پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري شعبي سان وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي منجهه سنڌي شعبي جو استاد طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي نظر اچي ٿو برجستي ۽ نماڻي طبعيت جي هن محقق اديب کي جس آهي جو هو رات ڏينهن سنڌي ادب جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب هن وقت ڪيترن ئي شاگردن جو سنڌي شعبي ۾ (ايم فل _ ۽ پي ايڇ ڊي ) جو گائيڊ پڻ آهي ڪيترئي شاگرد سندس کان هن وقت به فيضياب پڻ ٿيندا رهن ٿا منهنجي هن جاکوڙي اديب ، محقق ، ليکڪ ،لطيف شناس لاءِ دعا آهي ته هو سنڌي لوڪ ادب جي پنهنجي ڏاهپ ۽ ڏات سان اڃان وڌيڪ خدمت ڪندو رهي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب اڄ پهرين آگسٽ 2018 اربع ڏينهن هي نماڻي طبعيت ۽ حساس جذبن وارو اديب پنهنجي گهر واري عابده صاحبه ۽ پنهنجي اولاد سان گڏ ڪراچي واري گهر ۽ اڄ زندگي جي 46هين سالگرهه پڻ ملهائيندو سندس سالگرهه ڏينهن سنڌ جا مڙي اديب سندس کي جنم ڏڻ جون مبارڪون پڻ چوندا منهنجي هن سنڌ جي ڏاهي اديب لاءِ دعا ته رب سائين سندس صحت ۽ وڌيڪ سنڌي ادب ۽ قلم جي نب سان لکڻ جي سگهه عطاءَ ڪري

    ڏسپتو لاشاري هائوس واره​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو