فيس بوڪ رائونڊ اپ 7

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 7

    محمد سليمان وساڻ

    ٿر، ٿرين جي بيوسي ۽ سياستدانن جي لاپرواهي پورو هفتو فيس بوڪ جو موضوع رهي. وزير اعظم جي آمد، پ پ پ چيئرمين جي ٿر ۾ آمد، وزير اعلى سنڌ جي بيوسي، اسپتالن ۾ اڻهوند، ٿري عوام جا لٿل چهرا شاعريء جو به موضوع رهيا ته لکڻين ۽ مضمونن جا عنوان به رهيا. ٿر مان چونڊيل پيپلز پارٽي جي ايم پي اي مهيش ملاڻيءَ جي اها تصوير سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ رهي جنهن ۾ هو پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جا هٿ چمي رهيو آهي. ٿر ۾ خدمت جي حولي سان ڪيتريون ئي تنظيمون، شخصيتون ۽ ماڻهو ميدان ۾ لٿل آهن. اسان سڀني کي جس ڏيون ٿا پر ڪي اهڙا به آهن جيڪي اتي سياست پيا ڪن يا وري مورڳو تصويرون ڪڍرائڻ لاء ويل آهن. اهڙي رويي بابت دوست حسام ميمڻ لکيو آهي ”ڪجهه ماڻهو خدمت ڪندا آهن، پر اهڙي خدمت جيڪا انهن جو شوق هوندي آهي، تنهنڪري، خدمت تي گهٽ ڌيان هوندو آهي ۽ پنهنجون تصويرون ڪڍڻ/ڪڍائڻ تي گهڻو، ان مان اندازو ٿي ويندو آهي ته ڪير ڪيتري خدمت ڪري ٿو ۽ ان جا سبب ڇا آهن. باقي مڙيوئي خير آهي.“ هوڏانهن حڪومت ۽ طالبان جون ڳالهيون ۽ سنڌ ۾ افغانين جي آبادڪاري به اهم موضوع رهيا.

    تعليم هن هفتي به سوشل ميڊيا جي غير معمولي بحث واري موضوعن مان اهم موضوع رهيو. ڪمپيوٽر تي پيش ڪيل انڊس سليڪان جي علي حسن ملاح پاران تيار ڪيل پهرين سنڌي سکيا سافٽويئر به وڏي مڃتا ماڻي آهي. هن سافٽويئر ۾ تصويرن ۽ آوازن ذريعي ٻارن لاء سنڌي سکيا جا سبق رکيا ويا آهن. وزيوئل هجڻ ڪري ٻار جڏهن هڪ دفعو انهن شين کي ڏسندا ۽ سمجهندا ته گهڻو وقت اهي سڀ شين کين ياد رهنديون. هي سافٽويئر مفت ۾ پيش ڪري علي حسن ملاح اسان تي احسان ڪيو آهي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ ڊجيٽل سنڌي ڪتابن کي سهيڙڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هن هفتي به ڪيئي ڪتاب اپلوڊ ڪيا ويا آهن جن ۾ ڪچهريءَ جا مور (ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو)، احساس ختم ٿي ويو (عاجز عاشق تنيو)، ڳالهه ۾ ڳالهه (پارو ٺاڪر چاولا)، عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو (ڊاڪٽر نبي بخش قاضي)، ڏاهپ جو جنم (ڪارل مارڪس جي شخصيت ۽ عالمي نقطي نظر جي اوسر) ۽ منهنجو ماڳ منهنجون يادون (عطا محمد جسڪاڻي) شامل آهن.

    هندن جي خوشي جي ڏڻ هوليءَ جي واڌاين جا ميسيج فيس بوڪ تي هلي ئي رهيا هئا ته لاڙڪاڻي ۾ مقدس ڪتاب قرآن پاڪ کي ساڙڻ واري واقعي جي آڙ ۾ هندن جي مندر ساڙڻ ۽ انهن جي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جا واقعا ٿيا جن جي سڄي فيس بوڪ تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ان حوالي سان حبدار ابڙو لکيو ته ”اها سنڌين خلاف هڪ گھري سازش آهي، ته جيئن سموري سنڌ ۾ مذهبي انتشار پکيڙي سنڌين کي پاڻ ۾ ويڙهايو وڃي. انهيءُ لاءِ سمورا سنڌ دوست فورن پنهنجون ڪوششون شروع ڪن ته جيئن انهن سنڌ دشمن سازشن کي ناڪام بڻايو وڃي.“

    ملائيشيا جي جهاز جي اغوا ٿيڻ وارو واقعو به سوشل ميڊيا جي بحث جو حصو آهي. دنيا پريشان آهي ته ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ هيڏو وڏو جهاز ڪاڏي گم ٿي ويو آهي. ان حوال سان ممتاز قريشي لکيو آهي ” ملائيشيا جي جهاز کي آسمان کائي ويويا زمين يا سمنڊ ڳڙڪائي ويو؟ ڪنهن کي ڪا خبر ئي ناهي...!!هن واقعي کي ڏسندي برموده ٽرائينگل سان جڙيل واقعا ياد اچي ويا آهن، انهن جاين تان جيڪو به جهاز (هوائي يا سامونڊي) گذرندو آهي ته ماڻهن سوڌو غائب ٿي ويندو آهي ۽ پو ان جو ڪو ڏس پتو به ناهي ملندو پر ملائيشيا جو هي جهاز ان زون مان به ناهي گذريو“. جنم ڏينهن جي حوالي سان هن هفتي فيس بوڪ تي نامياري شاعر امداد حسيني، حليم باغي، ارم محبوب، محمد سليمان وساڻ ۽ عزيز قاسماڻي کي جنم ڏينهن جي مناسبت سان سهڻن ڪارڊن ذريعي واڌاين ڏنيون ويون ته ٻئي طرف موهن ڀڳت، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۽ حسين بخش خادم جي ورسي تي ڀيٽائون پيش ڪيون ويون.

    روزانه عوامي آواز 18 مارچ 2014
    ____

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 1

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 2

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 3

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 4

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 5

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 6

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 7

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 8

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 9

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 10
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 اپريل 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    بلڪل صحيح ، اسان سنڌين خلاف هڪ گهري سازش آهي. پر ان سازش کي سمجهڻ ته اسان سنڌين جي وس آهي ! ۽ سازشن کي ناڪام ڪرڻ اسان جي وس آهي ته پو اسان جا سنڌي ، صوفيت جي نالي تي صرف هڪ مذهب (هندو ڌرم) جي رکوالي ڇو پيا ڪن !.
    مون فيسبوڪ ڏٺو پر جيترو هندن جي عبادتگاهه جي بيحرمتي تي واويلا مچي آهي اوترو قرآن پاڪ جي بيحرمتي تي نه.. ۽ اسان جي سنڌ جا شاعر ۽ اديب پڻ قرآن پاڪ جي بيحرمتي تي ڪڏهن شعر ناهن لکندا. ۽ مُلن مولوين شاعري ذريعي خوار و خراب ڪندا آهن ته اهو مندر به مُلن ئي ساڙيو آهي يا بيحرمتي ڪئي آهي.

    قرآن شريف جي صورت الکافرون جي آيت آهي ته ” لَکُم دِينُکُم وَلِيَدِين“ (ترجمو: هُو پنهنجي دين تي ، توهان پنهنجي دين تي).. ته ڇا اسان عالم دين کان وڌيڪ پڙهيل آهيون ؟؟ جيڪي قرآن شريف جو درس ڏين ٿا ، ڇا اُهي اِن آيت سڳوري کي نٿا سمجهن ؟؟
    سڀ سمجهن ٿا، ۽ مونکي لڳي ٿو ته اها انتهاپسندي مولوي نه پر مولوين کي بدنام ڪرڻ لا عام ماڻهو ئي ڪري رهيا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو