• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مشهور ڀارتي صحافي، مصنف، ڪالم نگار ۽ ناول نگار خشونت سنگهه اڄ صبح دهلي ۾ انتقال ڪري ويو،

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1016954_10203158530822341_653455806_n.jpg



مشهور ڀارتي صحافي، مصنف، ڪالم نگار ۽ ناول نگار خشونت سنگهه اڄ صبح دهلي ۾ انتقال ڪري ويو، سندس عمر 99 سال هئي. سندس پيدائش 1915ع ۾ ضلع خوشاب جي ڳوٺ ۾ ٿي. ابتدائي تعليم دهلي ۽ وڌيڪ تعليم لاهور مان حاصل ڪيائين. اعلى تعليم ڪيمبرج يونيورسٽي مان حاصل ڪري لاهور ۾ وڪالت شروع ڪيائون. 1940ع کان سرڪاري ملازمت سبب ميڊيا سان واسطو پيس ۽ 1951ع ۾ صحافي طور آل انڊيا ريڊيو تي نوڪري شروع ڪيائين. هن 30 کان وڌيڪ ناول ۽ 80 کن ڪتاب لکيا. اي ٽرين ٽو پاڪستان ناول تي کيس عالمي اوارڊ به مليا. هن سکن بابت تاريخي ڪتاب هسٽري آف سک پڻ لکيو آهي. سياست ۾ به رهيو ۽ 1980 کان 1986ع تائين راجيه سڀا جو ميمبر پڻ رهيو.
 
Back
Top