سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر چوهتر (74) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”دليون درسگاهون“ سنڌ جي بهترين شاعره عائشه ميمڻ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. عائشه ميمڻ تمام ٿوري عرصي ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته هو رخسانه پريت ۽ روبينه ابڙو کان پوء به عورت شاعرائون پختي شاعري ڪري رهيون آهن.
اسين ٿورائتا آهيون ادي عائشه ميمڻ جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ قرب پياري دوست مرتضى لغاريءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني. هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.
ڦٽايو نه محفل، اُٿي ٿا وڃون،
اسان خير آ جي، ڏکي ٿا وڃون!
اگر ڏاڍ هوندو، ته آهيون اُڀا،
اگر پيار آهي، جـﮬـڪي ٿا وڃون!
جتي قرب ڪوٺيو، اسان کي اتي،
سچي يار هڪ دم، ڊڪي ٿا وڃون!
جڏهن بي رخيءَ مان، اسان ڏي ڏسو،
ته بيساهه ٿي ڄڻ سڪي ٿا وڃون!
ڀلي سُور مرڪي، اسان کي ڏيو،
نه ٿي رنج راڻا، لڇي ٿا وڃون.
اوهانجي اکين جون نهارون تکيون،
وڏي شوق سان من، ڪسي ٿا وڃون!
اسان خير آ جي، ڏکي ٿا وڃون!
اگر ڏاڍ هوندو، ته آهيون اُڀا،
اگر پيار آهي، جـﮬـڪي ٿا وڃون!
جتي قرب ڪوٺيو، اسان کي اتي،
سچي يار هڪ دم، ڊڪي ٿا وڃون!
جڏهن بي رخيءَ مان، اسان ڏي ڏسو،
ته بيساهه ٿي ڄڻ سڪي ٿا وڃون!
ڀلي سُور مرڪي، اسان کي ڏيو،
نه ٿي رنج راڻا، لڇي ٿا وڃون.
اوهانجي اکين جون نهارون تکيون،
وڏي شوق سان من، ڪسي ٿا وڃون!
سدا عائشه’ ياد، رهندا سڄڻ،
متان ايئن ڀانيو، رسي ٿا وڃون!
متان ايئن ڀانيو، رسي ٿا وڃون!