ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾سنڌين جو تقريبون اپريل ۾

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾سنڌين جو تقريبون اپريل ۾
    [​IMG]
    1. اڄ 28 مارچ تي سنڌ جي تعليم کاتي جو پروگرام 3 وڳي کان 6 وڳي تائين آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا آفيسر ۽ سينئر وزير نثار احمد کهڙو درسي ڪتابن جي ورهاست ۽ طريقن تي ڳالهائيندا. اهو پروگرام آرٽس ڪائونسل جي آڊيٽوريم ۾ ٿي رهيو آهي.
    2. 28 مارچ تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ رٿيل “صوفين سان شام” جي حوالي سان ٿيڻي هئي اها ملتوي ڪئي وئي آهي. نئون پروگرام ميزبان اپريل ۾ ڪرڻ چاهين ٿا. ان جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. ....
    3. اپريل 5 جي شام جو 4 بجي کان 5 بجي تائين (ڪتاب جي مهورت) شريڪ پروفيسر اعجاز قريشي ۽ ٻيا.
    4. آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامي جي ٻيهر شروعات
    اوهان سهڪار ۽ دعا ڪجو، سنڌي ڊراما اوهان کي جتي ڪٿي ملندا.
    5 اپريل تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٻيو اهم پروگرام نوٽ ڪندا. ٽائيم ڪڍندا.
    رات 8 وڳي سنڌي اسٽيج ڊرامو ..... شادي ضرور ٿيندي.... پيش ڪيو ويندو. هي ڊرامو مرحوم رشيد صابر جو لکيل آهي.... جنهن ۾ نجمه ڪاوش، علي گل ملاح، سهراب سومرو ۽ بيا اداڪاري ڪندا.
    اداڪارن کي سونو هار اعزاز طور ڏنو ويندو. هي ڊرامو مفت آهي. ان جي داخلا مفت آهي. اهو فيملي سان ڏسي سگهجي ٿو. سنڌي اسٽيج ٿيئٽر جي ٻيهر بحالي ... عابد نويد.. خير محمد ... صلاح الدين تنيو، گلاب چانڊيو... ۽ آرٽس ڪائونسل جي سهڪار سان ٿي رهي آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو