عوامي ۽ انقلابي آواز شهيد ذوالفقار علي ڀٽو

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ زاھد حيدر ملاح طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2014۔

  1. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    عوامي ۽ انقلابي آواز شهيد ذوالفقار علي ڀٽو

    منظور حسين وساڻ

    [​IMG][​IMG]
    4اپريل 1979 تي صبح ڌاري ريڊيو تي نشر ٿيل هڪ خبر ڪروڙين دلين جي ڌڙڪن ڪجهه گهڙين لاءِ بند ڪري ڇڏي،هر اک آلي هئي،هر گهر ۾ هڪ افراتفري ۽ قيامت جي ڏينهن جهڙو منظر هو،ڪميونيڪيشن ۽ مواصلاتي ذريعن جي اڻهوند سبب ماڻهو ڏاڍا پريشان هئا ، بي بي سي ، آل انڊيا ريڊيو ۽ ٻين عالمي نشرياتي ادارن جون خبرون ٻڌڻ لاءِ هر ماڻهو ريڊيو جو سهارو وٺندي ان خبر جي تصديق ۽ تفصيل معلوم ڪرڻ ۾ لڳي ويو.اها خبر اها هئي ته پهرين چونڊيل وزيراعظم قائد عوام ذوالفقارعلي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي. ماڻهن تي ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويو،هر طرف فوجي لانگ بوٽن جا آواز هئا،ملڪ تي ڪاري آمريت جو راڄ هو. ملڪ جي عوامي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جيل يا ملڪ بدر هئي جڏهن ته ڪجهه اقتداري عنصر ڪنڊائتا ٿي پاڻ لڪائڻ لڳا. پاڪستان جو مظلوم ۽ جمهوري عوام ان خبر کي پاڻ مٿان ايٽم بم جو حملو قرار ڏيندي روڊن تي نڪري آيو.ڪيئي ڪونڌر ڪٺا ويا، راهه ويندي ماريا ويا،هر طرف روڄ ۽ راڙو هو.هر اک آلي هئي،هاري،مزدور،نوجوان، ٻڍا توڙي ٻار ۽ عورتون پار ڪڍي روئي رهيون هيون، ائين لڳي رهيو هو جڻ هر گهر جو ڀاتي شهيد ٿيو هجي.


    5 جنوري 1928 تي سر شاهنواز ڀٽو جي لاڙڪاڻي واري گهر ۾ جنم وٺندڙ ذوالفقارعلي ڀٽو هڪ اهڙي دور ۾ پيدا ٿيو جڌهن دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهايل هئي، جڏهن ته دنيا جا اڪثر ملڪ تڏهوڪي سوويت يونين يا آمريڪي بلاڪ ۾ پاڻ کي سلهاڙي ٻنهي عالمي سپر پاورس جي جهيڙي ۽ مفادن واري جنگ ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح جڪڙيل هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ وڏي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس تعليم توڙي تربيت پڻ دنيا جي وڏن تعليمي ادارن مان ٿي پر هو جڏهن تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پاڪستان جي سياسي دنيا ۾ داخل ٿيو ته سندس ذهن ۾ هڪ انقلابي تصور ۽ خيال هو.هن چاهيوپئي ته هو پاڪستان کي هڪ خودمختيار، خوددار ، خود ڪفيل، اسلامي فلاحي ۽ جمهوري ملڪ طور دنيا جي نقشي تي آڻي اهو ثابت ڪجي ته اسان ڪنهن به سپر پاور بدران عوامي سپر پاور تي يقين رکون ٿا .شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جنرل ايوب جي ڪا بينا مان الڳ ٿيندي هڪ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو،شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو طاقت جو سرچشمو عوام کي قرار ڏيندي عوام جي دلين جي ڌڙڪن بنجي ويو.هن ٿوري ئي عرصي اندر پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ جا طوفاني دورا ڪيا ،جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته پاڪستان جا مظلوم ، محروم ماڻهو ، شاگرد، هاري، عورتون، ٻڍا ۽ ٻار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت هيٺ روڊن تي نڪري پيا، ملڪ اندر هڪ عوامي ،جمهوري انقلاب جون راهون هموار ٿي ويون. عوام کي زبان ملي وئي، شاگردن ، هارين ۽ مزدورن کي تنظيم ۽ تحريڪ ملي وئي،ملڪ اندر جمهوري هلچل تيز ٿي وئي ته ان دوران 1971 دوران بنگال وارو واقعو پيش آيو.ان واقعي جي نتيجي ۾ بنگلاديش جي نالي سان هڪ الڳ رياست وجود ۾ آئي. باقي بچيل پاڪستان جون حالتون انتهائي بدحالي واريون ٿي ويون، پاڪستان جا فوجي جوان ڀارت جي قيد ۾ هليا ويا،ملڪ ۾ هڪ مايوسي وارو عالم هو. اهڙي صورتحال ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي ذهين ۽ سياسي بصيرت رکندڙ شخصيت جو ڪمال هو ته هن نه صرف ملڪ کي ان هنگامي حالتن مان ڪڍيو پر پاڪستان جي فوج جو مورال بلند ڪيو ۽ ملڪي ادارن کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪندي ملڪ کي انارڪي واري ماحول مان ڪڍي دنيا تي اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان هڪ آزاد جمهوري ، فلاحي ۽ اسلامي رياست طور موجود آهي ۽ رهندو ۽ پاڪستان جي قيادت ۾ اهي سڀ صلاحيتون موجود آهن ، جيڪي ڪنهن ملڪ کي هلائڻ لاءِ سياسي ليڊرشپ وٽ هجڻ گهرجن.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جهان جي مختلف ملڪن جا دورا ڪيا، اسلامي ملڪن کان معاشي سگهارو ٿيڻ لاءِ مالي مدد پڻ ورتي،پاڪستاني فوج کي سگهارو ۽ مضبوط ڪيو.ٽئين دنيا جو نعرو هڻي ٻنهي سپر پاورس تي اهو ثابت ڪيو ته دنيا ۾ اهڙا ملڪ به آهن، جيڪي ڪنهن به سپر پاور جو ڳيجهو بنجي هلڻ بدران آزاد ۽ خودمختيار طور هلڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي 1973 جو متفقه آئين ڏنو،ملڪ اندر زرعي سڌارا ڪيا،هارين، مزدورن کي طاقت ڏني، شاگردن کي اڳتي آندو،بي زبان عوام کي ڳالهائڻ، پنهنجا حق گهرڻ ۽ جاگيردارن سان اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهائڻ لاءِ ووٽ جي طاقت ڏيندي واضح ڪيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، اهو عوام ئي اصل قوت آهي، جيڪو فيصلو ڪندو ته ملڪ تي حڪمراني ڪير ڪندو. ڪنهن به فوجي آمر يا سپر پاور کي اهو اختيار ناهي ته پاڪستان جي ماڻهن جي مستقبل جا فيصلا ڪري، اهو اختيار فقط هن ملڪ جي عوام کي ئي آهي.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سپر پاورس کي للڪاريندي پاڪستان کي هڪ جوهري طاقت بنائڻ لاءِ پيش قدمي ڪئي.انهن سڀني ڳالهين کي عالمي طاقتن غور سان پئي ڏٺو، پاڪستان جي جاگرافيائي صورتحال، افغانستان ۾ سوويت يونين جو داخل ٿيڻ ۽ دنيا ۾ تيزي سان جمهوري رياستن جي آزادي ۽ قومي تحريڪن جو اڀرڻ اهڙا واقعا هئا، جن عالمي قوتن کي مجبور ڪيو ته هو ڪرائي جي قاتل فوجي آمر جنرل ضياءِ کي هشي ڏئي دنيا جي هن عظيم انقلابي اڳواڻ کي هڪ ڪوڙي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪرايو ۽ آخرڪار هن عظيم هيري کي 4 اپريل 1979 ۾ اسان کان هميشهه لاءِ ڦري ورتو،شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت هڪ شخص يا ليڊر جي شهادت يا موت نه پر هڪ سوچ، هڪ تحريڪ ۽ هڪ انقلاب کي روڪڻ واري سازش هئي،پر انهن قوتن کي ڪهڙي خبر ته جيڪي عظيم انسان ماڻهن جي دلين ۽ روحن تي راڄ ڪندا آهن ، انهن کي ڪابه طاقت جسماني طور تي الڳ ڪري سگهندي آهي پر روحن تي راڄ ڪندڙ امر انسانن کي هميشه لاِءِ امر ڪري ڇڏيندي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي شهيد راڻي بينِظيرڀٽو تائين شهادت جو سفر جاري آهي،شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کان وٺي شهيد بينظيرڀٽو تائين شهيد قيامت تائين پاڪستان سميت دنيا جي مظلوم، مجبور ، محڪوم ۽ جمهوريت پسند عوام جي رهنمائي ۽ سرواڻي ڪندا رهندا جڏهن ته غير جمهوري ، عوام دشمن ۽ دقيانوسي سوچ رکندڙ قوتن کي هر دور ۾ شڪست فاش ايندي رهندي، اهو تاريخ جو فيصلو آهي ۽ تاريخ ڪنهن سان به بي انصافي نه ڪندي آهي.اڄ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي شهادت کي 35سال گذري ويا آهن پر شهيد ڀٽو عوام جي دلين ۾ ڌڙڪي رهيو آهي.ڇوته ڀٽو هڪ تاريخ ساز عوامي شخصيت هو، جنهن موت کي به مات ڏئي تاريخ رقم ڪري ڇڏي.ڀٽو شهيد آهي، شهيد مرندا ناهن.جيئن هڪ شاعر چيوآهي ته

    شهيد ڪي جو موت هي، وه قوم ڪي حيات هي

    جمعو 4 اپريل 2014ع، 3 جمادي الثاني 1435هه، عوامي آواز جي ٿورن سان.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو