وسيم آڪاش سيتائي جي ڪتاب هوائن ڇير ڇمڪائي تي لکيل ڪجهه سٽون

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ٻوسٽ وارو ماحول ۽ ڇير جي ڇمڪار

    محمد سليمان وساڻ

    پياري دوست، شاعريء جي ڪئنواس تي پوپٽ جهڙا رنگ چٽنيدڙ ۽ اسان جي ٽهيءَ جي شاعر وسيم آڪاش سيتائي جي احساسن تي مشتمل سندس شاعريء جو پهريون مجموعو ”هوائن ڇير ڇمڪائي“ انهن ڏينهن ۾ ڇپيو آهي جڏهن سنڌ جي فضا گهُٽ ۽ ٻوسٽ ماري ماحول ۾ آهي. اهڙي وقت ۾ وسيم آڪاش پنهنجي شعرن ۽ قلم جي نوڪ سان رنگين شعر جوڙي هوائن ذريعي ڇيرين کي ڇمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وسيم آڪاش جي شاعري ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا تي پڙهندو رهيو آهيان، سندس احساس هن جي تخليقن مان پڙهي اها پروڙ پيم ته سندس وٽ لفظن جو اڻ ڳڻيو خزانو آهي جنهن کي هو شاعريء جا ويس پارائي اسان سان شيئر ڪري ٿو. وسيم جي شاعريء مان لڳي ٿو ته سندس شاعري انهن گلن جيان آهي جيڪي پاڻ ته وکري وڃن ٿا پر انهن جي خوشبو ماحول کي معطر بڻائي رکي ٿي. سندس لفظن جي مالها ۾ سپنن جون سندرتائون به آهن ته شاعريءَ جون سڀئي حُسناڪيون به موجود آهن. سندس احساس ته ڏسو جو هو عشق کي ئي پنهنجي پناهه گاهه بڻائي ويٺو آهي :

    درد جي درسگاھَ ۾ آهيون!
    عشق! تُنهنجي پناھَ ۾ آهيون!


    وسيم آڪاش جي شاعريءَ ۾ سنڌ سان عشق به سمايل آهي ته اتي مجازي عشق جي به جهلڪ نمايان آهي. سندس لفظ رولاڪ بڻجي در در سدا هڻن ٿا ۽ سچائي جي ڳولها ڪن ٿا. سندس شاعريء ۾ اميد جي جهلڪ به عيان آهي، جتي هو رواجي شاعري ڪري ٿو اتي هو سماج جي ڏاڍ کي به نندي ٿو. وسيم دلرباين، دلڪشين ۽ حسناڪين جي ڳولها جو شاعر آهي. دنيا جي اڪثر شاعرن وانگر آڪاش جي شاعريء جو بنيادي محرڪ به عشق ئي آهي، اهو عشق جيڪو جيئڻ جو سبب آهي:

    ”آڪاش“ شاعري جي ڪهڙي خبر اسان کي،
    هي روڳ عشق جو آ، جيڪو وڏو بحر آ !


    سندس شاعريءَ جو هي سهڻو ۽ دلڪش رنگن سان سجايل ڪتاب ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي جنهن جو مهاڳ مهان شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي. سونهن، سندرتا، سچ، محبت ۽ ڪائنات جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ وسيم آڪاش سيتائي لاء دعاگو آهيان ته سدا خوش هجي ۽ سندس قلم ۾ شاعرانه دلڪشي جو سحر سدائين سلامت ۽ قائم رهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو