عاجز اڄڻ، جنهن کي سنڌ صدين تائين ساريندي
حبيب لغاري
منفرد ماڻهو اسانجو دوست، استاد ۽ سنڌ جو ڀلوڙ شاعر عاجز اڄڻ به نائين اپريل 2013ع تي هميشه لاءِ الوداع چئي ويو، سندس بي مدائتي موڪلاڻي جتي اسان پارن دوستن جي جيءَ کي جھوري وڌو اُتي وري ادب جي دنيا ۾ به سوڳوارين جو تڏو وڇائجي ويو، سندس وڇوڙي تي سڀني جي حالت بلڪل اهڙي هئي جيئن سائين عاجز لکيو ته:
چيم دل کي روئين ڇوٿي چيائين يار وڇڙي ويو
ڪيو مون پيار هو جنهن سان اهو دلدار وڇڙي ويو
عاجزي انڪساري، محبت ۽ ماڻهپي سان سرشار طبيعت جو مالڪ عاجز اڄڻ جڏهن بيمار ٿي اسپتال داخل اچي ٿيو هو تڏهن هن نه دوستن جي شڪايت ڪئي هُئي نه وري حڪومتي اختيارين اڳيان هٿ ٽنگيو هئائين، چيو هئائين ته ” ماڻهو جي نصيب ۾ جتي ماني لکيل هوندي آهي ان کي اُتي ئي نصيب ٿيندي آهي، حبيب ڏس هن اسپتال جي ماني نصيب ۾ لکيل هئي تڏهن ته اچي داخل ٿيو آهيان“ ۽ هن ڊاڪٽر بابت به شڪايت ڪندي چيو هو ته ”ڊاڪٽر پُڇي ٿو گھڻا پئسا کڻي آيو آهين“، هن ته آخري لمحن تائين حوصلو نه ڇڏيو هو، هن ئي ته چيو هوته ”خدا ڇاڪندو وڌ مان وڌ ماريندو نه، پر ايتري پڪ ضرور آهي ته هو ڏاڍو مهربان آهي اڪيلو ڪونه ڇڏيندو“ نيٺ ڪُجھ ڏينهن پُڄاڻان ڊاڪٽرن به عاجز کي اهو چئي گھر موٽائي ڇڏيو ته هاڻ اوهان جي طبيعت صحيح آهي اوهان گھر موٽي وڃو، هن جي گھر موٽي وڃڻ تي اسان سڀ دوست خوش هئاسين ته هاڻ هو ٺيڪ ٿي ويو آهي، پر اسان کي ڪهڙي خبر ته هو ڪُجھ ڏينهن جو مهمان آهي اسان وٽ، رات جي سانت ۾ جڏهن ستارن سرگوشيون پئي ڪيون ۽ جڏهن اٺين تاريخ پنهنجو پاسو بدلايو ۽ جڏهن اپريل جي نائين تاريخ ۾ تبديل ٿي تنهن وقت رات دير سان آيل ميسيج جيءَ کي جهوري وڌو، سائين عاجز اڄڻ جي موت جي جڏهن خبر پئي، اکيون آليون ٿي ويون. سچ پچ ته هڪ دلربا دوست ۽ عظيم انسان کان محروم ٿي وياسين، اڄ جڏهن سندس وڇوڙي تي يادگيرين جا ورق ورايان ٿو، تڏهن انيڪ ساروڻيون ذهن جي صحن تي لهي اچن ٿيون، ننڍي هوندي جڏهن اڃا ايف ايم چئنل نه آيا هئا، تڏهن ريڊيو حيدرآباد تي هلندڙ گيتن عاجز اڄڻ جي نالي کان آشنا ڪيو هو، گھر جي اڱڻ تي بيٺل ٻٻر جي ڇانو هيٺان ويهي جڏهن ريڊيو ٻڌندا هئاسين تڏهن ئي عاجز اڄڻ جي نالي جي خبر پئي، ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي هئي، شاعريءَ ۾ خوبصورت لفظ ڀريندڙ هن شاعر سان ملاقات ڪجي، وڏي وقت کانپوءِ مئي2010ع تي سانگهڙ جي سر زمين تي سائين عاجز سان پهرين ملاقات ٿي هئي، اصل ۾ ٿيو هينئن جو سائين نسيم بلوچ جي آيل فون ته هينئر جو هينئر مون وٽ پهچ، چيومانس مصروف آهيان پر ڪونه مڙيو، نيٺ نسيم وٽ سندس آفيس پهتس ته سائين عاجز سان ملاقات ٿي، ڳالهين جا ڳوٺ اڏيندي دوستيءَ جو رشتو قائم ٿي ويو، سائين عاجز اڄڻ جي شخصيت ۾ ڪٿي به ڪا وڏائي نه هئي، هماليه جيڏو حوصلو رکندڙ هن شخص سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ وڪالت جي ڊگري به حاصل ڪئي، انگريزيءَ جي سٺي ڄاڻ هوندي به هن هميشه ڪچهرين ۽ شاعريءَ ۾ نج سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ڪتب آندا، ننڍن توڙي وڏن کي هڪ جيتري محبت ڏيندڙ هن شخص جو ڳوٺ سانگهڙ کان پر ڀرو ارڙهون ميل موريءَ وٽ اڄ به آباد آهي. هن جي شاعريءَ کي ڦوٽي زرداري ۽ انور حسين وسطڙي سميت سنڌ جي مختلف فنڪارن ڳايو، هن جتي دل جي دردن کي قلمبند ڪيو، اُتي سنڌ جي سورن کي به نه وساريو هو، هن جتي ”لکي خط سڄڻ ڏي، سڀئي سور سلبا، روئڻ کان نماڻا، نه هي نيڻ جهلبا.“ لکيو اتي هن ”ڏاڍن جي هن ڏيهه ۾، سنڌڙي تنهنجو نانءُ“ واريون سٽون به سرجيون. سائين عاجز اڄڻ جي توڙي جو ڪيترن ئي ڪتابن جيتري شاعري اڻ ڇپيل آهي، پر سندس ويجهڙائيءَ ۾ هڪ شعري مجموعو ”عشق آڏيري ول“ به ڇپجي چڪو آهي، موتين جھڙو ماڻهو عاجز اڄڻ جڏهن به سانگھڙ جا پٽ پُڇائيندو هو تڏهن هو مونسان ضرور ملندو هو، پر جڏهن يونيورسٽي ۾ داخلا ٿيڻ پُڄاڻان مون اچي ڄامشوري جا پٽ آباد ڪيا تڏهن اڪثر هن سان فون تي ڳالهين جا ڳوٺ کولبا هئا، آخري وقت ۾ جڏهن اوچتو بيماري سبب پاڻ کي کڻائي اچي اسريٰ ۾ داخل ٿيو تڏهن آئون هن سان ملڻ ويو هئس، هو عجيب ماڻهو هو شايد انهي جي ڪري ئي ڪتابن ۽ قلم سان گڏ دوستيون به هن لاءِ اُتساهه جو سبب رهيون، دلبرين جي جھان ۾ هن لفظن جا پوپٽ اُڏاريا هئا، هن جتي دل جي دردن کي قلمبند ڪيو, اُتي هن ڌرتي جي سورن کي به نه وساريو، توڙي جو هو ڪنهن ڳوٺ مان لڏي ويندڙ قافلي جھڙو قلمڪار هو، پر هن جڏهن به پوپٽ جي پرن جھڙا نظم تخليق ڪيا تڏهن سچ ته هن دردوند دلين جي ترجماني ٿي ڪئي. هن جي المين تي توڙي جو ڪنهن قلم نه کنيو پر هن دل جي دردن کان وڌيڪ عام ماڻهن جي دردن کي اهميت ڏني آخري وقت تائين جتي هن ڪتابن سان دوستي ۽ دلبري نڀائي اُتي هن شاعري سان به لنئون لڳائي رکي. جڏهن هن کي هيپاٽائيٽس جي بيماري نهوڙي وڌو، پر تڏهن به هن ان بيماري کي ظاهر ٿيڻ نه ڏنو، مصيبت جي لمحن ۾ به هُن ڪڏهن ڪنهن اڳيان هٿ نه ٽنگيو، هن پنهنجو وقت صبر ۽ شڪر سان گذاريو، هو جيترو بهترين انسان هو اوتروئي خوبصورت شاعر هو، سائين عاجز اڄڻ جي هڪ ڪافي اڄ به ٻهراڙي ۾ ٿيندڙ موسيقي جي محفلن ۾ ڳائي وڃي ٿي ڪيڏي نه خوبصورت ڪافي آهي ته:
گُم هوش ٿي وڃن سڀ، ڪو غم رهي نه باقي،
اهڙي پيار ساقي، اهڙي پيار ساقي
سرڪي جي ڪاڻ سُڏڪي ٻيئي ٻڌيوسين ٻانهون
ساقي اڳيان سڀن جون مجبور تر نگاهون
هر هر کڄن ٿيون نظرون دلبر ڏي دردناڪي
اهڙي پيار ساقي، اهڙي پيار ساقي
ٻولي جو بهترين نموني استعمال ڪرڻ سچ ته ڪو سائين عاجز جي شاعري مان سکي ، هن جي سموري شاعري ۾ ڪٿي به ڪنهن ڌاري ٻولي جو لفظ نظر نه ايندو، هو دلين جو ترجمان شاعر هئڻ سان گڏ منفرد ماڻهو به هو، هن آمريت واري دور ۾ ضياءَ جي ظلم خلاف آواز اٿاريو ۽ وڏي واڪي هن چئي ڏنو ته:
ستم ڪيستائين ظلم ڪيستائين
اڃان سنڌ سهندي زخم ڪيستائين
اڃان ڪيسين مظلوم بيڏوهه مرندا
۽ جابر جا ڍڪبا جرم ڪيستائين
هو سورن هاڻي سنڌ جو آواز هو، اڄ به جڏهن سانگھڙ جي سرزمين تي ڪا محفل مچي ٿي جڏهن به ڪو ادبي ميڙاڪو ٿئي ٿو تڏهن اسان کي سائين عاجز ڏاڍو ياد اچي ٿو.