ماضيءَ جي مقتل گاهن کي به مات

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سهيل صديقي طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2014۔

  1. سهيل صديقي

    سهيل صديقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 مارچ 2014
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    سوشل ڊولپمنٽ پراڪٽشنر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    امن، دوستي، ڀائيچارو، سک، شانتيون، محبت، قرب سڀ ڪلورن ۾ بدلجندي مون اکين سان ڏٺا آهن. امن جي آس کڻي، دوستيءَ جا درس، ڀائيچاري جا بهشت، سکن جا ساهه، محبت جا ميڙ ۽ قربن جا قرار هڪ ڀيرو ٻيهر هن ملڪ مٿان نه ڄاڻ ته ڪڏهن ٿيندا. هن ملڪ جون سڄاڻ ڌريون شايد جيڪي تمام ٿوري تعداد ۾ آهن. ٿڌڙين هوائن سان برسات جي ڳولا ۾ منتظرآهن. روز صبح جو سج ڪرڻن سان نوان ڪي ڏک ڏيندڙ نياپا کنيو ٿو اچي. ملڪ جي حدن ۾ چوڌاري رڳو رت ۽ موت جا نظارا آهن. خيبرپختونخواه هجي يا بلوچستان، سنڌ هجي يا پنجاب ڪوئي سک ۾ نظر نٿو اچي. دهشتگرديءَ هن ملڪ، سماج ۽ عوام جون پاڙون ئي ڪمزور ڪري ڇڏيون آهن. اهڙي ته انارڪي جي هوا هلي آهي جو ملڪ جون حڪومتون به لاچار، بيوس ۽ گوڏا کوڙيل نظر اچن ٿيون. معيشت ۽ سياحت آخري پساهن ۾ آهن. اُهي جوان جن پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي غريب عوام کي لتون ۽ بوٽ ڏيکاريا سي به اڄ ڏسو ته ديوارن جي پويان بيٺل پيا نظر اچن. اها ڪنهن جي ڪاميابي نه بلڪه اسان سڄي ملڪ جي غريب عوام جي ناڪامي آهي. ڇو ته ان غريب عوام جو تحفظ ذميواري ڪير به کڻڻ لاءِ تيار نظر نٿو اچي نه وري غريب عوام جي ٿيندڙ نقصان جو ازالو ئي ٿيندي نظر اچي ٿو. ملڪ جا ذميوار سياستدان رڳو پنهنجي سياست کي چمڪائڻ خاطر روز بيانن جا انبار پيا گڏ ڪن ۽ هر ڪو پنهنجي ٽوپي ۽ پٽڪي بچائڻ ۾ رڌل نظر اچي ٿو. عوام کي روز نيا نياپا ڏنا پيا وڃن ۽ صبر تحمل ڪرڻ جي تلقين ڏني پئي وڃي.

    تاريخ جي ورقن ۾ هاڻي هي ملڪ ماضيءَ جي مقتل گاهن کي مات ڏئي چڪو آهي. صبح جو اخبار پڙهجي ٿي ته ڪراچيءَ ۾ روز بدترين دهشتگرديءَ ۽ سراسري 12 کان 13 ماڻهن جي قتل جي خبرته ڄڻ معمول بڻيل آهي. ٻي پاسي بلوچستان جا حالات به دل ڏکائيندڙ آهن. مستونگ هجي يا چارسده، اتر وزيرستان هجي يا فاٽا، ڪراچيءَ جو گڏاپ ۽ لياري هجي يا ڊيرا آدم خيل چوماسي بي حسيءَ تي لکجي ته ڇا لکجي. هڪ مستنڌ ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب 2005 کان هن مهل تائين 23160 عام عوام جو کاڄ ٿي ويو آهي جنهن جو نه ڪنهن کي خيال آهي ۽ نه ڪنهن انهن خاندانن جو تدارڪ ڪيو. دهشتگردي ڪينسر جي مرض وانگر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ڦهلجندي پئي وڃي ۽ ٻن منهن واري ڀلا وانگر هر پاسي کان پئي وار ڪري. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اسان جي غلطي ڪٿي آهي جو اسين ان بيماريءَ جو خاتمو آڻڻ ۾ ناڪام ويا آهيون. ائين ٿو لڳي ڄڻ دهشتگرديءَ اسان کي پنڊپهڻ ڪري ڇڏيو هجي. ٻين لفظن ۾ ڄڻ اسين ڪنهن غار ۾ هجون جنهن منجهان نڪرڻ جو ڪو رستو ئي نه هجي. هاڻي سوچڻ جي ضرورت اها آهي ته ڪيئن اسين ان اڀ ڏاريندڙ مسئلي کي حل ڪري سگهون ٿا ته جيئن هي قوم هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي صيحيح رستي تي اچي پنهنجي سفر ڏانهن گامزن ٿي سگهي. اسين انهن ملڪن جي مثالن کي وٺون جيڪي اسان جي ويجهڙائي ۾ موجود آهن. جنهن ۾ سرلنڪا ۽ سائوٿ ايشيا جا ٻيا ملڪ به شامل آهن.

    مون سائوٿ ايشيا جي ملڪن جي گذريل سالن تي نظر وجهڻ لاءِ انٽرنيٽ جو سهارو وٺندي ڪجهه معلومات جوڙي جنهن ظاهر ڪيو ته سائوٿ ايشيا جا ٻيا ملڪ ڪيئن پنهنجي ملڪ جي ايندڙ نسلن کي بهتر زندگي ڏيارڻ ۽ رستا هموار ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن. انهيءَ دوران مون 2005 کان 2014 تائين ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي پڻ معلومات حاصل ڪئي جيڪا آئون هتي ڏيڻ چاهيندس ته جيئن توهان کي به خبر پئجي سگهي ته اسان جو سفر ڪيڏانهن ۽ ڪهڙي طرف آهي.

    2005 جي حاصل ڪيل معلومات ٻڌايو ته ملڪ بنگلاديش ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ 37 شهرين موت کي منهن ڏٺو، ڀوٽان سال 2005 ۾ هڪ به واقعو پيش نه آيو. جڏهن ته هندستان ان سال ۾ 1212 جي انگ سان پهريئن نمبر تي رهيو، نيپال 231، سرلنڪا 153 ۽ پاڪستان ۾ 430 جانين جو نقصان ٿيو. سال 2006 ۾ هندستان وري به گهڻڻ نقصانن کي منهن ڏنو. جنهن جو تعداد 1118 آهي. جڏهن ته ڀوٽان 01، بنگلاديش 34، سريلنڪا 930، نيپال 61 ۽ پاڪستان ۾ 608 جانين جو نقصان ٿيو. ان تحقيق ۾ سال 2007 ۾ تصوير جو رخ ٻيو۽ بدليل مليو پاڪستان ۾ ماڻهن جي جانين جو نقصان وڌي وڃي 1522 تي ڀيٺو ۽ انڊيا 407، سريلنڪا 525 سان وڃي پاڪستان جي اڌ تي بيٺي. ائين بلڪل نه آهي ته اڳيان هلي تڪڙو ئي ٻين ملڪن ۾ انهن حادثن جو بلڪل ئي خاتمو ٿي ويو. پر پاڪستان ۾ حادثن جو تعداد وڌندو ويو. سال 2008 ۾ به پاڪستان سڄي سائوٿ ايشيا ۾ اڳيان رهيو ۽ 2155 گهرن ۾ ماتم ٿيندو رهيو. 2009 ۾ سريلنڪا ۾ تمام گهڻي پئماني تي اهڙا واقعا سامهون آيا. جنهن نتيجي ۾ 11000 کان مٿي عام شهرين جو موت ٿيو. پر 2009 کان پوءَ اڄ تايين سريلنڪا ۾ وڏي ٺاپر رهي. 2009 ۾3315 سڪيورٽي اهڪارن سان گڏ عام شهرين کي موت جو منهن ڏسڻو پيو. اهڙي نموني هر سال ملڪ ۾ هزارين معصوم شهري اسان کان ڌار ٿيندارهيا. 2010، 2011 ۽ 2012 ۾ ٻيا ڪافي ملڪ جن ۾ سريلنڪا، ڀوٽان، بنگلاديش ۽ نيپال انهن واقعن کان بچيل رهيا. پر پاڪستان ۾ ساڳئي باهه ٻرندي رهي ۽ ماڻهن کي کاڄ بنائيندي رهي. 2010 ۾ سڪيورٽي اهڪارن سان گڏ عام شهرين جي موت جو تعداد 2300 کان مٿي چڙي ويو. 2011 لڳ ڀڳ 2800 ۽ 2012 ۾ 3100 تعداد رهيو. ساڳئي ئي ريت کي قائم رکندي سال 2013 به سٺو ۽ امن وارو ثابت نه ٿيو ۽ 3800 کان وڌيڪ ماڻهن ۽ سڪيورٽي اهڪاراجل جو شڪار بڻيا.
    اميدون هيون ته سال 2014 هن ملڪ جي لاءِ ڪو بهتر ثابت ٿيندو ۽ دهشتگرديءَ جو هوائون بند ٿينديون. پر اهي سڀ اڳڪٿيون غلط فهميون ثابت ٿيون. سال جي پهريئن مهيني ۾ ئي اڄوڪي تاريخ تائين 30 کان مٿي بدترين واقعا پيش آيا. جنهن ۾ 380 کان وڌيڪ جانين جو نقصان ٿيو. اهڙي نموني جيڪڏهن 2005 کان 2014 تائين جي معلومات گڏ ڪري جوڙ ڪجي ٿي ته پاڪستان اسان کان وڏو ۽ سوا ارب جي آبادي رکندڙ ملڪ انڊيا کان به تمام گهڻو اڳتي رهيو. ٻئي پاسي سريلنڪا جتي ڪڏهن خوف جو راڪاس لامارا ڏيندو عوام جو سک ڦٽائيندو هو اتي هاڻي ان راکاس لاءِ ڪا جاءِ نه آهي. خدا ڄاڻي ته الائي جي ته ڪهڙو ڌاڳو ڦيڻو ڪم آيو.

    مٿي ڏنل معلومات يقيينن سو سيڪڙو درست نه هوندي. انگن اکر جو ڏنل تعداد گهٽ يا وڌ ٿي سگهي ٿو. پر سوال اهو آهي ته هڪ انسان جو قتل به سڄي انسانيت جو قتل آهي. جڏهن ته هتي هزارن جو تعداد آهي. ٻئي پاسي حقن حاصل ڪرڻ جو يقينن ڪو ٻيو رستو ڪڍيو وڃي. انسانيت جو قتل ته شايد انهن حقن جي خود لتاڙ آهي جنهن جي تقاضا ڪئي پئي وڃي.

    مسجدون، درسگاهون، اسپتالون، روڊ رستا، وستيون، واهڻ، ڳوٺ، شهر ۽ گهر سڀ غيرمحفوظ ۽ شهري غير يقيني جي زندگي گهاري رهيا آهن. حڪومتون پنهنجي ڪم کي سرانجام ڏيڻ، شهرين جي حفاظت ڪرڻ ۽ وسيلن کي بهتر استعمال ڪرڻ ۾ سخت ناڪام نظر اچن ٿيون. ماحول کي سازگار رکڻ، ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ، پرڏيهي لاڳاپن کان وٺي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي پٽڙي تي آڻڻ فقط انهن حڪومتن جو ئي ڪم آهي. تنهنڪري سياسي روش کي بهتر ڪندي ملڪ جي مفاد لاءِ پنهنجي حڪمت عملين کي عوام دوست بنائين نه ته ٻي صورت ۾ سندن حڪمرانيءَ لاءِ هن ڌرتيءَ تي انسان ئي نه رهندو.

    انهيءَ ڏس ۾ تازو ٿيل مذڪراتي ويهڪ ڪنهن قدر تعريف لائق آهي ته پهريون ڀيرو خارجي ڌاٻاءُ هوندي به حڪومت عوام خاطر مسئلي کي ٽيبل تي ويهي حل ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي. هاڻي انهيءَ سان جڙيل گهڻا سوال ۽ خدشا پڻ ذهنن ۾ آهن ته ڪٿي حڪومت طرفان ٻاهرين امداد کي وڌائڻ ۽ وقتائتي ملڻ خاطر اهو سڄو ناٽڪ تشڪيل ته نه ڏنو ويو آهي يا ڪٿي انهيءَ ۾ به ڪا خارجي حڪمت عملي ته شامل نه آهي يا وري هن مهل کان ئي جوڙ توڙ جو شڪار ٿيندڙ ڪميٽيون آخر ڪيتري سنجيدگيءَ سان هن ملڪ جي غريب عوام کي ڪو مرهم رکي سگهنديون. انهن مڙني خدشن باوجود به انهيءَ سڄي عمل کي بهتر ۽ مسقبل لاءِ فائديمند سمجهڻ گهرجي ڇو ته انهيءَ دهشتگرديءَ جي جنگ ۾ هي پهريون دفعو مسئلن جي حل لاءَ اسين گڏ پيا ٿيون.

    هاڻي جڏهن اسين مسئلن جي حل واري ٽيبل تي ويٺل آهيون ته اهي ڌريون جيڪي دهشگرديءَ خلاف راڳ ڳائينديون رهيون آهن اهي هن مذڪراتي عمل ۾ ڪٿي به حمايت يا مخالفت ۾ نظر نه ٿيون اچن. جڏهن ته هن مهل ملڪ کي هڪ خاص حمايتي ڌر جي ضرورت آهي جيڪا حڪومت طرفان تشڪيل ڏنل ڪميٽيءَ جي همت افزائي ڪري سگهي. منهنجي خيال ۾ هي وقت اٿڻ ۽ عمل ڪرڻ جو آهي نه ته اسان جون ايندڙ نسلون سائوٿ ايشيا جي ٻين امن وارن علائقن ۾ رهڻ لاءِ خواب ئي ڏسي سگهنديون. انهي کان علاوه هن ملڪ کي فقط ڪنهن هڪ گروه جي دهشتگرديءَ کان نه بلڪه تمام گهڻن محاظن کان دهشتگرديءَ کان خطرو آهي. منهنجي نظر ۾ عمر ڪوٽ ضلعي ۾ ٿيل نارائڻ ڀيل جو قتل به هڪ کليل دهشتگردي آهي. جيڪا ڪنهن پڪڙ پڇاڙ نه هيئڻ ڪري ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. انهيءَ ڏس ۾ حڪومتن کي گهرجي ته رڳو وڏين ڳاڏين ۾ ويهي گڏهن جي ڊوڙ ڪرائڻ کان بهتر آهي ته مقامي سطح تي ٿيندڙ حادثن کي روڪي عوام کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنو وڃي. انهيءَ کان علاوه پاڪستان جي حڪومتن طرفان ٿيندڙ سالن کان سوين حقن، ڪوويننٽ ۽ ڪنوينشن جي لتاڙ پڻ بند ڪرائي وڃي. سڌريل ملڪن جيان هر ساهواري کي حق ڏئي ان کي ساهوارو تسليم ڪيو وڃي. تعليم 1947 کان پاڪستان جي حڪومتن جو ناپسنديده موضوع رهيو آهي. انهيءَ تي تمام گهڻي توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي. ٻين ٻولين پڙهائيڻ کان بهتر آهي ته اسڪولن ۾ درسي ڪتابن ۾ انسان ذات سان محبت ۽ انسان ٿيڻ جي تعليم ڏني وڃي. استاد ۽ والدين کي گهرجي ته هن ڏکئي گهڙي ۽ سوچ ڪن ۽ بهتر عمل ڪن. نسلي فساد ڀرپا ڪندڙن ۽ نفرتن وڌائيندڙ ڌرين کي پڻ صحيح ڌڳ تي لڳائجي، گهڻين قومن جي قوم ٿيڻ بدران هڪ قوم ٿي پنهنجي ايندڙ نسلن کي عزت، احترام، رواداري، محبت، امن، دوستي، ڀائيچاري، سک، شانتي، محبت ۽ قرب واري زندگي فراهم ڪيون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو