هي ڌرتي امن پسندن جي ڌرتي آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سهيل صديقي طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2014۔

  1. سهيل صديقي

    سهيل صديقي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 مارچ 2014
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڌنڌو:
    سوشل ڊولپمنٽ پراڪٽشنر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سنڌ ڌرتي 124000 درويشن، صوفي، سنتن ۽ فقيرن جي ڪري دنيا ۾ مشهور هئي، جتي نسلي فرقيواريت، جهيڙي فساد، نسلي اڻبرابري کان پاڪ معاشرو قائم هيو. جتي صوفي تصوف جي تعليم ڏئي ماڻهن کي زندگي گذارڻ جو ڏانءُ سيکاريندا هئا. انهي ڪري سنڌ جي ثقافت، دوستي، امن ڏيهان ڏيهه مشهور هئي. جتي ڀٽ ڌڻي، صوفي شاهه عنايت شهيد، سچل سرمست، مخدوم بلاول، منصور الحاج ۽ مخدوم نوح جهڙا درويش پنهنجي شاعري، فلسفي ۽ انسانيت جي تعليم جي ذريعي معاشري جي تربيت ڪري رهيا هئا. انسانيت سان سرشار هن امن جي واديءَ کي ڪنهن جي اهڙي نظر لڳي جواڄ اسين پنهنجي ئي ديس ۾ مجبور، محڪوم، بيوس ۽ ڊنل زندگي گذاري رهيا آهيون. هتي نه ڪنهن جي ملڪيت محفوظ آهي ۽ نه ڪنهن جي عزت. هڪ خوف ۾ ورتل سماجي ڍانچي جي تشڪيل ٿي رهي آهي. پنهنجي ئي گهر جتي اسان کي بي خوف، بغير ڪنهن ڊپ ڊاءٌ جي گهمڻ گهرجي اتي ئي اسان امن جي ڪنهن ڇانو جي ڳولا۾ آهيون.

    78 واري دور کان پوءَ صوفين جي ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان رڳو رت جي بانس اچي ٿي. 78ع کان پوءَ ايندڙ حڪمرانن جا ڄڻ ته مقصد ئي هن ڌرتيءَ مان امن ۽ سڪون کي ختم ڪرڻ هئا، جو انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي عوام کي ڌاڙيل، افغان پناهه گير، منشيات، ڪلاشنڪوف، قبيلائي جهيڙا ۽ نسلي فساد ڏنا ويا. وري اڄ تائين 520 پوليس اسٽيشن، 97362 پوليس اٽالا، 23500 رينجرس فورس ۽ 1935 ايف سي جي هجڻ باوجود سنڌ ۾ وري اها محبت واري هوا ٻيهر ڪڏهن نه گُهلي. اڄ سنڌ اندر خود ڪش حملا، اغوا، ڌاڙا، ڦرون، دهشتگردي، ڀتا خوري، منشيات، ٽارگيٽ ڪلنگ، جنسي ڏاڍائي، ڪاروڪاري، نسلي فساد ۽ قبيلائي تڪرارن عام انسانن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين روز اخبارن ۾ سوين اهڙا واقعا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا ۽ آفريڪا جي ملڪن جو ڏيک ڏين ٿا جتي قانون جي بالادستيءَ جو تصور به نه آهي يا وري سنڌ ۾ ٿيندڙ واقعا ڪتابن ۾ پڙهيل بغداد ۽ بيروت جي ظلمن جي داستانن جو ڏيک ڏين ٿا. هتي اسين روز جان ومال، عزت ۽ آبرو جو تقدس پامال ٿيندي ٿا ڏسون ۽ بيوس آهيون.

    تازوئي آيل هڪ خبر مطابق وحشي ڏوهارين نوشهروفيروز۾ اسڪول ويندڙ ٽن ٻارن کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو. انهن ٻارن جي ڪنهن سان ڪهڙي دشمني. هنن کي به اهڙي بي دردي سان قتل ڪرڻ به ڪا انسانيت آهي؟. پئيسن، ملڪيتن، جاگيرن جي حرس ۾اسين سماجي قدرن، اصولن ۽ مذهب جون ڏنل تعليمون وساري ويٺا آهيون. سنڌ اندر هن وقت امن امان جي صورتحال خراب هجڻ سبب روز اهڙا واقعا پيش اچن ٿا. ڪراچي جيڪا پاڪستان جي شهه رڳ تصور ڪئي وڃي ٿي اتي ئي هڪ سال اندر 3000 کان وڌيڪ انسانن جون حياتيون ضايح ٿيون. بي حسي جو عالم ته اهو آهي ته اتر سنڌ ۾ اغوا ۾ ننڍڙن ٻارن کي به نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ واٽ ويندڙن کان ڦر ته عام ٿي پئي آهي. پاٿاريدارن جي عيد لڳي پئي آهي ۽ پوليس جنهن کي اسان جي آمدني مان ئي پگهارون ملن ٿيون سي ئي انهن پاٿاريدارن جا محافظ ۽ Godfather لڳا پيا آهن.

    منهنجو هڪ سوال آهي ته ڇا دنيا ۾ اهڙا ملڪ موجود نه آهن جيڪي پنهنجي عوام کي تحفظ ڏيندا هجن يا اهڙا ملڪ موجود نه آهن جتي گناهه گار کي برابر سزا ملندي هجي. توهان اڳيان اهڙا انيڪ ملڪ هوندا جتي جو عوام بي خوف گهمي ڦري ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪري ٿو ته پوءِ ڪهڙا سبب آهن جو اسين پنهنجي عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهيون. دراصل اسان جي ملڪ تي جاگيرداراڻي ۽ سرداري نظام جون ذهنيتون حاوي ٿي چڪيون آهن. طاقت جي هن جنگ ۾ هڪ مخصوص گروهه ملڪ اندر عدم تحفظ جي آبهوا پيدا ڪري پنهنجي بقاءَ ۽ پنهنجي ترقيءَ لاءِ ڪوشان آهي. اهي ڏينهون ڏينهن نت نيون طرڪيبون استعمال ڪري پنهنجي هڪ هٽي ۽ سرڪار کي قائم رکڻ گهرن ٿا. ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل و غارت، سپر هاءِ وي تي ٿيندڙ ڦرون، اتر سنڌ ۾ ٿيندڙ اغوا، قبيلائي جهيڙا ته انهن قوتن جي ڇاڙتن جا ڪم آهن ۽ اها ذهنيت گھڻو ڪري وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ساڳي آهي. صرف انهن جا ويس تبديل آهن. انهي سرداري ۽ جاگيرداري ذهنيت هن صوفين، سنتن ۽ درويشن جي نگريءَ تي قبضو ڪري چڪا آهن.

    سنڌ جا قانون نافذ ڪندڙ ادارا ته رڳو پروٽوڪول ۽ نوڪري بچائڻ ۾ پورا نظر اچن ٿا. ٻئي پاسي غريب ماڻهوءَ جو ٿاڻي جو چڪر ڄڻ ته ڪوڙڪي ۾ ڦاسڻ برابر آهي . وري به ڦري سري ڪنهن وڏيري، جاگيردار يا سردار وٽان ڪم ٿيڻ جو آسرو هوندس باقي سرڪاري ادارن ۾ ويٺل ته ڄڻ عام ماڻهوءَ سان رشتو ناتو ئي نٿا رکن. هڪ راءِ مطابق سنڌ ۾ موجود قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ماڻهن کي سنڌ جي پيرن، وزيرن جي پروٽول مطابق رکيو وڃي باقي ٻين کي ڪنهن سرڪاري اداري ۾ نوڪري ڏني وڃي ۽ سالانه بجيٽ 85 ارب رپيا، جيڪا امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ لاءِ رکيا ويا آهن. سي هڪ اشتهار وسيلي سنڌ ۾ امن امان خراب ڪندڙ گروهن ۾ ورهائي ڏنا وڃن. ان شرط تي ته هو ڪنهن کي به اغوا نه ڪندا، نه ڪنهن کي ڪو نقصان پهچائيندا ۽ نه ئي وري ڪنهن قسم جي ڪا برائي سماج ۾ پکڙيندا ته بهتر ٿيندو نه ته هر سال 85 ارب رپين جيتري رقم خرچ ٿيڻ مان ڪو فائدو ته نظر نٿو اچي. اهي ئي ساڳيا ڌاڙا، ڦرون، چوريون، ٽارگيٽ ڪلنگ، هٿيار، وٺ پڪڙ، هٿيارن جو عام جام ملڻ، منشيات جو واهپو ۽ جنسي ڏاڍائي روز جو معمول آهي.

    يقينن وقت هن مهل اجازت نٿو ڏئي ته سنڌ جون سڄاڻ ڌريون، سياسي تنظيمون، اديب ۽ دانشور سنڌ جي امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڇڏي ڏين. جيڪڏهن غلط کي غلط چوڻ ڇڏي ڏبو ته اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪهڙو فرق رهندو جيڪي عوام جي حفاظت لاءِ يونيفارم پائي بيهن ٿا ۽ چور کي چور چوڻ جي طاقت نٿا رکن. اڄ سنڌ اندر ڪفن فروشن جي هٿان يرغمال بڻيل اقتداري ڌريون اهو به سوچين ته سڀاڻي سندن ئي اولاد کي هتي سياست ڪرڻي ۽ هن عوام جي نمائندگي ڪرڻي آهي ان ڪري اهڙي ماحول کي جوڙڻ نه ڏين جو عوام ڀڄڻ تي مجبور ٿي وڃي.

    اڃان به سج ناهي لٿو اڃان به اميدن تي دنيا قائم آهي. سنڌ ڌرتيءَ کي ٻيهر امن جي وادي ٿيڻ گهرجي. انهي ڏس ۾ اسان جي سياسي سماجي ڌرين کي گهرجي ته ماضي جيان هليل ڪامياب شاگرد ۽ ٻارن جي تحريڪن کي ٻيهر هٿي وٺرائين ته جيئن شاگردن ۽ ٻارن ۾ ننڍي عمر کان ئي معاشري کي بهتر ۽ برائين کان پاڪ بنائڻ جون خاصيتون پيدا ٿين. ڀٽ ڌڻي جي شاعري ۽ فلسفي کي ساڻ کڻي امن، محبت، ڀروسي ۽ يقين جي ماحول کي فروغ ڏجي. حڪومتي ڌرين کي گهرجي ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي مجبوري ۽ لاچاري واري نوڪري ڪرائڻ بجاءَ انهن کي فرض شناسي ۽ عزت واري نوڪري ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي. بدتر انتظام ڪاري ۽ نااهلي سبب حڪومت ۽ پنهنجي عوام کان معافي وٺي بهتر انتظام ڪاري ۽ حڪمراني ڏانهن توجهه ڏيڻ گهرجي. قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته عوام سان شائستگي ۽ دوستانه ماحول کي فروغ ڏين، شهرين جي زندگي، ملڪيت، آزادي جي حفاظت سان گڏ امن امان جو خيال رکن. شرپسند عنصرن کي قانون جي بالادستي جو احساس ڏيارين ۽ قانوني حڪمن جي پيروي ڪن. گڏوگڏ چور کي چور چوڻ جي همت پيداڪن ته يقينن هي ڌرتي ٻيهر انهن ميلن ملاکڙن ۽ محبتن سان سرشار ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته هيءَ ڌرتي امن پسندن جي ڌرتيءَ آهي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    حق موجود، سدا موجودٌ!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو