ورسي جي مناسبت سان
سنڌ جو بيباڪ ڪردار ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
محمد اسماعيل ڪنڀر
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر اڄ کان هڪ سال اڳ 16 اپريل 2013ع تي لاڏاڻو ڪري ويو ڪامريڊ جون بيباڪيون ۽ سندس سنڌ سان محبت، سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ سندس جدوجهد کي وساري نه ٿو سگهجي. ڪامريڊ مير محمد انقلابي سوچ رکڻ سان گڏوگڏ هڪ سماج سُڌار، سياسي، قومپرست ۽ ليکڪ به هو، هن پنهنجي اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. ڪتاب: ”موچارا منهن، ڪارا منهن“ جو خالق ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد کي پنهنجو روحاني رهبر مڃيندڙ ڪامريڊ جيتوڻيڪ اڄ اسان وٽ نه رهيو آهي پر سندس ڪردار سان گڏوگڏ سندس يادگاريون، سندس دوست، ۽ سندس چاهيندڙ وساري نه ٿا سگهن. ڪامريڊ کي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر هجڻ سان گڏوگڏ، خاڪسار تحريڪ ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو باني ميمبر هجڻ جو پڻ اعزاز حاصل رهيو آهي. ڪامريڊ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڇهه ڪتاب لکيا، جنهن ۾ ”ڪارا منهن، موچارا منهن“، ”يادگيرين جو سفر“، ”آديسي اُٿي ويا“، ”پُڇاڻو“، ”اکين ڏٺو ڪنن ٻڌو“ ۽ ”وٺ روڪڙو جواب“، شامل آهن.
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، شهيد ذولفقار علي ڀٽي سان گڏ نه صرف پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو پر گڏوگڏ پ پ سنڌ جو پهريون جنرل سيڪريٽري ۽ باني ميمبرن مان به هڪ هو. هو اُن وقت شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي به اصولن جي بنيادن تي منهن تي سچ چئي ڇڏيندو هو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ٽنڊي ڄام ۾ سال 1924ع ۾ مير غلام رسول ولد مير باغ علي ٽالپر جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ سندس گهڻو وقت اڳوڻي ٿرپارڪر ۽ هاڻوڪي عمرڪوٽ ضلعي ۾ ديهه هيرل ۾ گُذريو، جتي ڪامريڊ کي 118 ايڪڙ زمين پڻ هئي، جتي زمين جو گهڻو حصو پاڻي نه هئڻ سبب غير آباد هو، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر 1938ع ۾ پنهنجي سياست جي شروعات خاڪسار تحريڪ ۽ هاري ڪميٽيءَ کان ڪئي.
ڪامريڊ کي سال 1945ع ۾ ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ ۾ ريلوي مزدورن جي جدوجهد دوران گرفتار ڪري سکر جيل ۾ ٽي مهينا قيد ڪيو ويو ۽ هو وڏيرن خلاف هارين جي جدوجهد ۾ گڏ رهيو، ٿرپارڪر ضلعي ۾ مائي بختاور جي شهادت به ان تحريڪ جو نتيجو هئي. ڪامريڊ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته، ڊڪٽيٽر فيلڊ مارشل ايوب خان ۽ فاطمه جناح جڏهن صدارتي اميدوار طور چونڊن جي ميدان ۾ لٿل هئا، ته هن 60ع واري ڏهاڪي ۾ بي ڊي ميمبريءَ لاءِ فارم داخل ڪرايو ۽ سندس مقابلو تر جي وڏي رئيس سان ٿيو ۽ ان وقت جي وڏيري پڻ ڪامريڊ جي هٿان هارايو....ڪامريڊ سيلاني فقير هو، ڪڏهن نبي سر، ته ڪڏهن ميرپورخاص، ڪڏهن سانگهڙ، ته ڪڏهن نوابشاهه ۽ ڪڏهن ٽنڊو ڄام ۾ اهڙي نموني ٿرپارڪر سان گڏوگڏ سنڌ ۽ هند ۾ مختلف جڳهين تي نه صرف سير ڪيو پر اُتي رهي ڪري اُتي جي عام ۽ مسيڪن ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اُٿاريو. ڪامريڊ جو ڪڙو سچ وقت جي وڏيرن لاءِ زهر ثابت ٿيندو هو. سنڌ جي هارين ۽ مزدورن جي ڳالهه ڪندڙ هن ڪامريڊ پنهنجن اصولن جي پائيدار ڪندي پيپلز پارٽيءَ کي به خيرآباد ڪيو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر70 واري ڏهاڪي ۾ عمر ڪوٽ ضلعي مان لڏي اچي ٽنڊو ڄام وسايو ۽ مستقل رهائش اختيار ڪيائين.
ڪامريڊ پنهنجي زندگيءَ جي 60 سالن کان مٿي انقلابي سياست ڪئي ۽ پوري ننڍي کنڊ اندر ٿيندڙ انقلابي اُٿل پٿل ۽ لاهين چاڙهين کي پنهنجي اکين سان ڏٺو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي دوستن جو گهڻو خيال رکندو هو، ايتري قدر جو جڏهن پير علي محمد شاهه راشدي چين ۾ سفير هو، ته ان وقت ڪامريڊ پن جون ٻيڙيون پير علي محمد شاهه راشديءَ کي موڪليندو هو، نه صرف ايترو پر جڏهن سندس ڪو دوست بيمار ٿيندو هو، ته ان وقت اتي پهچي سندس تيمارداري ڪندو هو، ڪامريڊ اصولن جو به سخت هو، ايتريقدر جو ڄام صادق پنهنجي وڏ وزارت دوران کيس سنڌ ۾ وڏي عهدي لاءِ آڇ ڪئي پر هن ان کي ٺڪرائي ڇڏيو.ڪامريڊ کي سنڌ سان عشق هو، هن ضياءَ جي دور ۾ ٽوڙي ڦاٽڪ واري واقعي واري هنڌ تي ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جو يادگار سنگ مرمر ۽ شهيد مرتضى ڀٽو جي مزار تي سنگ مر مر جا ڪتبا، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙيءَ جي مزارن تي ڪتبا نسب ڪرايا ۽ ٽنڊي ڄام جي گهٽين ۾ پڻ يادگار نصب ڪرايا.
ننڍ پڻ ۾ ڀڳت ڪنور رام جا ڪلام ٻڌندڙ ڪامريڊ جن فنڪارن ۽ شاعرن کان متاثر هو، انهن ۾ ڀڳت ڪنور رام، مائي جيوڻي ٻائي، عثمان ڪڇي، مٺو ڪڇي، لتا منگيشڪر، جگ موهن، ملڪه پکراج، مڪيش ڪمار، مهدي حسن، استاد غلام علي وغيره شامل آهن. لوڪ مانيه تلڪ، سڀاش چندر بوس، ابو الڪلام آزاد، ارونا آصف علي، پنڊت جواهر لال نهرو، جمشيد مهتا، بابا کڙڪ سنگهه، مولانا عبيد الله سنڌي، حسن ناصر هن جا من پسند اڳواڻ رهيا. جڏهن ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، سرويچ سجاولي، نواب اڪبر بگٽي، مسڪين جان خان کوسو، علي محمد شاهه راشدي، حفيظ قريشي، شهيد فاضل راهو ۽ ٻيا سندس ساٿي رهيا آهن. جڏهن ته شاعرن ۾ لطيف سائين، سچل سائين، مصري شاهه، بيدل بيڪس، فيض احمد فيض، حبيب جالب سان گڏوگڏ مولوي احمد ملاح جو وڏو عاشق هوندو هو. ايتري قدر جو پنهنجي وفات کان اڳ ۾ پنهنجي قبر جو ڪتبو به پاڻ ٺهرايو ۽ ڪامريڊ مير محمد پاڻ ان ڪتبي تي حبيب جالب جو هيٺيون شعر لکرايو:
ضمير بيچ ڪي مسند خريدني والو
اهلِ وفا ڪي نظرون مين تم بهت حقير هو
ڪاوش جي ٿورن سان
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: