سنڌ سلامت جي پنجين سالگراه ۽ نوان واعدا

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت جا عزيز دوستو السلام عليڪم
    سنڌ سلامت فورم جي پنجين سالگره اچي وئي پر پنهنجي مصروفيت ۾ گهٽتائي نه آئي ... اهو ئي سبب آهي جو سالگره تي روايتي موضوع به هڪ ڏينهن دير سان لکجي پيو... 15 اپريل 2009 کي مڪمل پنج سال گذري چڪا آهن.. انهن پنجن سالن ۾ سنڌ سلامت تي ڪهڙا وقت آيا ۽ گذريا ان جو تجربو ايترو ته اونهو آهي جو هر ان سوال جو جواب ملي ويو ته آخر سنڌي ويب سائيٽس جڙن ڇونه ٿيون ۽ جي ويب سائيٽس جڙن ٿيون ته اپڊيٽ ڇو نه ٿيون ٿين.. حيرت ته تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڪجهه سنڌي فورمز کي به ختم ٿيندي ڏٺو ويو... هالانڪه فورمز تي ايندڙ نواڻ رڳو انتظاميه نه پر فورم جا رڪن ئي آڻيندا آهن...
    انهن پنجن سالن جي تجربي بس هڪ ئي ڳالهه سمجهائي ته فورم کي اهڙي طرح اپگريڊ ڪندو رهجي جو ايندڙ رڪنن کي فورم تي اچي پنهنجو مواد موڪلڻ ۽ تبصرو ڪرڻ ۾ ڏکيائون نه اچن ۽ فورم کي سينگاري وزني بنائڻ کان بهتر آهي ته ان ۾ “يوزر فرينڊلي” تبديليون آڻجن...
    سنڌ سلامت تي به اهڙيون تبديليون اينديون رهنديون آهن جنهن کي عمل ۾ آڻڻ سان رڪنن جي کي فورم استعمال ڪرڻ ۾ وڌيڪ سولائي ملندي رهندي آهي... ان باوجود اهڙا کوڙ سارا فيچرس اڃان زين فورو جهڙي طاقتور پروفيشنل اسڪرپٽ ۾ موجود آهن جن کي اپلائي ڪري وڌيڪ فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا پر.. بس هڪ خيال روڪيندو رهي ٿو ته ڪاٿي هتان جي سست انتظاميه لاءِ ڪم وڌي نه وڃي...:)
    ان ڪري خوشي ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سلامت جيڪو صرف راند روند خاطر عارضي جوڙيو ويو هو رڳو هڪ، ٻه يا ٽي سال نه پر پورا پنج سال پنهنجي مستقل مزاجي سان موجود رهيو آهي... ان ۾ جيترو انتظامي رڪنن جو هاڪاري ڪردار مبارڪباد جو مستحق آهي اوترو ئي رڪنن جو دلچسپي سان اچڻ ۽ وقت ڪڍي بحثن ۾ حصو وٺڻ گڏو گڏ سٺي ڪم ۾ داد ڏيڻ شامل آهي... ۽ نتيجي طور سنڌ سلامت طرفان سنڌي ٻولي جي اوسر جو سلسلو جاري آهي ۽ انشاء الله جاري رهندو.
    سنڌ سلامت فورم جو گذريل سال سڀ کان اهم ۽ انتهائي يادگار سال رهيو آهي. هن سال فورم کي نئين سافٽويئر زين فورو جي جديد ورجن تي منتقل ڪيو ويو.
    سنڌ سلامت فورم جي سالگره جي موقعي ته جتي اسان پنهنجي گذريل ڪارڪردگين جو جائزو وٺنداسين اتي نئين سال لاءِ ڪجهه ٽارگيٽس جو رڪنن سان واعدو پڻ ڪنداسين. سنڌ سلامت فورم تي اڄ جيڪا رونق موجود آهي يقينن اها توهان سڀني مهربانن ڪري آهي اهو ئي سبب آهي ته سنڌ سلامت جي هر ڪاميابي پٺيان رڳو انتظامي رڪن نه پر عام رڪن پڻ شامل آهن.
    سنڌ سلامت جي چوٿين سالگراه جي موقعي ته ايندڙ ڪجهه نون پروجيڪٽس جي حوالي سان ساٿين سان ذڪر ڪيو ويو هو... جن مان ڪجهه شروع ٿي چڪا آهن... جهڙوڪ:

    سنڌ سلامت تعليم سنڌ سلامت پبلڪ اسڪول جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. جنهن کي فعال طور ڪم ڪرڻ لاءِ ڪجهه غير سرڪاري تنظيم سان رابطي جون ڪوششون پڻ جاري آهن

    سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن سافٽويئر هن پروجيڪٽ تي ڪم کڻي سست رفتاري سان جاري آهي پر هيل تائين 70 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي. پروجيڪٽ تي ٿيندڙ اپڊيٽ کي هت ڪلڪ ڪري معلوم ڪري سگهجي ٿو.

    سنڌ سلامت سنڌي کان انگريزي ۽ انگريزي کان سنڌي ڊڪشنري پوري ڪوشش هئي ته هي پروجيڪٽ سالگره کان اڳ ئي مڪمل ٿي وٺي پر پروجيڪٽ انچارج محترم عبدالحفيظ لغاري جو ترڪي وڃڻ ۽ رابطي جي گهٽتائي ڪري ائين ٿي نه سگهيو... ان باوجود پروجيڪٽ ۾ 60 سيڪڙو تائين اڳڀرائي ٿي آهي... هاڻي هي پروجيڪٽ محترم Dr. Asif Jamal Charan جي چارج ۾ ڏجي ٿو... ان سلسلي ۾ گذريل موڪل دوران ساڻس ملڻ جي ڪوشش ڪئي هيم پر ان ڏينهن شايد پاڻ ڪاٿي مصروف هئا.. بحرحال کيس ڪيل ڪم حوالي ڪندي پروجيڪٽ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ درخواست ڪئي ويندي... اميد ته سنڌ سلامت جي هن پروجيڪٽ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ عملي قدم کڻندا...

    سنڌ سلامت فونٽ سرور سمورن سنڌي فونٽس کي هڪ جاءِ تي درست ترتيب سان پيش ڪرڻ هڪ خواب آهي جنهن تي ڪم گذريل سالگره کان شروع ڪيو ويو هو... هيل تائين 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي... باقي ڪم لاءِ مدد طور محترم ايس ايم صارم درخواست ڪئي وئي آهي.. پاڻ تعليمي سال جي امتحانن کان پوءِ مڪمل وقت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي... اميد ته رهيل ڪم به جلد اڪلايو ويندو...
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۽ سنڌ سلامت ڊائونلوڊ سيڪشن کي هن دفعي نئين ترتيب سان پيش ڪيو ويندو.. ان سلسلي ۾ ڪجهه دوستن سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي...

    اهي ته هيا گذريل سالگره تي رکيل ٽارگيٽس ۽ انهن تي هلندڙ ڪمن جو جائزو .. جڏهن ته نون پروجيڪٽس جي واعدي کي ساٿين اڳيان رکجي ٿو...

    سنڌ سلامت رائيٽر
    سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي سلسلي کي تڪڙو وڌائڻ لاءِ سنڌ سلامت رائيٽر نالي سان هڪ وڪي ايڊيٽر سافٽويئر تياري جي آخري مرحلي ۾ آهي ... جنهن ذريعي مواد کي لکڻ پهرين کان وڌيڪ آسان ٿيندو ۽ لکندڙ ٿوري وقت ۾ گهڻو مواد لکي سگهندو... يقينن هي سافٽويئر سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ جي رفتار به وڌائيندو ۽ سنڌ سلامت طرفان سنڌي ڪتابن جي مواد کي اي بوڪ جي صورت ۾ آڻڻ جي مشن کي پڻ هٿي ڏيندو...

    ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ کي رليز ڪرڻ
    سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي سالگره تي کيس مون طرفان ڀيٽا ڏيندي ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ جوڙي وئي هئي... جنهن کي سڌو ڪري هر عام ۽ خاص سنڌيءَ اڳيان پيش ڪيو ويندو ته جيئن سنڌي بلاگنگ کي هٿي ڏئي سگهجي...

    سنڌ سلامت ڊومين سان ورڊ پريس بلاگ
    ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سلامت جي هوسٽنگ اپگريڊ ڪرڻ تي سنڌين کي سنڌ سلامت طرفان سب ڊومين ڏيندي مڪمل سپورٽ سان ورڊ پريس بلاگ جوڙي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو... جنهن جي ذميداري هاڻي محترم سجاد علي چنا کي ڏجي ٿي... کيس مڪمل هدايتون اڳ ئي ڏنيون ويون آهن .. جلد ان سلسلي ۾ سندس وضاحتي موضوع موڪليو ويندو...

    سنڌ سلامت ريڊ جو اپگريڊ ورجن
    ڪجهه وقت اڳ سوشل نيٽ ورڪز تي سنڌي ٻولي کي درست ڏيکارڻ لاءِ سنڌ سلامت طرفان هڪ ايڪسٽينش سنڌ سلامت ريڊ پيش ڪيو ويو هو پر گوگل ڪروم جي اپڊيٽ ورجن اچڻ ۽ فيس بوڪ طرفان پنهنجي انٽرفيس کي تبديل ڪرڻ ڪري ان ايڪسٽينشن ۾ ڪافي خاميون نوٽ ڪيون ويون آهن... جن کي درست ڪندي جلد هن ايڪسٽينشن جو اپڊيٽ ورجن رليز ڪيو ويندو...

    سنڌ سلامت فورم کي زين فورم جي جديد ورجن 1.3.1 تي اپگريڊ ڪرڻ
    نين ٽيڪنالاجين سان منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ سلامت فورم کي زين فورو جي جديد ورجن تي اپگريڊ ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ محنتي رڪنن لاءِ ميڊل سسٽم سان گڏو گڏ ملڪيت سسٽم پڻ متعارف ڪرايو ويندو.. جنهن سان اميد آهي ته رڪنن جي دلچسپي ۽ سرگرمي کي هٿي ملندي...

    ان کانسواءِ ڪجهه اڌورا ۽ مختصر پروجيڪٽ وقت سان گڏ پيش ڪبا جن سان سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ صفحن تي پکيڙڻ ۾ هٿي ملندي...

    آخر ۾ مان پنهنجي پياري دوست عمران علي ”درويش“ سومرو جي سنڌ سلامت جي سالگره لاءِ ڊيزائننگ شاعري پيش ڪندس ... سندس لک لائق

    [​IMG]
    منهنجي توهان سڀني دوستن کي دعوت آهي ته سنڌ سلامت جي پنجين سالگره جي موقعي کي دلچسپ ۽ پررونق بنائڻ لاءِ فورم جي جاري سلسلن ۾ ڀرپور شرڪت ڪريو ۽ ٿي سگهي ته پنهنجي طرفان به معلوماتي ۽ تفريحي سلسلا شروع ڪريو۔۔۔ اسان جي به ڪوشش جاري هوندي ته سنڌ سلامت فورم ۾ توهان جي دلچسپي لاءِ نين سهولتن جو اضافو ڪندا رهون ۽ سنڌ سلامت فورم کي بهتر بنائڻ ۽ ان جي علمي ۽ تحقيقي ڪمن کي يقيني بنائڻ لاءِ توهان جي مشورن تي عمل ڪندا رهون۔۔۔
    اميد ته پنهنجي قيمتي مشورن جي آگاهي ضرور ڏيندا۔۔۔
    والسلام
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت​
     
    28 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڪافي ڏينهن کان سنڌ سلامت تي حاضري نه رهي آهي اڄ جو پنجين سالگره جو عنوان ڏٺم ته خوشي ٿي ان خوشي جي موقعي تي سڀني دوستن کي مبارڪون هجن.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنجين سالگره جو عنوان ڏٺم ته خوشي ٿي ان خوشي جي موقعي تي سڀني دوستن کي مبارڪون هجن.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪافي سالن کان نيٽ جي دنيا ۾ رهندي اهو محسوس ڪندو رهيو آهيان ته اسان سنڌين وٽ مستقل مزاجي نه هجڻ جي برابر آهي. ڪيئي تنظيمون ٺهن ٿيون، وڏا پروگرام به ڪن ٿيون پر ٿوري عرصي ۾ بيهجي وڃن ٿيون. ڪيئي ويب سائيٽون اچن ٿيون پر انهن مان گهڻيون ته اپڊيٽ ئي نه ٿيون ٿيون پر ڪافي ساريون مرڳو بند ٿيو وڃن. ساڳيو حال سوشل ميڊيا تي به آهي ڪيئي گروپ ۽ پيج جڙن ٿا، جوڀن تي پهچن ٿا ۽ وري بس نالي ماتر وڃي رهن ٿا.

    سنڌ سلامت پنجن سالن کان بهتر ڪم ڪيو آهي پر پوء به الائي ڇو مان مطمعن ناهيان .... مان سمجهان ٿو اسان ڪو غير معمولي ڪم ڪونه پيا ڪيون، پر اتي مان مايوس به ناهيان. ها اها به خوشي اٿم ته سنڌ سلامت هلي پئي. دوستن جي مدد پئي ڪري، سنڌي ٻولي لاء جاکوڙي پئي، دوست پاڻ ۾ محبتون ونڊين ٿا، ڪٿي به وڃون ٿا ته سنڌ سلامت جا دوست ضرور ملن ٿا.

    ڪافي ڪوتاهين باوجود به سنڌ سلامت ڪمپيوٽر ۽ انٽر نيٽ جي دنيا ۾ اسان جي سڃاڻ بڻجي وئي آهي. اسان جيڪو ڪجهه آهيون اهو سڀني دوستن جي ڪري ئي آهيون.

    دوستن کي عرض آهي ته نيٽ جي دنيا گهمن ۽ اسان کي صلاحون ڏين، رهنمائي ڪن ته سنڌ سلامت کي ڪيئن بهتر بڻائي سگهجي. مان ذاتي طور ڇو ته ڪمپيوٽر جي ٻولي مان ڪونه ڄاڻان تنهنڪري اهي ڪم ڪرڻ لاء به دوستن کي اڳتي اچڻ گهرجي جيڪي سافٽويئر ۽ ڪمپيوٽر جي ٻولي سمجهن ٿا.

    سدا خوش هجو .... اسان تي الائي ڪهڙي ذميواري ٿا رکو .... جيڪڏهن ٻڌايو ها ته اڃان بهتر ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ها.
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي پنجين سالگره مبارڪ هجي.. ساٿ سلامت سنڌ سلامت
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سنڌ سلامت جي پنجين سالگره جي حوالي سان جيڪي واعدا مٿي لکيا ويا ۽ ان جو ڪم اڃا پروسيس ۾ آهي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو فورم جا انتظامي رڪن ذاتي ڪمن ۾ تمام گهڻا مصروف آهن، باوجود ان جي فورم کي اپگريڊ ڪرڻ ۽ عام و خاص تحريرن کي پسند ڪري دوستن جي حوصله افزائي به ڪندا رهن ٿا.
    سنڌ سلامت فورم تي آئون پراڻو ته ناهيان پر نئون به ناهيان.
    محترم محمد سليمان وساڻ صاحب لکيو آهي ته
    سائين ! سڀ کان پهرين هڪ عرض آهي ته سنڌسلامت جي ڪچهري جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي جيئن ڪچهري ڪرڻ ۾ آسان لڳي، فيسبوڪ وانگي .

    ٻيو عرض ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي آٽوميٽ لاگ آئوٽ سسٽم رکيو وڃي جيئن فيسبوڪ جو آهي،
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    اميد ته نوان واعده ۽ پراڻا سڀ پورا ٿي ويندا.
    منهنجون ڪجھ تجويزون آهن،جيڪي توهان کي ڏيڻيون آهن.جيڪي تمام فورم جي بهتري لا آَهن،اميد ته ان تي غور ڪندا.
    في الحال پيپرن کان پو ان لا الڳ موضوع جوڙبو.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سڀني سڄڻن کي سنڌ سلامت جي پنجين سالگرهه مبارڪ هجي...
    سنڌ سلامت ان وهيءَ ۾ اچي پهتي آهي جنهن ۾ ڪنهن ٻالڪ کي اسڪول داخل ڪرائبو آهي... هن عمر ۾ والدين کي ٻار تي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو آهي ڇو ته مستقبل جي اصل تعمير اتان ئي شروع ٿيندي آهي...... پنج سال...
    سنڌ سلامت جي پنج سالن جي سفر ۾ مست گهڻو چست نه رهيو آهي پر سست هجڻ ۾ پهرئين نمبر تي آهي.. :eek:
    شايد ڪجهه مصروفيت ڪجهه سستي، ڪجهه نالائقي.... اهي ٽئي عنصر مليا آهن ته مست ٿوڙو موڳو ٿي پيو آهي :rolleyes:
    بهرحال ادا رشيد اوهان دل نه لاهيو اسان توهان سان گڏ آهيون ، جيئن اڳ ۾ گڏ هئاسين ان کان ٿوڙو وڌيڪ اسپيڊ تي ڪانٽو رکبو، :cool:
    مطلب پهرين 50 اسپيڊ هئي ته هاڻي وري گهٽ ۾ گهٽ 60 کان ته اسپيڊ ڪراس ڪنداسين... :D
    مستن جون تجويزون اوهان کي جلدي پهچنديون بابا.......
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    رڪنن جي ملڪيت واري سسٽم وات پاڻي پاڻي ڪيو . الاجي هن سال ڪيتري ملڪيت ملندي هممم.
    اسان جون به ڪي وفائون ياد هجن ته ملڪيت ۾ حصو ڏجو . سڀني سنڌين کي واڌايون. سنڌ سلامت ساٿ سلامت..
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رياض ملڪاڻي

    رياض ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    415
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    ملڪاڻي بدين
    اسلام عليڪم ، سنڌ سلامت تي جيڪو به ڪم ٿي رهيو آهي، آئون ته هن مان تمام گهڻو خوش ۽ مطمئن آهيان، ان جي وجه هي آهي ته اڄڪلهه جي هن مصروف دنيا ۾ شهر ته ٺهيو پر ٻهراڙي ۾ به ماڻهو مصروف نظر اچن ٿا. ڇو ته مهانگر ڏينهون ڏينهن وڌي پئي ان کي منهن ڏيڻ لا هاري ۽ مزدور به پارٽ ٽائم ڪري پنهنجو ۽ گهر وارن جو پيٽ پالي ٿو پيو اهڙي مصروف ٽائم ۾ به زوري ٽائم ڪڍي فورم تي اچڻ ۽ مشڪل آهي.
    ان ۾ ڪم ڪندڙ ٽيم مان مان سائين سليمان وساڻ سان ملي چڪو آهيان ۽ رشيد سمون صاحب سان فون تي ملي چڪو آهيان کين صبح ست کان شام پنج ڪڏهن ڇهه تائين مصروفيتين باوجود سنڌسلامت تي حاضري ڀرين ٿا. رشيد سمون ڀا ته ان مان به ٽائم ڪڍي اسڪرپٽ کي ايڊٽ ڪرڻ جهڙا ڪم ڪري ٿو جيڪو ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ ڪم آهي. ڇا ڪاڻ مون به ڊپلوما ڪئي آهي اسڪرپٽ لکڻ ته سولو ڪم آهي پر ان کي ايڊٽ ڪرڻ ڏکيو آهي. ڪم کي جاري رکودوستو اسان لائق به ڪو ڪم هجي حاضر آهيون. ڦڙي ڦڙي تلا بنجي ٿو. ڏسجي سنڌ سلامت به ڦڙي مان تلا ته بنجي ويو آهي هاڻ ته ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪرڻ واري آهي.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سموري سٿ کي پنجين سالگره مبارڪ هجي.. ساٿ سلامت سنڌ سلامت
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu

    [​IMG][​IMG][​IMG][​IMG]


    محترم ميمبرس ۽ مانوار انتظاميه ! السلام عليڪم. ماشالله الله پاڪ پنهنجي مهربانين سان هن محبتي اڱڻ کي پنجين سال جي ڄمار تي پهچايو آهي. بيشڪ انهي ساٿ ۾ شامل سڀ ميمبر مبارڪ جا مستحق آهن خصوصن ادا ذيشان رشيد، محترم نثار ابڙو صاحب، سائين سليمان وساڻ ، محترم ڊاڪٽر عبدا لحفيظ، ممتاز وگهيوصاحب جن، سائين ڦلپوٽو فقير، ادا مست، محبتي عرس پريو. ڪمپويٽر جو ماهر ضياء چارڻ ، سائين رحيم بخش، سڄڻ افتخار چوهاڻ صاحب، ادا طاهر سنڌي.ڪنهن جا نالاء وٺي ڪنهن جا وٺجن، انهن سڀني جي محنتن جو ثمر پنجين سالگره جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي. جيئن هر نئين حڪومت پاور ۾ اچڻ کانپوء پهرين عوامي خطاب ۾ گهڻا وعده ڪندي آهي پر پوء انهن مان چند وعده پايئي تڪميل تي پهچندا آهن، ايئن اسان جي اڱڻ جي وڏي جادوگر به هن پنجين سالگراه جي موقعي تي ڪجه وعده ڪيا آهن، هاڻي ڏسون ته ڪڏهن ٿا اهئي وعده پورا ڪيا وڃن.جيڪڏهن اها وعده پورانه به ٿيا ته انتظاميه ان ڳاله جو يقين رکي ته ان جي خلاف ڪو احتجاج رڪارڊ نه ڪيو ويندو پر اسان صبر ڪري ويهي رهنداسين جيئن اسان پوئين سال جي ڪيل وعدن کي پوري نه ٿيڻ تي ڪري رهيا آهيون. ( سائين مذاق پيا ڪيون دل ۾ نه ڪجو) . توهان سڀني جون اڻٿڪ محنتون آهن جنهن جي ڪري هي اڱڻ پنجين سال ۾ داخل ٿيو آهي، هڪ دفعو وري اوهان کي مبارڪون هجن اڱڻ جي پنجين سالگراه تي.


    [​IMG] [​IMG][​IMG][​IMG]
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سنڌ سلامت جي منتظمين ۽ ميمبران کي سنڌ سلامت جا پورا پنج سال مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿو . دعا آهي ته ته سنڌ سلامت سدائين قائم دائم رهي ، آمين
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    فورم هلڻ ۽ نه هلڻ جي وڏي وجه آهي مُستقل مزاجي جيڪا ڪنهن ڪنهن وٽ هوندي آهي. سنڌ سلامت چند دوستن جي ذاتي وقت جي قُرباني ۽ اڻٿڪ ڪوششن جو نتيجو آهي جيڪا مُستقل مزاجي جي زور تي هلي ٿي پئي.
    ارادا ڪجن. اُميدون ٻڌجن. ساٿ ملي ته پورا ٿا ٿين ۽ ڪڏهن وري رهجيو وڃن. پر مايوسي جي گُناهه کان پاڻ بچائجي ته ڪم اڳي پوءِ ٿيو وڃي.
    واعدن ۾ منهنجو ذِڪر ڊڪشنري جي حوالي سان ٿيو. يقينن انهي ڪم ۾ دير ٿيڻ ۾ منهنجي ڪوتاهي شامل آهي ۽ گڏوگڏ ٽيڪنيڪل مسئلن ۾ جان ناهي ڇڏي. پر ايترو آهي جو هاڻي گهڻو پري ناهيون. اُميد آهي ته هي واعدو ٻيهر نه ورجائڻو پوندو ۽ ڪم اڳ ۾ ڪري وٺبو.
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اميد ته دوست سنڌ سلامت . ڪام کي مضبوط ۽ ڪارائتي بنائڻ جي لا پنهنجو قيمتي وقت ڏيندا رهندا .
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ڪليم کهڙو

    ڪليم کهڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جنوري 2013
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    247
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    دوستن کي ڳذآرش آهي ته سنڌ سلامت ريڊڙ جي ورزشن کي اپڊيٽ ڪن ڇو جو پرآڻو ورزشن ڳوڳل جي اپڊيٽ ورزشن سميت فيس بڪ جي نئين لڪ کي سپورٽ نه پيو ڪري ان لا۽ تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي آهي اڄ ڪلهه اميد ته ان مسئلي جو جلد کان جلد ڪو حل ڪڌنڌا مهرباني
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا انهيءَ سلسلي ۾ هي موضوع پڙهو
     
  18. ڪليم کهڙو

    ڪليم کهڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جنوري 2013
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    247
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا عبد الحفيظ صاحب اڄ مون سنڌ سلامت ريڊر ايڪسٽيشن کي ڊس ايبل ڪري ڏٽو ته ان کانپو۽ جيڪو اردو وآرو معاملو اکرن جي ڇڄي وڃڻ وآرو ان کان پو۽ اهو صحيح نظر پيو اچي. ان لا۽ دوستن کي عرص آ ته دوست ايڪسٽينشن ۾ اردو جي متعلق ٿيل اپڊيٽ کي نئين ڪنهن طريقي سان ٻولي جي حساب ساب اپڊيٽ ڪن ته بهتر ٿي ويندو.ان کان سوآ7 به ٻيا معاملا به آهن جيڪي اپڊيٽ ٿيڻا آهن ايڪسٽينشن ۾
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو