• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زيرِ زمين شھر (Underground City)

زاھد حيدر ملاح

سينيئر رڪن
جيتوڻيڪ اسان جنهن دنيا ۾ رھون ٿا سا پُراسرار ۽ تباھ شده شھرن، وستين، واھڻن ۽ انيڪ آثارن جي داستانن سان ڀري پئي آھي، مگر ترڪي ۾ 1963ع ۾ دريافت ٿيل "(Derinkuyu) ديرنڪويو انڊر گراؤنڊ سٽي‌ " نالي سان شھر تي آثارن جا ماھر اڌُ صدي کان تحقيق ڪري رھيا آھن ان جي باوجود ان شھر جي پُراسراريت تان پردو نه کڻي سگهيا آھن۔
qrdpa8.jpg


ترڪيءَ ۾ ان کي " جنات جو شھر " جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آھي، اندازً 50000 ھزار ماڻھن جي آبادي واري ھن شھر ۾ سطح زمين کان 11 منزل ھيٺ تائين عمارتون موجود آھن۔ سڀ کان ھيٺاھين منزل 85 ميٽر گهري آھي۔ ترڪي جي صوبي نوشھر جي وچ واري علائقي ديرنڪويو ۾ موجود زير زمين پُراسرار شھر تي نالي وارن عالمي ماھرن جي ٽيم تحقيق ڪري رھيا آھن۔ " جنات جي شھر " نالي سان مشھور زير زمين شھر دنيا جا سڀ کان وڌيڪ عجيب و غريب ۽ پُراسرار علائقو آھي۔ ماھرن جو چوڻ آھي ته ديرنڪويو جا زير زمين شھر اھرامِ مصر کان به وڌيڪ پُراسرار آھن۔ ھنن شھن کي ڪھڙي طريقي سان ٺاھيو ويو، ان باري ۾ ڪا به ڄاڻ حاصل نه ٿي سگهي آھي، ھي ھڪ راز آھي، جنهن تان اڃان پڙدو نه کنيو ويو آھي۔
20tot8z.jpg


ھن پُراسرار شھر جي دريافت ڪجھ ھن طرح ٿي، ھڪ مقامي شخص پنھنجو گهر ٺھرائڻ جي خاطر کوٽائي ڪري رھيو ھو ته ان دوران اُتان ھڪ وڏو پٿر نڪري آيو، ان پٿر کي ھٽايو ته اتان ھڪ ڏاڪڻ نظر آئي جيڪا ھيٺ گهرائي تائين وڃي رھي ھئي۔ ان شھريءَ جي ھمٿ نه ٿي جو پاڻ ان ڏاڪڻ تان ھيٺ لھي سگهي، ان شخص مقامي اختيارين کي ٻڌايو ته اعلي اختيارين جي طرفان ان شخص کي ٻي زمين الاٽ ڪري، ان زمين کي سرڪاري قرار ڏيئي ڇڏيو۔ ان کان پوءِ مقامي ماھرن جي ھڪ ٽيم انهن ڏاڪڻين کان ھيٺ لٿا ته انھن جي حيرت جي ڪا انتحا نه رھي، ڇاڪاڻ جو انھن کي ھڪ عظيم الشان شھر نظر آيو۔
2qd2zxh.jpg


ان شھر جي دريافت کان وٺي ھن وقت تائين ان تي تحقيق جاري آھي ۽ تحقيقي ماھرن جي جديد تحقيق سان اھو انڪشاف ٿيو آھي ته ھي شھر ستين صدي قبل مسيح ۾ تعمير ڪيو ويو ھو۔ ھن شھر ۾ سطح زمين کان 11 منزل ھيٺ گهرائي ۾ عمارتون موجود آھن۔ سڀ کان ھيٺاھين منزل 85 ميٽر گهري آھي۔ ھن شھر ۾ لائيو اسٽاڪ (پالتو جانور جھڙوڪ؛ مينهن، ڳئون ، رڍون ، ٻڪريون وغيره) گهوڙن جي لاءِ اصطبل ، عبادت گاھون ، گودام ، مارڪيٽون ۽ شراب جي فيڪٽري موجود آھن۔
29eb0z.jpg

ان کان علاوه شھر واسين زندگي جي ضرورتن جي ھر شيءَ جو بھترين انتظام ڪري رکيو ھو۔ ھر منزل تي ننڍا ننڍا عبادت خانن کان علاوه ھڪ وڏو مرڪزي عبادت خانو به موجود ھو۔ جيڪو ڏاڪڻين کان ھيٺ لھندي ٻي منزل تي ٺاھيو ويو ھو۔
16ly6xl.jpg

ماھرن جو چوڻ آھي ته، 35 کان 50 ھزار ماڻھو منظم طريقي سان رھيل ھئا۔ شھر ۾ روشني ۽ ھوا جي خاطر ڪئي جڳھين تي وڏا روشن دان ۽ ھوا دان ٺاھيا ويا ھئا۔ جڏهن ماھرن ان شھر جي مختلف حصن کان ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ته 11 جڳهين تي ھوا جي آمدورفت جي لاءِ کوٽيل وڏيون سرنگون پڻ مليو آھن۔ جن جي دروازن کي اندرين پاسي کان وڏا پٿر ڏيئي بند ڪيو ويو ھو۔ 55 ميٽرن کان وڌيڪ ڊگهيون سرنگون جا منهن اھڙن علائقن ۾ موجود آھن جيڪي ھوا جي رُخ تي آھن ۽ جتان ھوا آساني سان اندر اچي سگهي۔ انهن 11 سرنگن کان علاوه ماھرن کي زمين جي تھ کان ٻاھر نڪتل 15 ھزار سوراخ پڻ مليا آھن۔ ھوا ۽ روشني جي حصول خاطر ٺاھيل انھن سوراخن کي پڻ وڏا پٿر ڏيئي بند ڪيو ويو ھو۔ شروع ۾ ته ان شھر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ صرف ھڪ رستو دريافت ٿيو ھو۔ پر تحقيقي ٽيمن جي ڳولا کان پوءِ ڪئي دروزا دريافت ٿيا آھن۔
5koara.jpg

انھن تمام دروازن کي ھڪ کان ڏيڍ ميٽر ڊيگھ ۽ 30 کان 50 سينٽي ميٽر ويڪرن پٿرن سان بند ڪيو ويو ھو۔ جن جو وزن 200 کان 500 ڪلو گرام آھي۔ پٿرن جا اھي در اندران بند ڪيا ويا ھُئا۔ انھن پٿر کي اھڙي نموني سان ٺاھيو ويو ھو جو آسانيءَ سان کولي ۽ بند ڪري سگهبا ھئا۔ تحقيق جي دوران ھڪ عام ماڻھوءَ جي معمولي ڌڪي سان وزني پٿرن جا دروازا کلي ويا ھئا۔ زير زمين شھر تعمير ڪرن جي لاءِ اھڙي علائقي جي چونڊ ڪئي ويئي ھئي جنهن جو اندروني حصو مظبوط پٿر تي مشتمل ھو۔
or8hvp.jpg

ماھرن جو چوڻ آھي ته ايترن وڏن پٿرن کي ڪٽي شھر تعمير ڪرڻ انساني وس کان ٻاھر آھي، جنهن سان مقامي ڏند ڪٿائن کي ھٿي ملي ٿي ته ھن شھر کي جنات تعمير ڪيو ھو۔ ان جي ڪري مقامي ماڻھو ان کي " جنات جو شھر " جي نالي سڏين ٿا۔ مگر ماھرن مختلف تاريخي حوالن سان چون ٿا ته، ان شھر جي تعمير جي ابتدا ستين صدي قبل مسيح کا ٿئي ٿي۔ ڦائروگينز نامي قبيلي جي تمام ڊگهن ماڻهن کان ڪم ڪرائي تعمير ڪيو ويو ھو۔ جيڪي ان زماني ۾ ترڪي ۾ آباد ھئا۔ ان کان پوءِ " الوخمينونيه سلطنت " جي دور ۾ ڪم مڪمل ٿيو ھو۔
zlt6y8.jpg

ان علائقي ۾ ٻيا به زيرزمين شھر آباد ھئا جن کي سرنگن جي ذريعي سان ھڪ ٻي سان ڳنڍيو ويو ھو۔ زير زمين ايتري وڏي تعداد ۾ ماڻهن جو زندگي گذارڻ حيرت انگيز آھي پر ان کان به وڌيڪ حيرت ان قسم جي شھرن جي تعمير آھي، ترڪيءَ ۾ اھڙن 200 شھرن جا آثار مليا آھن۔ ماھرن جي دعويٰ آھي ته ھي شھر ڏھين صدي عيسوي تائين آباد ھئا۔ جنهن کان پوءِ نامعلوم ڪارڻن جي ڪري انھن کي بند ڪيو ويو۔ ھن پُراسرار شھر جي دريافت ٿيڻ کان پوء مسلسل 6 سالن تائين تحقيق جاري رھي، پر ڪي به خاص نتيجا نه نڪري سگهيا تنهن کان پوءِ تُرڪ حڪومت 1969ع ۾ ان کي سياحن جي لاءِ کولي ڇڏيو۔
66kkd1.jpg

مختلف مؤرخن جي خيال مطابق وڏي عرصي تائين رومي فوجين ۽ قبائلي حملا آورن کان بچڻ جي لاءِ ماڻھو ان علائقي ۾ لڪندا رھيا آھن۔ انومان آھي ته انهن ماڻھن ئي زير زمين شھر تعمير ڪيا ھئا۔ زرتشتي (Zoroastrianism) تاريخ جي ڪتاب Vendidad ۾ به ھن خطي ۾ موجود اھڙن زير زمين شھرن جو ذڪر موجود آھي۔ جنهن کي پناھ گيرن جي رھائش جي لاءِ ٺاھيا ويا ھئا، مگر ماھرن کي ان حوالي سان ڪي به ثبوت ناھن ملي سگهيا۔ شھر جي مختلف ديوارن تي عجيب و غريب اکر لکيل آھن، جيڪا ڪنهن اجنبي ٻولي جا آھن۔ حيراني جي ڳالھ ته ايتري وڏي شھر ۾ ڪو به قبرستان ناھي ۽ نه وري ڪنهن انسان جي باقيات ملي آھي۔
bg1g82.jpg

♦ ♦ ♦ ♦

 
عبدالغني لوهار سائين زاهد حيدر ملاح جي لکيل بهترين ليک ۾ ٽيگ ڪري اڳي جيان وري لکڻ تي زور ڀريو آهي ۽ وري گهُمڻ تي زور ڀريو اٿئو. سائين لکڻ جو شؤق پورو ڪبو آهي وقت ۽ فراغت سان جيڪا ڪُجهه ڏينهن کان صفا ناهي. پنهنجي ڪم کان علاوه هتي تُرڪي ۾ تحقيق جي دُنيا ۾ آيل نون شاگردن جي مدد ڪرڻ جي چڪر ۾ ايتري هڻ وٺ رهي ٿي جو خبر ئي نه ٿي پئي وقت ڪيئن گُذري ويو.
خير ڳالهه هٿن مان نه وڃڻ ڏبي، موسم سُٺي ٿي وئي آهي هاڻي. ڇو ته سردي جو اُهو زور هاڻي ڪونهي. اوهان جنهن پاسي جو چئو پيا اُنهي پاسي رمضان واري عيد تي يا انهي کان پوءِ وڃڻ جو پروگرام آهي. هيٺ نقشي ۾ ڏسي سگهو ٿا ته هتان اهو هنڌ ويجهو ناهي پر ايڏو پري به ناهي. پروگرام ايئن آهي ته انشاالله هتان وڃبو تُرڪي جي دِل ڪيسري. جيڪو ڏسڻ وتان شهر آهي. انهي کان پوءِ ڪونيا جيڪو مولانا رومي جو شهر آهي. وچ ۾ نوشير اچي ٿو جتان 30 ڪلوميٽر جي فاصلي تي لنڪ روڊ تي اهو پُراسرار شهر آهي جيڪو ڏسي وٺبو. ڪونيا کان پوءِ ڏکڻ دنگ تي مرسِن ۽ ادانا شهر لڳ ميڊيٽيرين سمنڊ ۾ ٽُٻيون هڻي تڙ ڪرڻ جو به رِٿيو ويٺا آهيون بس جيڪو نصيب.

jG4BkmjqLp5bL.jpg
 
جيتوڻيڪ اسان جنهن دنيا ۾ رھون ٿا سا پُراسرار ۽ تباھ شده شھرن، وستين، واھڻن ۽ انيڪ آثارن جي داستانن سان ڀري پئي آھي، مگر ترڪي ۾ 1963ع ۾ دريافت ٿيل "(Derinkuyu) ديرنڪويو انڊر گراؤنڊ سٽي‌ " نالي سان شھر تي آثارن جا ماھر اڌُ صدي کان تحقيق ڪري رھيا آھن ان جي باوجود ان شھر جي پُراسراريت تان پردو نه کڻي سگهيا آھن۔
qrdpa8.jpg


ترڪيءَ ۾ ان کي " جنات جو شھر " جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آھي، اندازً 50000 ھزار ماڻھن جي آبادي واري ھن شھر ۾ سطح زمين کان 11 منزل ھيٺ تائين عمارتون موجود آھن۔ سڀ کان ھيٺاھين منزل 85 ميٽر گهري آھي۔ ترڪي جي صوبي نوشھر جي وچ واري علائقي ديرنڪويو ۾ موجود زير زمين پُراسرار شھر تي نالي وارن عالمي ماھرن جي ٽيم تحقيق ڪري رھيا آھن۔ " جنات جي شھر " نالي سان مشھور زير زمين شھر دنيا جا سڀ کان وڌيڪ عجيب و غريب ۽ پُراسرار علائقو آھي۔ ماھرن جو چوڻ آھي ته ديرنڪويو جا زير زمين شھر اھرامِ مصر کان به وڌيڪ پُراسرار آھن۔ ھنن شھن کي ڪھڙي طريقي سان ٺاھيو ويو، ان باري ۾ ڪا به ڄاڻ حاصل نه ٿي سگهي آھي، ھي ھڪ راز آھي، جنهن تان اڃان پڙدو نه کنيو ويو آھي۔
20tot8z.jpg


ھن پُراسرار شھر جي دريافت ڪجھ ھن طرح ٿي، ھڪ مقامي شخص پنھنجو گهر ٺھرائڻ جي خاطر کوٽائي ڪري رھيو ھو ته ان دوران اُتان ھڪ وڏو پٿر نڪري آيو، ان پٿر کي ھٽايو ته اتان ھڪ ڏاڪڻ نظر آئي جيڪا ھيٺ گهرائي تائين وڃي رھي ھئي۔ ان شھريءَ جي ھمٿ نه ٿي جو پاڻ ان ڏاڪڻ تان ھيٺ لھي سگهي، ان شخص مقامي اختيارين کي ٻڌايو ته اعلي اختيارين جي طرفان ان شخص کي ٻي زمين الاٽ ڪري، ان زمين کي سرڪاري قرار ڏيئي ڇڏيو۔ ان کان پوءِ مقامي ماھرن جي ھڪ ٽيم انهن ڏاڪڻين کان ھيٺ لٿا ته انھن جي حيرت جي ڪا انتحا نه رھي، ڇاڪاڻ جو انھن کي ھڪ عظيم الشان شھر نظر آيو۔
2qd2zxh.jpg


ان شھر جي دريافت کان وٺي ھن وقت تائين ان تي تحقيق جاري آھي ۽ تحقيقي ماھرن جي جديد تحقيق سان اھو انڪشاف ٿيو آھي ته ھي شھر ستين صدي قبل مسيح ۾ تعمير ڪيو ويو ھو۔ ھن شھر ۾ سطح زمين کان 11 منزل ھيٺ گهرائي ۾ عمارتون موجود آھن۔ سڀ کان ھيٺاھين منزل 85 ميٽر گهري آھي۔ ھن شھر ۾ لائيو اسٽاڪ (پالتو جانور جھڙوڪ؛ مينهن، ڳئون ، رڍون ، ٻڪريون وغيره) گهوڙن جي لاءِ اصطبل ، عبادت گاھون ، گودام ، مارڪيٽون ۽ شراب جي فيڪٽري موجود آھن۔
29eb0z.jpg

ان کان علاوه شھر واسين زندگي جي ضرورتن جي ھر شيءَ جو بھترين انتظام ڪري رکيو ھو۔ ھر منزل تي ننڍا ننڍا عبادت خانن کان علاوه ھڪ وڏو مرڪزي عبادت خانو به موجود ھو۔ جيڪو ڏاڪڻين کان ھيٺ لھندي ٻي منزل تي ٺاھيو ويو ھو۔
16ly6xl.jpg

ماھرن جو چوڻ آھي ته، 35 کان 50 ھزار ماڻھو منظم طريقي سان رھيل ھئا۔ شھر ۾ روشني ۽ ھوا جي خاطر ڪئي جڳھين تي وڏا روشن دان ۽ ھوا دان ٺاھيا ويا ھئا۔ جڏهن ماھرن ان شھر جي مختلف حصن کان ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ته 11 جڳهين تي ھوا جي آمدورفت جي لاءِ کوٽيل وڏيون سرنگون پڻ مليو آھن۔ جن جي دروازن کي اندرين پاسي کان وڏا پٿر ڏيئي بند ڪيو ويو ھو۔ 55 ميٽرن کان وڌيڪ ڊگهيون سرنگون جا منهن اھڙن علائقن ۾ موجود آھن جيڪي ھوا جي رُخ تي آھن ۽ جتان ھوا آساني سان اندر اچي سگهي۔ انهن 11 سرنگن کان علاوه ماھرن کي زمين جي تھ کان ٻاھر نڪتل 15 ھزار سوراخ پڻ مليا آھن۔ ھوا ۽ روشني جي حصول خاطر ٺاھيل انھن سوراخن کي پڻ وڏا پٿر ڏيئي بند ڪيو ويو ھو۔ شروع ۾ ته ان شھر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ صرف ھڪ رستو دريافت ٿيو ھو۔ پر تحقيقي ٽيمن جي ڳولا کان پوءِ ڪئي دروزا دريافت ٿيا آھن۔
5koara.jpg

انھن تمام دروازن کي ھڪ کان ڏيڍ ميٽر ڊيگھ ۽ 30 کان 50 سينٽي ميٽر ويڪرن پٿرن سان بند ڪيو ويو ھو۔ جن جو وزن 200 کان 500 ڪلو گرام آھي۔ پٿرن جا اھي در اندران بند ڪيا ويا ھُئا۔ انھن پٿر کي اھڙي نموني سان ٺاھيو ويو ھو جو آسانيءَ سان کولي ۽ بند ڪري سگهبا ھئا۔ تحقيق جي دوران ھڪ عام ماڻھوءَ جي معمولي ڌڪي سان وزني پٿرن جا دروازا کلي ويا ھئا۔ زير زمين شھر تعمير ڪرن جي لاءِ اھڙي علائقي جي چونڊ ڪئي ويئي ھئي جنهن جو اندروني حصو مظبوط پٿر تي مشتمل ھو۔
or8hvp.jpg

ماھرن جو چوڻ آھي ته ايترن وڏن پٿرن کي ڪٽي شھر تعمير ڪرڻ انساني وس کان ٻاھر آھي، جنهن سان مقامي ڏند ڪٿائن کي ھٿي ملي ٿي ته ھن شھر کي جنات تعمير ڪيو ھو۔ ان جي ڪري مقامي ماڻھو ان کي " جنات جو شھر " جي نالي سڏين ٿا۔ مگر ماھرن مختلف تاريخي حوالن سان چون ٿا ته، ان شھر جي تعمير جي ابتدا ستين صدي قبل مسيح کا ٿئي ٿي۔ ڦائروگينز نامي قبيلي جي تمام ڊگهن ماڻهن کان ڪم ڪرائي تعمير ڪيو ويو ھو۔ جيڪي ان زماني ۾ ترڪي ۾ آباد ھئا۔ ان کان پوءِ " الوخمينونيه سلطنت " جي دور ۾ ڪم مڪمل ٿيو ھو۔
zlt6y8.jpg

ان علائقي ۾ ٻيا به زيرزمين شھر آباد ھئا جن کي سرنگن جي ذريعي سان ھڪ ٻي سان ڳنڍيو ويو ھو۔ زير زمين ايتري وڏي تعداد ۾ ماڻهن جو زندگي گذارڻ حيرت انگيز آھي پر ان کان به وڌيڪ حيرت ان قسم جي شھرن جي تعمير آھي، ترڪيءَ ۾ اھڙن 200 شھرن جا آثار مليا آھن۔ ماھرن جي دعويٰ آھي ته ھي شھر ڏھين صدي عيسوي تائين آباد ھئا۔ جنهن کان پوءِ نامعلوم ڪارڻن جي ڪري انھن کي بند ڪيو ويو۔ ھن پُراسرار شھر جي دريافت ٿيڻ کان پوء مسلسل 6 سالن تائين تحقيق جاري رھي، پر ڪي به خاص نتيجا نه نڪري سگهيا تنهن کان پوءِ تُرڪ حڪومت 1969ع ۾ ان کي سياحن جي لاءِ کولي ڇڏيو۔
66kkd1.jpg

مختلف مؤرخن جي خيال مطابق وڏي عرصي تائين رومي فوجين ۽ قبائلي حملا آورن کان بچڻ جي لاءِ ماڻھو ان علائقي ۾ لڪندا رھيا آھن۔ انومان آھي ته انهن ماڻھن ئي زير زمين شھر تعمير ڪيا ھئا۔ زرتشتي (Zoroastrianism) تاريخ جي ڪتاب Vendidad ۾ به ھن خطي ۾ موجود اھڙن زير زمين شھرن جو ذڪر موجود آھي۔ جنهن کي پناھ گيرن جي رھائش جي لاءِ ٺاھيا ويا ھئا، مگر ماھرن کي ان حوالي سان ڪي به ثبوت ناھن ملي سگهيا۔ شھر جي مختلف ديوارن تي عجيب و غريب اکر لکيل آھن، جيڪا ڪنهن اجنبي ٻولي جا آھن۔ حيراني جي ڳالھ ته ايتري وڏي شھر ۾ ڪو به قبرستان ناھي ۽ نه وري ڪنهن انسان جي باقيات ملي آھي۔
bg1g82.jpg

♦ ♦ ♦ ♦
واقعي ئي حيرت انگيز شهر آهي، جس آهي انهن کي جن هي شهر ٺاهيو
 
انسان ھميشه پنهنجي بچاءُ لاءِ اھڙا قدم کڻندو رھيو آھي، جيڪي اچرج ۾ وجھيو ڇڏين . انھن مان ھڪ مثال اوھان اڳيان پيش ڪيو ويو آھي ۽ اڃا اڻڄاڻ ته ڪيترا عجوبا اسان جي اکين اڳيان گذريا ناھن.
 
Back
Top